رانديون

پاڪستان خلاف سيريز لاءِ افغان اسڪواڊ جو اعلان، راشد خان ڪپتان مقرر

پاڪستان خلاف ٽي 20 سيريز ۾ افغانستان جي 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سيليڪٽرز پاران اعلان ڪيل اسڪواڊ جي ڪپتان لاءِ اسپنر راشد خان کي ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، اسڪواڊ ۾ محمد نبي پڻ واپسي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق افغانستان جو 16 رڪني اسڪواڊ 24 مارچ کان شارجا ۾ شروع ٿيندڙ ٽي 20 سيريز کيڏندو، جنهن جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. افغانستان بورڊ جي اعلانيل اسڪواڊ ۾ ڪپتان راشد خان هوندو، رانديگرن ۾ رحمان الله گرباز، ابراهيم گرباز، عثمان غني، صديق الله اٽل، نجيب زردان، ڪريم جنت، عظمت الله عمرزئي، افسر زئي، گلبدين نائب، شرافت دين، نور احمد، مجيب الرحمان، فضل الحق فاروق، فريد الملڪ ۽ نوين الحق کي شامل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پاڪستان جي ٽيم شاداب خان جي ڪپتاني ۾ ٽي 20 سيريز کيڏڻ جي حوالي سان افغانستان رواني ٿي رهي آهي، جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ 24 مارچ تي پهريون، 26 مارچ تي ٻيون ۽ 27 مارچ تي ٽيون ٽي 20 ميچ کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button