رانديون

ويسٽرن آسٽريليا هڪ ڀيرو ٻيهر شيفيلڊ شيلڊ ٽرافي کٽي ورتي

آسٽريليا جي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ويسٽرن آسٽريليا هڪ ڀيرو ٻيهر شيفيلڊ شيلڊ ٽرافي کٽي ورتي آهي، جنهن ۾ وڪٽوريا کي شڪست ملي آهي. ميڊيا مطابق فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ وڪٽوريا کي 9 وڪيٽن تان ويسٽرن آسٽريليا شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي. وڪٽوريا جي بيٽرن پهرين اننگز ۾ 195 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ايشلي چندرا سنگهي 46، ميٿيو شارٽ 36، مچل پيري 33 رنسون ٺاهيون، ويسٽرن جي بالر ايرون هارڊي، جوئل پيرس، ميٿيو ڪيلي ۽ لينس مورس 3 وڪيٽون ورتيون، اهڙي ريت ويسٽرن جي بيٽرن 315 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ آشٽن ٽرنر 128 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي، وڪٽوريا جي ول سودرلينڊ 5 وڪيٽون ورتيون آهن. جڏهن تھ ٻي اننگز ۾ وڪٽوريا 210 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن جي موٽ ۾ ويسٽرن 93 رنسون ٺاهي هدف پورو ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button