ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪھاڻين جو شھر: پوسٽ ماڊرنزم ۽ اظھار جي آزادي-II

Editorial-Article- Mubark Lashari

ناول جو راوي پنھنجن ٻڌندڙن کي گڏ کڻي ھلي ٿو ۽ انھن سان صلاح مشورو بھ ڪندو ھلي ٿو ۽ نئريٽو ٽيڪنيڪ مطابق ھلندي جادوئي طرح ھلندڙ ڪھاڻين مان ٻاھر نڪري اچي ٿو. اھو عمل اھڙي آرٽسٽڪ انداز ۾ ٿئي ٿو جو پڙھندڙ بھ جيڪو ھڪ طرح نئريٽي بھ ھوندو آھي پر ڪھاڻيءَ ۾ موجود نئريٽي (يعني ڪھاڻي ٻڌندڙ) سان گڏ پاڻ کي محسوس ڪندو آھي ڄڻ تھ اھي نئريٽي جيڪي ڪھاڻيءَ ۾ موجود آھن ۽ ٻئي ليول تي اھي نئريٽي جيڪي ناول پڙھي رھيا آھن ھڪ ئي آڊيئنس ٿي ويندا آھن. ڄڻ تھ اسين يعني پڙھندڙ بھ انھي صلاح مشوري جو حصو محسوس ٿيندا آھيون. اسين سڀ جھڙوڪ راوي جي ڪھاڻيءَ جا ساٿاري آھيون، جيئن مچ ڪچھريءَ ۾ باهه جي چوڌاري ويھي ڪھاڻيون بھ ٻڌون ٿا، سوال بھ ڪريون ٿا، تجزيو ۽ تبصرو بھ ڪريون ٿا، راوي سان سھمت بھ ٿيون ٿا اختلاف بھ ڪريون ٿا ۽ راوي بھ اسان جي سوچ، بيانيي سان اختلاف يا بيانيي سان سھمت جو عنصر سلھاڙي ناول جي ڪھاڻين جو حصو رھون ٿا. مثال طور
“ھڪ راوي طور منھنجا ڪجھه فرض آھن. سڀ کان پھرين ڪھاڻيءَ جو زمان ۽ مڪان واضح ڪريان ۽ ان کانپوءِ پنھنجي مُک ڪردار (ھن مھل اُھي اوھين آھيو)کي چڱي ريت بيان ڪريان، جيئن ڪوبھ مونجھارو باقي نھ رھي” ص. 09.
جديد نئريٽو ٽيڪنيڪ موجب مٿي ٽڪري ۾ اسان کي نئريٽو ٽيڪنيڪ، ميٽافڪشن، ڪردارنگاري جھڙيون علامت سمايل آھن.” ھڪ راوي طور منھنجو فرض آھي….واري جملي ۾ نئريٽر جو کُلي ڪري سامھون اچي ٻڌائڻ تھ آئون ڪھاڻي ٻڌائي رھيو آھيان، جديد ٽيڪنيڪ جو ھڪ مثال آھي نھ تھ روايتي ڪھاڻي نويسيءَ ۾ ڪير پيو ڪھاڻي ٻڌائي، ان جي حيثيت ڪھاڻي ۾ ڪھڙي آھي، ان جي ايپروچ ڇا آھي، ڪھڙي قسم جو نئريٽر آھي، اھي سڀ عنصر ڳجھا ۽ اڻ چٽا ھوندا آھن، جيڪي بظاھر ليکڪ پاڻ ئي ھوندا آھن پر پردي پٺيان ھجڻ جي گنجائش مان فائدو وٺي جيڪو ليکڪ جي ڄاڻ يا سوچ ۾ موجود ھوندو آھي، اھو پڙھندڙن تي ٿاڦيندا آھن ۽ ھميشھ ڳجهھ ڳوهه جو فائدو کڻي گم ٿي ويندا آھن. جيڪڏھن اھڙين روايتي ڪھاڻين ۾ سٺي ڳالهھ ھوندي آھي يا پڙھندڙن ۾ پاپولر ٿي ويندي آھي تھ ليکڪ ان جو ڪريڊٽ کڻندي خوشي محسوس ڪندا آھن ۽ جيڪڏھن ڪا اڻ وڻندڙ ڳالھه يا غير مقبول ڳالھه ٿي ويندي آھي تھ چوندا آھن تھ اھو تھ صرف ھڪ فڪشن آھي ۽ فڪشن جو ڪردار ڪجھه بھ چئي يا سوچي سگھي ٿو، پر اھو واضح نھ ڪندا آھن تھ نئريٽر پاڻ ڇا ٿي ڪجهھ ٻڌائي رھيو آھي؟ ٻي ڳالھه جڏھن نئريٽر راوي جي فرضن جي ڳالھه ڪندو آھي تھ اھو ميٽافڪشن جو حصو ٿي ويندو آھي يعني راوي ڪھاڻي بھ ٻڌائي ٿو تھ راوي جي فرضن جو احاطو بھ ڪري ٿو، راوي جو ڪردار بھ ٻڌائي ٿو (جنھن سان ڀلي اختلاف بھ ڪري سگھجي ٿو.) ھتي سوال ٿو ٿئي ٿو تھ مختصرن ميٽافڪشن ڇا آھي؟ Metafiction ڇا آهي؟
ميٽافڪشن هڪ خود شعوري ادبي اسلوب آهي جنهن ۾ ڪهاڻيڪار يا ڪردارن کي خبر هوندي آهي ته اهي افسانوي ڪم جو حصو آهن. گهڻو ڪري پوسٽ ماڊرن نثر سان تمام گهڻو ويجھو تعلق رکي ٿو. ميٽافڪشن ۾ معياري داستاني روايتن کان ھٽي بيھڻ جو نالو آھي، جنهن ۾ هڪ خود آگاهه ڪهاڻيڪار پنهنجي نقطه نظر کي متن ۾ داخل ڪري هڪ افسانوي ڪم ٺاهي ٿو، جيڪو افسانن تي تبصرو ڪري ٿو. هن قسم جون افسانوي لکڻيون ناول، مختصر ڪهاڻيون، ڊراما، ويڊيو گيمز، فلم ۽ ٽيليويزن ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿيون. شعوري طور ڪھاڻيءَ ۾ موجود ھجڻ يا خودآگاھي طور راوي ٿي قصو ٻڌائڻ سان گڏ ڪھاڻي نويسي جو پيراميٽر بھ بحث ھيٺ آڻڻ ميٽافڪشن جو حصو آھي. عام طور تي پوسٽ ماڊرن ميٽافڪشن جون ٽي خاصيتون عام کڻيون وينديون آھن جيڪي ھي آھن؛
3 Characteristics of Metafiction
Metafiction is often distinguishable by a few key characteristics. Here are some common features of metafiction.

  1. Breaking the fourth wall: Breaking this boundary between writer and reader blurs the lines between real life and fiction. Metafiction often directly addresses the reader, openly questioning the narrator’s own story.
  2. Self-reflexive: Authors use self-reflexivity, or self-consciousness, to reflect on their own artistic processes, drawing the audience’s attention away from the story and allowing them to question the content of the text itself.
  3. Experimental: Metafiction is often experimental in nature, fusing a number of different techniques together to create an unconventional narrative. Metafiction can also experiment with the role of the narrator and their relationship to the fictional characters in the story.
    انھن خاصيتن موجب پھرين سطح تي ليکڪ ۽ پڙھندڙن جي وچ واري ديوار کي ختم ڪري افسانوي ۽ حقيقي زندگيءَ کي ڇاڻي الڳ الڳ ڪري بيان ڪجي ٿو. ميٽافڪشن سڌي ريت پڙھندڙن سان مخاطب ٿي راوي جي ڪھاڻي متعلق سوال ڪري ٿو. ليکڪ اھڙي فڪشن ۾ خود کي ظاھر ڪرڻ يعني اولڙو پيش ڪرڻ يا خودشعوري طور پنھنجي ڪھاڻيءَ جي طريقي متعلق ٻڌائي ٿو ۽ ڪھاڻيءَ جي متن يا لکڻي متعلق پڇي ٿو ۽ ليکڪ ميٽافڪشن ۾ ڪھاڻي يا ڪردار يا ٻين طريقن متعلق تجربا ڪري ٿو ۽ نوان انداز اپنائي ٿو. ڪليم ٻُٽ جي ڪھاڻين جي شھر جو جملو جيڪو ص 9 تان کنيل آھي، ان ۾ سموريون ڳالھيون اچي وڃن ٿيون، جھڙوڪ راوي، نئريٽو انداز، خودآگاھي وارو بيان، زمان ۽ مڪان، ڪردارنگاري شامل آھن. ڪھاڻين جي شھر جو زمان ۽ مڪان ھوبھو تھ ڪو بيان ٿيل نھ آھي پر انھن شين کي پڙھندڙ پنھنجي تصوراتي دنيا موجب ڀيٽي سمجھي سگھن ٿا، جھڙوڪ استاد ڪھاڻيڪار، استاد بھزاد، مھاڪاڻيڪار، بابا دي بلڊر، بونو، افسر ۽ مڪانن ۾ ورنا نگر، ريشم نگر، درواڙ تھذيب وغيره شامل آھن. جن کي پڙھندڙ پنھنجي پنھنجي سمجھه ۽ تصور جي طاقت سان سمجھي سگھن ٿا. جيرالڊ جينيٽ موجب نئريٽو ٽائيم؛
    “گھڙيءَ جو وقت ھڪ تسلسل ۾ ۽ سڌي قطار ۾ آھي؛ اهو هڪ طرف مسلسل حرڪت ڪري ٿو. گھڙيءَ جي وقت جي ابتڙ، نئريٽو ٽائيم ان وقت ڏانهن اشارو ڪري ٿو جيڪو ڪهاڻي ٻڌائڻ ۾ وٺندو آهي. ڪهاڻيڪار وڏي تفصيل سان شين کي بيان ڪندي يا سڀني ڳالهين کي رپورٽ ڪندي واقعن جي ظاهر ٿيڻ کي سست يا آھستھ ڪري سگهي ٿو. راوي به ڏينهن ۽ سالن کي جلدي ڍڪي سگهي ٿو. واقعن جو اختصار ڪري يا ختم ڪري ٿو. ڪهاڻي فليش بئڪ يا فليش فارورڊ ذريعي به اڳتي ۽ پوئتي حال کان ماضي يا مستقبل ڏانهن منتقل ٿي سگهي ٿي. واقعن جو تسلسل ڪهاڻيءَ جي پيشڪش ۽ تجربي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو، ۽ اسان ان تي ٻيهر غور ڪنداسين جڏهن اسان پلاٽ تي نظر وجهنداسين.” [1] Gérard Genette, Narrative Discourse: An Essay in Method, translated by Jane E. Lewin (Ithaca, NY: Cornell University Press, 1980) 33-34.
    ايئن ڪليم ٻٽ جي ناول جي ڪھاڻيءَ ۾ بھ اھا اڻت موجود آھي. مثال طور سڀ کان پھرين ھو “شروع شروع ۾…” بلڪل پوئتي ھليو ٿو وڃي. وري “جلاوطني” واري باب ۾ موٽي اچي راوي جو ڪردار ادا ڪري ٿو، جتان کان ئي ڪھاڻي صرف شروع نٿي ٿئي پر ڪھاڻيءَ جي سموري نئريٽو تي ھڪڙو بحث شروع ٿئي ٿو ۽ اتان نئريٽو ٽائيم ۽ نئريٽو پليس يعني مڪان جو ڦيرو بھ شروع ٿئي ٿو. مٿئين صفحي نمبر 9 جي ڪوٽ ڪيل جملن ۾ “مک ڪردار” جي ڳالھه بھ ٿيل آھي جنھن ۾ چيل آھي تھ ھن ڪھاڻيءَ جا مک ڪردار اوھان آھيو، يعني ريڊر جيڪو ھن ناول ۾ ٻٽو نئريٽي آھي، ھڪڙو جيڪو ڪھاڻي ۾ موجود نئريٽي آھي، ٻيو جيڪو ناول پڙھي ٿو اھو نئريٽي آھي.
    (ھلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button