ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اٽي لپ لاءِ مرندڙ ماڻهو

Editorial

أپنجاب حڪومت پاران عوام لاءِ اڄڪلهه مفت اٽي جا اسٽال قائم ڪيا ويا آهن، جتان غريب ۽ بي پهچ عوام مفت اٽو وٺڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطار ۾ بيهي پنهنجي واري جو انتظار ڪري ٿو. پر ڇا اهو ضروري آهي ته ماڻهن کي مفت ۾ اٽو فراهم ڪيو وڃي. جڏهن ته عوام سستي اٽي جو مطالبو ڪندو آهي. ان جي مرضي آهي ته سستو اٽو عزت ڀريي طريقي سان ان کي ڏنو وڃي. پر ملڪ ۾ اٽو ايترو ته مهانگو ٿي ويو آهي جو عوام لاءِ ڪلو اٽو خريد ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. نتيجي ۾ اهو قطارن ۾لڳي ٿو ۽ اتي ماڻهن جي پيرن هيٺيان لتاڙجي مارجي وڃي ٿو. تنهن هوندي به عوام مفت ۾ ملندڙ اٽي جي ڪري پنهنجي حياتيءَ جي پرواهه نٿو ڪري ڇاڪاڻ ته هن کي خبر آهي ته هو ڪنهن به ريت مهانگو اٽو خريد نٿو ڪري سگهي. اٽي جي قطار ۾ بيهي جيڪڏهن هو پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ٿو ته ان جو هڪڙو ئي سبب آهي ته هو پنهنجن ٻچن کي بک نٿو مارڻ چاهي. نتيجي ۾ اٽي لاءِ هو ٻين غريب ماڻهن جي پيرن هيٺ لتاڙجي مارجي وڃي ٿو پر اٽي لپ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڪالهه به هڪ اهڙي ئي خبر پورٽ ٿي آهي، جنهن موجب مفت اٽي واري ورهاست ۾ ڀاڄ سبب ٻه ماڻهو مارجي ويا آهن.
پنجاب ۾ مفت اٽي جي ورهاست دوران بدنظمي ۽ ڀاڄ جي نتيجي ۾ وڌيڪ 2 حياتيون ضايع ٿي ويون. ڀڪر جي يونين ڪائونسل نوٽڪ ۾ مفت اٽو حاصل ڪرڻ خاطر 66 ورهين جو الاهي بخش اسر ويل يوسي آفيس پهتو هو، جڏهن ته قطار ۾ بيهي اٽو وٺڻ بعد اوچتو هيٺ ڪري پيو، ريسڪيو عملدارن موجب الاهي بخش کي دل جو دورو پيو ۽ سندس حالت خراب ٿي پئي، طبي امداد فراهم ڪرڻ تائين هو فوت ٿي چڪو هو، ڊپٽي ڪمشنر واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ٻئي طرف مظفر ڳڙهه ۾ مفت اٽي جي پوائنٽ تي ڀاڄ سبب پيرسن عورت فوت ٿي وئي. پوليس موجب جتوئي تعلقي ۾ عورت مقامي ميرج هال ۾ قائم اٽي جي پوائنٽ تي گيٽ کلڻ جو انتظار ڪري رهي هئي، گيٽ کلڻ تي ڀاڄ سبب هوءَ ڪِري زخمي ٿي پئي. پوليس ٻڌايو ته 60 ورهين جي عورت کي ريسڪيو اهلڪارن اسپتال پهچايو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو. ڊپٽي ڪمشنر عباس جعفري واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هن طريقي سان حڪومت عوام کي اٽو فراهم ڪري رهي آهي ته پوءِ لازمي طور ماڻهو مرندا ۽ انهن کي ڪير به بچائي نه سگهندو. پر سوال اهو آهي ته عوام کي اٽو مفت ڇو ٿو ڏنو وڃي. جيڪڏهن ان ئي اٽي جا اگهه مناسب رکيا وڃن ته ڪنهن کي به مفت ۾ اٽو وٺڻ جي ضرورت پيش ڪونه ايندي ۽ نه ئي ماڻهن جون حياتيون وينديون. تنهنڪري هي عوام جي تذليل آهي جو کيس مفت ۾ اٽو ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ان سان نه رڳو عوام کي اٽي واري اسٽالن تي عدم تحفظ جو احساس ٿي رهيو آهي پر ماڻهن جي مرڻ جو سلسلو به جاري آهي.
جيڪڏهن حڪومت اٽي جي بحران کي حل نٿي ڪري سگهي ته پوءِ اهو بحران ڏينهون ڏينهن وڌندو رهندو ۽ ان کي ڪير به روڪي نه سگهندو. عوام کي ملندڙ اٽو انهن جي حياتين جي قيمت تي ملي رهيو آهي. ماڻهو ان آسري اٽو وٺڻ ايندا آهن ته اهي اٽو کڻي صحيح سلام گهر هليا ويندا پر اتي پهچي سندس زندگيون کسجي رهيون آهن. تنهنڪري حڪومت کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. مفت ۾ ملندڙ اٽي کان انساني حياتيون قيمتي آهن.
اسين سمجهون ٿا ته هي انتهائي درجي جي غيرسنجيدگي آهي جو ماڻهو مري رهيا آهن ۽ حڪومت مفت ۾ اٽو ورهائي رهي آهي. بهتر آهي ته اٽي جا اگهه مناسب رکي، ان جي دستياتي هر دڪان تي ممڪن بڻائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button