
آمريڪي ماڊل جيجي حديد سوشل ميڊيا تي سندس اڳوڻي پارٽنر زين ملڪ جي فالوورس فهرست ۾ شامل نھ رهي آهي. ميڊيا مطابق زين ملڪ سوشل ميڊيا پيج تان جيجي حديد کي فالوورس فهرست مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ هن وقت هو، جن 18 ماڻهن کي فالو ڪري رهيو آهي، انهن ۾ جيجي حديد شامل ناهي. هوڏانهن جيجي حديد اڃا تائين پنهجي ڌيءَ ڪائي جي والد زين ملڪ کي هر حوالي سان فالو ڪرڻ وارو عمل جاري رکيو آهي.