رزاق سهتي جو پهريون زخيم ناول “آخري اسٽيشن” ڇپجي چڱي مڃتا ماڻي چڱو آهي. تازو ئي سندن ٻيو ناول “عاشق عورت” ڇپجي آيو آهي. ناول “عاشق عورت” پنهنجي نالي ۽ ٽائيٽل ڊزائن مان ته رومانٽڪ ڪهاڻيءَ جي عڪاسي ڏئي رهيو آهي پر ان جي ڪهاڻيءَ ۾ رومانس سان گڏ نفسيات psychology ۽ سياسي سماجي حقيقت نگاريpolitico socio realism جو به جهجهو عنصر موجود آهي ته وري قوميت nationalism به مکيه خيال theme بڻيل آهي. ان ريت هن ناول کي فقط رومانٽڪ ناول به نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ناول ۾ مختلف موضوع آهن جن ناول جي ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ رنگين بڻائي ڇڏيو آهي.
ڪردار:
ناول جا وڏا ڪردار major characters ته ٽي يا چار آهن پر ننڍا ڪردار minor characters پڻ پيدا ٿيندا رهن ٿا ۽ اهي پنهنجو ڪم بخوبي ادا ڪندا رهن ٿا. مکيه ڪردار پنهنجي مزاج ۾ سڌا سادا گهٽ پر ڦرندڙ ۽ پيچيده گهڻا آهن. انهن ڪردارن ۾ موجود چالاڪي ۽ ذهانت وارا عنصر کين ڪو به ڪم سڌو ۽ سولي نموني ڪرڻ بدران تجسس سان گڏ شدت وارو طريقو به ڏيندا رهن ٿا. اڳتي هلي اها ذهانت، چالاڪي ۽ شدت ئي انهن مکيه ڪردارن جي تباهي ۽ برباديءَ جو ڪارڻ به بڻجي ٿي. ان مان اهو ڏسجي ٿو ته ناول نگار وٽ ڪردارن جي اڻت ۽ ڪهاڻيءَ موجب ڪردارن کي اڳتي وڌائڻ ۽ ساڻن انصاف ڪرڻ واري تخليقي قوت به آهي ته پڙهندڙ جو اتساھه وڌائڻ ۽ تجسس قائم ڪرڻ وارو فن به سگهارو آهي.
ٻولي
ناول جي ٻولي سولي ۽ سڌي آهي. ناول ۾ کوڙ سهڻا ۽ اثرائتا جملا آهن. ان سان گڏ تز سنڌي پهاڪا پڻ موجود آهن. جڏهن ته صنعتنfigures of speech جو استعمال به ڏاڍو سهڻو ٿيل آهي. تشبيهن ۽ پهاڪن جو پڻ سهڻو ۽ اثرائتو استعمال ملي ٿو. ٻوليءَ ۾ جمالياتي عنصر پڻ جهجهو آهي. جنهن سبب کوڙ جملا quote ڪرڻ جهڙا بڻجي پيا آهن. اهڙن اثرائتن جملن سبب ناول پنهنجي پڙهندڙ کي قابو ڪري رکڻ جي ڀرپور سگھه رکي ٿو.
وقوع:
ناول ۾ ڪهاڻيءَ جو وقوع گهڻي ڀاڱي ڪراچي شهر ۾ آهي. پر ٻهراڙيءَ کي مڪمل نظرانداز ناهي ڪيو ويو. شهري چمڪ به آهي ته ٻهراڙيءَ جي سادگي به. جنهن سبب ناول ۾ ماحول جي مختلف رنگن جو نکار پيدا ٿيل آهي.
ناول جي دنيا:
ناول جي دنيا کوڙ وسيع آهي. هڪ طرف گَهِرو رومانس آهي. محبت آهي، واعدا ۽ اقرار آهن. انتظار آهي، جدائي ۽ پيڙاءُ آهي. ٻئي پاسي نفسياتي جنگ آهي. ٻين جي ذهن ۽ جسم تي حاوي ٿيڻ واري اعصابي ويڙھه آهي. ٽئين پاسي ڌرتيءَ سان چاهھ آهي. نظريو آهي، ديس جي حقن ماڻڻ خاطر دربدري ۽ قرباني آهي. چوٿين پاسي عورتازاد feminism جي عڪاسي آهي. عورت جيڪا پنهنجي مڙس کي عياشي ڪندي ڏسي ٿي ته پاڻ کي به مڙس کانسواءِ ڪو ٻيو محبوب ڪرڻ لاءِ بااختيار سمجهي ٿي. هوءَ پاڻ مٿان لڳل پابندين ۽ سختين کي رد ڪندي انهن کي ٽوڙڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي رهي ٿي. سندس متان جيتريون سختيون آهن ته هوءَ به ايتري ئي چالاڪي سان انهن پابندين جو ٽوڙ ڪڍي وڃي محبوب سان ميلاپ ڪري ٿي. ان حساب سان ڏسجي ته ناول جا ڪردار پنهنجي ڪهاڻين جي چئن الڳ دنيائن ۾ نڀائي رهيا آهن. پر هر دنيا کوڙ وسيع آهي.
فن ۽ مواد:
ناول جي شروعات ۾ ئي سسپينس سان ڀريل منظر اچي ٿو، ۽ سموري ڪهاڻي ان منظر کانپوءِ ئي شروع ٿئي ٿي. مکيه ڪردارن جو رومانس به ان واقعي جي بنياد تي ئي شروع ٿئي ٿو. شروعاتي منظرن ۾ ئي ماحول جي عڪاسي اهڙي سگهاري ٿيل آهي جو ناول جي ڪهاڻي پڙهندڙ کي آڱر کان وٺي گهليندي اڳتي پڙهندو هلڻ تي مجبور ڪري ٿي. ناول جي پڄاڻي انتهائي سگهاري آهي. ناول جا آخري پنج ڇھه صفحا ڏاڍا اثرائتا ۽ موهيندڙ آهن. انهن صفحن ۾ ليکڪ پنهنجي تخيل ۽ فن ۾ اوج تي پهتل نظر اچي ٿو.
ناول ۾ جديديت جو فن پنهنجي بهترين عڪاسي ڪري رهيو آهي. ڪهاڻي سڌي ۽ ترتيب ۾ آهي. واقعا هڪ ٻئي سان ميل کائيندا ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائيندا وڃن ٿا ۽ ڪهاڻيءَ جو انت المئي تي وڃي پهچي ٿو. ناول ۾ کوڙ فڪري ۽ جمالياتي جملا آهن. ڊائريءَ جا ٽڪڙا ۽ موبائيل جي ميسيجز جو استعمال سنڌي ناول اندر هڪ نئين روايت آڻي ويا آهن. سنڌ جي موجوده صورتحال سان لاڳاپيل واقعا به ڏاڍي سهڻي نموني افسانوي انداز ۾ پيش ڪيا ويا آهن. ڪٿي ڪٿي واقعن کي ڊرامائي انداز پڻ ڏنل محسوس ٿئي ٿو. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ وارا صفحا فن ۽ فڪر ۾ ڏاڍا پختا محسوس ٿين ٿا. پر ناول جي وچ ۾ “سيم” جي ٻاروتڻ وارين ساروڻين کي پڙهندي عام پڻو ۽ اجايو جي ڊيگهھ محسوس ٿيڻ سبب بوريت محسوس ٿئي ٿي. اگر ٻاروتڻ وارن واقعن کي ٿورو گهٽائي يا مختصر ڪري پيش ڪجي ها ته ان قسم جي بوريت کان بچي سگهجي ها. پر جيڪڏهن ان سموري وارتا کي ئي ڪٽي ڇڏجي ها ته به ناول جي ڪهاڻيءَ تي ڪو اثر نه پوي ها. ائين به آهي ته جيڪڏهن ساروڻين جي ان بيان کي ٻهراڙيءَ جي هڪ سادي ڇوڪريءَ جي احساسن کي بيان ڪرڻ طور کڻجي ته بيان ٺهڪندڙ ملي ٿو پر ناول جي ٻين حصن جي بيان ۾ جيتري جماليات ۽ پختگي آهي ته هي حصو انهن سان ميل کائيندي نظر نه ٿو اچي.
سرسري نظر:
مجموعي طور تي هي ناول ڏاڍو ڀلو آهي. ناول ۾ قوم پرستيءَ وارو لاڙو ۽ کنڀي ماريل ۽ گم ڪيل ماڻهن وارن مقدمن cases سميت اڄ جي دنيا سان لاڳاپيل کوڙ حقيقي واقعن کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جن کي پڙهندڙ پڙهي ان جي حقيقي ڪردارن کي ڳولڻ تي سوچڻ ۾ پئجي ويندو. پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته افساني ۾ سڀ ڪجھه حقيقي ناهي هوندو. واقعا ته حقيقي آهن پر موجود ڪردارن کي اهڙو گهمائي پيش ڪيو ويو آهي جو اصل ڪردار ڳولجي ئي نه سگهندو. ناول نگار اهڙي ساڳي حرفت پنهنجي پهرئين ناول “آخري اسٽيشن” ۾ پڻ استعمال ڪئي هئي. مون ان قسم جي حرفت نوبل انعام يافته ناول نگار اورحان پاموڪ جي ناولن ۾ پڻ پڙهي آهي. ان سان گڏ خشونت سنگھه سميت ٻين کوڙ ناول نگارن جي ناولن ۽ مختصر ڪهاڻين ۾ به ان قسم جي حرفت ملي ٿي. ان حرفت کي جديديت پڄاڻان واري ٽرمينالاجيءَ موجب faction (حقيقت ۽ افساني جو ميلاپ) چيو ويندو آهي. هي ناول پڙهڻ وٽان آهي. خاص ڪري ناول ۾ موجود نفسياتي عنصر انتهائي سگهارو آهي. ناول نگار محترم رزاق سهتو صاحب نفسيات وارو عنصر آڻي سنڌي ناول ۾ هڪ قسم جي نواڻ پيدا ڪئي آهي جنهن مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته اڳتي هلي مڪمل نفسيات جي خيال تي به سنڌي ناول سرجڻ لڳندا.