ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي پويان ڪهڙي ڪهاڻي آهي؟

Editorial-Article-Rashid Leghari

پوري پاڪستان ۾ شروع ٿيل اقتصادي ۽ معاشي بحران هن وقت مهانگائي جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ واپارين ۽ دڪاندارن لا سستي اگهه تي روزه مره جي شين جا اگهه طئي ڪرڻ لا آرڊيننس به آندو ويو آهي جنهن تحت حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ پ پ حڪومت پنهنجي چونڊيل نمائندن کي نگران طور به ذميواري سونپي آهي. جنهن ۾ عبدالجبار خان، صغير قريشي ۽ ٻيا انتظاميه سان گڏ بازارن جو چڪر به لڳائين ٿا. ڇاپن جي باوجود مهانگائي ختم نه ٿي سگهي آهي. جنهن ۾ عوام سخت پيڙهجي رهيو آهي. عوام کي رليف ڏيڻ واري دعوا به اڌوري نظر اچي رهي آهي.
حيدرآباد ۾ شروع ٿيل اٽي جو بحران:
حيدرآباد ۾ ضلعي انتظاميه ۽ حڪومت طرفان ملندڙ سرڪاري اگهه وارو اٽو عوام کي ملڻ بند ٿي ويو آهي. هن وقت رمضان جي مهيني ۾ ڪٿي ڪٿي سرڪاري اسٽال لڳائي اٽو ڏنو پيو وڃي. حيدرآباد ۾ آٽا چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن اٽي جي سرڪاري اگهه 105 روپيا کي بند ڪري نئين اگهه مطابق اٽو وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو 140 روپين کان 145 روپيا في ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي. جنهن سان ڏهاڙيدار طبقو ۽ عوام ويتر پريشان ٿي ويو آهي. آٽا چڪي مالڪن، دڪاندارن ۽ مارٽ مالڪن اٽي جون من پسند قيمتون مقرر ڪري ڇڏيون آهن. آٽا چڪي مالڪن موجب ته اڳ ۾ اٽي جو في ڪلو سرڪاري اگهه 105 روپيا مقرر ڪيو ويو هو. جڏهن ته سرڪار ۽ ضلعي انتظاميه نئين ڪڻڪ جي خريداري سبب سرڪاري اگهه واري اٽي جا اسٽال 10 مارچ کان بند ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ريٽيلر 105 روپيا في ڪلو جي ريٽ سان وري چڪين کي ڪڻڪ 85 روپيا في ڪلو ڏني پئي وئي. تازو 110 ڪڻڪ جي قيمت مقرر ٿيڻ بعد 22 روپين جي پسائي جي حساب سان اٽي في ڪلو جي قيمت 132 قيمت چڪي تي مقرر ٿيل آهي. جڏهن ته دڪاندار وري اٽو 140 کان 145 روپيا في ڪلو جي اگهه سان وڪرو ڪري رهيا آهن.
سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو في مڻ 4 هزار روپيا مقرر ڪيو آهي. آبادگارن کان خوراڪ کاتو ۽ واپاري ڪڻڪ 4 هزار روپيا في مڻ خريد ڪري رهيا آهن. جتي 4200 روپيا به وڪرو ڪئي پئي وڃي. آبادگارن کان حڪومت 100 ڪلو جي ٻوري ڪڻڪ 10 هزار ۾ خريد ڪري رهي آهي. جڏهن ته واپاري وري 11 هزار ۾ 100 ڪلو خريد ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ڪڻڪ واپاري ۽ خود چڪي مالڪ خريد ڪري جمع پڻ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. حڪومت ۽ خوراڪ کاتي جي لاپرواهي سبب اٽي جي اگهه ۾ ٻيهر واڌ ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. ان ڪري ڪڻڪ جي قيمت وڌڻ سان وري اهو اٽو في ڪلو اڃا مهانگو ٿيندو. ڇاڪاڻ ته حڪومت گذريل سال ڪڻڪ جو في مڻ 22 سئو روپيا اگهه مقرر ڪيو هو. جيڪا ڪڻڪ ساڍا 5 هزار کان 6 هزار روپيا مڻ به وڪرو ڪئي پئي وڃي. ان ڪري هاڻ اٽو ايندڙ وقت ۾ مهانگو ئي ٿيندو رهندو. سستي اٽي جو خواب هاڻ ڪڏهن به ساڀيان نه ٿي سگهندو.
حيدرآباد ۾ ڀاڄين، فروٽ ۽ کاڌي پيتي جي سامان جو اگهه آسمان تي پهتل هوندو آهي. دڪاندار ۽ واپاري ضلعي انتظاميه طرفان جاري ڪيل شين جي سرڪاري لسٽ تي عمل نٿا ڪن. شهر ۾ ڪڪڙ جو گوشت في ڪلو 6 سئو کان ساڍا ڇهه سئو ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي. جتي ڪڪڙ جي گوشت جي في ڪلو جي سرڪاري قيمت 5 سو 45 روپيا آهي. بيسڻ جي بي قسم جي سرڪاري قيمت 185 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي. جيڪو پوڻا 3 سئو روپيا وڪرو ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته اي نمبر بيسڻ جي سرڪاري قيمت 300 سئو روپيا آهي، جيڪو وري 600 روپيا في ڪو وڪرو ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته دالين ۽ ڀاڄين جا اگهه پڻ چوٽ چڙهي ويا آهن. اهڙي ريت ڪيلا درجن 200 کان 300 روپيا وڪرو ڪيا پيا وڃن، کجي 500 روپيا. اسٽابري 500 روپيا، ڀاڄين ۾ دڪاندار پٽاٽا 50 روپيا، بصر 120 روپيا، ميھا 200 روپيا، ڪريلا 100 روپيا واڱڻ 50 روپيا، ڀينڊي 150 روپيا، گجر 60 روپيا، توري 120 روپيا، 150 روپيا، ٽماٽو اگھن 100 روپين جي حساب سان وڪرو ڪن پيا. بند گوبي 80 روپيا ساوا مرچ 100 روپيا، چانور 270 روپيا، گيهه 550 روپيا مقرر ڪيل آهن. سرڪاري لسٽ موجب ٽماٽو 70 کان 50 روپيا، بصر 80 روپيا، ڀينڊي 60 روپيا، بند گوبي 30 روپيا، ميها 140 روپيا، پالڪ 25 روپيا، توري 80 روپيا، پٽاٽا 40 روپيا ڪلو اگهه مقرر ڪيل آهي. جنهن تي دڪاندار عمل به نٿا ڪن. سرڪاري لسٽ تي عمل ڪرڻ لا ضلعي انتظاميه تعلقن جا اي سيز ۽ مختياڪار پوليس جي مدد روز جي بنياد تي ڇاپا به هڻن ٿا. حيدرآباد ۾ هفتو اڳ وڌ کان وڌ 8 لک روپيا ڏنڊ دڪاندارن تي هنيو ويو آهي. جنهن کان پو ڏنڊ لڳڻ جو سلسلو جاري آهي. جيڪو لکن نه پر هزارن ۾ آهي. حيدرآباد ۾ 6 هزار کان به مٿي دڪاندار هوندا آهن. جن تي اها سختي لاڳو ڪئي وڃي ته الائي ڪيترن ماڻهن کي سستين شين جو رليف ملي سگهندو.
ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري سهيل احمد راجپوت جي سربراهي ۾ مهانگائي ڪندڙ دڪاندارن خلاف اعلى سطحي اجلاس ڪوٺايو ويو هو. جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ جي سمورن ضلعن جي ڊي سيز. زراعت ۽ ليبر کاتي جي عملدارن کي حڪم ڏنو ته منافع خوري خلاف نئين آرڊيننس تحت ڪارروائي عمل ۾ آڻي دڪانن ۽ مارڪيٽ ۾ ڇاپا هنيا وڃن. جيڪو منافع خوري ڪري ته لک روپيا ڏنڊ هڻي مهيني لاءِ دڪان کي سيل ڪري دڪان ۾ پيل سامان سرڪاري اگهه تي نيلام ڪيو وڃي. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ ضلعي انتظاميه پهرين ڏينهن تي پنهنجي ڀرپور ڪارڪردگي ڏيکاري هئي. جنهن دوران اهو ڏنڊ هڻڻ جو سلسلو به هجڻ جي برابر آهي. حيدرآباد سميت پوري سنڌ ۾ ماڻهو کاڌي پيتي جي شين جي مهانگي اگهه سبب ٻن ويلن لا به پريشان آهن. سستي اٽي جي خريداري واري ڊڪ ڊوڙ ۾ عورتن ۽ مردن جي فوت ٿيڻ جا ڪيس به سامهون اچي رهيا آهن. ان ڪري سماج ۾ ماڻهن کي ذلت ڏيڻ بدران عزت ڀري زندگي ڏيڻ هن رياست ۽ حڪومتي ادارن جي ذميواري آهي. حڪومت طرفان لڳايل بچت بازارن مان به عوام مطمئن نظر نٿو اچي. بچت بازارن ۾ کاڌي پيتي لا گهڻيون شيون به اڻلڀ نظر اچن ٿيون. جنهن ڪري ماڻهن کي هڪ تڪليف مان به گذرڻو پوندو آهي. ان ڪري بچت بازار ۾ به اٽي، گيهه، چانورن ۽ مصالن جا اسٽال هجڻ ضروري آهي. ضلعي انتظاميه چاهي ته ڪجهه ضروري شين تي سبسڊي به ڏئي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button