ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي مارشل لاڳو ٿيڻ جي دعوا

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

تازو ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سربراهه عمران خان لاھور ۾ بيان ڏنو آھي ته اڄڪلھه جون حالتون ڏسي لڳي ٿو ته مار شل لا ڏانھن وڌي رھيا آھيون. عمران خان اسٽيج تي ٺاھيل بلٽ پروف ڪيبن ذريعي بيان ۾ چيو آھي ته اصل آزادي تڏھن ايندي جڏھن قانون جي حڪمراني ھوندي، پاڪستان ۾ ذريعن جي گهٽتائي ڪونھي پر قانون ناھي، جنھن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ڪونھي، تنھنڪري ان جي قسمت ۾ تباھي ھوندي آھي. سندس اھا به دعوا آھي ته ھڪ سازش ھيٺ اسان جي سرڪار ڪيرائي وئي ۽ اسان جي ملڪ ۾ ڏوهه جي ڪاروبار کي مڙھيو ويو آھي.
عمران خان مختلف بيانن ذريعي کوڙ دعوائون ڪندو رھندو آھي پر اسان ڪڏھن ڪڏھن فيس بوڪ وغيره تي سندس حامين کان پڇندا آھيون ته اھي سچ ڳالھائي اسان جي معلومات ۾ واڌ آڻين ته ڇا عمران خان پوڻن چئن ورھين جي وزيراعظم طور حڪمرانيءَ دوران، عوام جي ڀلائيءَ لاءِ سچ پچ ڪي ڪارناما ڪيا ھئا يا وري رڳو سکڻن بيانن تي ئي گذر سفر ڪندو رھندو ھو. اھا سچائي آھي ته عمران خان توڙي سندس حامي، فيس بوڪ تي پڇيل اصل سوالن تي سچائيءَ وارا جواب ڏيڻ ڏيڻ بدران موضوع کي ٽارڻ لاءِ، مخالف سياستدانن خلاف غير واسطيدار بيان ڏيندا رھندا آھن. اسان کين ڪيترا ڀيرا سمجهايو آھي ته اوھان اصل پوسٽن جي پڇيل سوالن جا جواب پھرين ڏيو جيڪي ڀلي فائدي ۾ ھجن يا خلاف ۽ پوءِ ٻين موضوعن تي ڀلي ڳالھايو پر ھو ائين ھرگز ڪونه ٿا ڪن. ڇاڪاڻ ته کين خبر آھي ته عمران خان اقتدار ۾ عام ڀلائيءَ جا ڪي خاص ڪارناما ڪونه ڪيا آھن ۽ اقتدار وڃائڻ کان پوءِ به مختلف بيان ذريعي پنھنجو گذر سفر ڪندو رھندو آھي. عوام پھرين اھڙن وڻندڙ بيانن کان متاثر ٿيندو رھندو آھي پر اڳتي ھلي جڏھن عوام کي سچائي معلوم ٿي ويندي آھي ته پوءِ به سياسي اڳواڻ رڳو سکڻن بيانن ذريعي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنھنڪري اڳتي ھلي عوام ساڻس نفرت ڪندو رھندو، جيڪو ڪاروبار گهڻي وقت کان جاري آھي. بھرحال، اسان جي عمران خان کي صلاح آھي ته رڳو سکڻن پر اجاين “بھتر بيانن” ذريعي گذر سفر ڪرڻ ڇڏي ڏئي ۽ پنھنجون غلطيون مڃي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ نيڪ نيتيءَ سان جدوجھد ڪري ته عوام سندس واکاڻ ڪندو ۽ اڳتي ھلي سندس باقاعدي پٺڀرائي به ڪندو رھندو.
ھاڻي عمران خان ملڪ اندر اڳتي ھلي مارشل لا لاڳو ٿيڻ جي دعوا به ڪئي آھي. ڀلي سڄي دنيا جي اٽڪل 200 ملڪن جو جائزو وٺو ته مارشل لا عام طور ڪٿي به موجود ناھي. تنھنڪري عمران خان طرفان اھا دعوا ڪرڻ ته ملڪ اندر مارشل لا لاڳو ٿيندي تنھن ۾ ڪو مناسب وزن ڪونھي. آصف علي زرداريءَ پنھنجي دور ۾ قانون بحال ڪرائي مارشل لا لاڳو ٿيڻ تي پابندي مڙھي ڇڏي جيڪو سندس مکيه ڪارنامو آھي. ھونئن به ڏسجي ته اسان جي ملڪ ۾ چار ڀيرا مارشل لا لڳائي حڪمرانن اٽڪل 35 ورھين تائين حڪومت ڪئي ھئي پر ملڪ جي ڀلائيءِ لاءِ ڪي دائمي اپاءَ نه ورتا ويا. مون کي لڳي ٿو ته ملڪ اندر مارشل لا لاڳو ٿيڻ جي ڌمڪي، اصل ۾ عمران خان جي ئي رواجي شرارت آھي.
ھونئن به ڏسجي ته عمران خان کي اسٽيبلشمنٽ ئي اقتدار ۾ آندو ھو. ھاڻي به عمران خان اسٽيبلشمنٽ خلاف کوڙ بيان ڏيندو رھندو آھي سو اھا به سندس سازش آھي ته ھو عام تاثر پيدا ڪري ته اسٽيبلشمنٽ جو ساڻس ڪوبه واسطو ڪونھي پر ائين ڪونھي. ھو اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي ته عام پبلڪ ۾ رڳو اھو تاثر پيدا ٿئي ته اسٽيبلشمنٽ سندس حمايتي ناھي رھي پر ظاھري طور چاھي ٿو ته اسٽيبلشمنٽ لڪل طريقي سان سندس پٺڀرائي ڪري کيس ٻيھر اقتدار ۾ آڻي.
عمران خان وزيراعظم طور سنڌ جي جائز رقم ڪيترا ڀيرا ڪونه ادا ڪئي. جڏھن ته ھن سنڌ جي باقاعدي ڀلائيءَ لاءِ به ڪي خاص ڪارناما ڪونه ڪيا. ھو رڳو ڪراچيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ بيان ڏيندو رھندو ھو. جڏھن ته وزيراعظم ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جو ھوندو آھي، ھڪ شھر جو نه پر سندس رويو سنڌ سان کليو کليو دشمنيءَ وارو ھو. ھن ڪراچيءَ لاءِ ڏهه ارب رپين کان وڌيڪ رقم ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو پر پوءِ ميڊيا اھا خبر ڏني ته اٽڪل سوا اٺ ارب رپيا پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) ڏنا ھئا. جڏھن ته وفاق رڳو پوڻا ٻه ارب رپيا مس ڏنا ھئا. بھرحال، عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻي ۽ سنڌ سرڪار کي سندس جائز پيسا نه ڏيڻ جا ڊراما رچايا. ھن وقت جيڪا ملڪ اندر ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آئي آھي سا به اصل ۾ عمران خان جي آءِ ايم ايف سان ٺاهه جو نتيجو آھي. جڏھن ته ھن اڳ اھو اعلان ڪيو ھو ته آءِ ايم ايف سان ٺاهه ڪيم ته آپگهات ڪري ڇڏيندس.
عمران خان جي سنڌ سان زيادتين جا “ڪارناما” ڪجهه هن ريت آهن، جيڪي ماضي ۾ خبرن وسيلي رپورٽ ٿيا:

  1. عمران خان سرڪار سنڌ جا اٽڪل 120 ارب روڪيا آهن، سنڌ سرڪار جي بار بار مطالبي باوجود نٿو ڏئي، اها وڏي زيادتي آهي پر “سنڌ جا ٺيڪيدار” پ پ پ سنڌ سرڪار خلاف خبر ٻڌي خوش ٿيندا. 2. وزيراعظم عمران خان کي غير ذميدار بيان ڏيڻ کان روڪي نٿا سگهون: سپريم ڪورٽ 3. وفاق (عمران سرڪار) تي 140 ارب رپيا رھيل آھن، ترقياتي رٿائن ۾ ڏکيائي آھي: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه .4. شھباز شريف جو چوڻ ھو ته عمران خان ڏيڍ سال ۾ اقتصادي دماغ بدران زبان سان ھلائي رھيو آھي. 5. عمران سرڪار جا ماضيءَ ۾ ڪارناما. ٻن آرڊيننس ذريعي 290 ارب رپين جا ٽيڪس لاڳو. 140 اربن جي انڪم ٽيڪس رعايت ختم، بجلي صارفين تي 150 ارب رپيا سرچارج. 6. عمران خان سرڪار جي سنڌ سان “شاندار محبت” / سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چواڻي: وفاق سنڌ جا ترقياتي ڪم بند ڪري ڇڏيا آهن. 7. عمران خان سرڪار جا ڪارناما / گذريل سال جي ڀيٽ ۾ مھانگائي ٻيڻي ٿي آھي: اسٽيٽ بئنڪ.8.سنڌ جي عوام کي تحريڪ انصاف کي ووٽ نه ڏيڻ جي سزا ڏني پيئي وڃي: وڏو وزير مراد علي شاهه 9. عمران خان جي سنڌ دشمنيءَ کي زور وٺائڻ لاءِ ڪي سنڌي، سنڌ سرڪار خلاف سوين پوسٽون ڪن ٿا پر ھن خلاف ھڪ به نه.
    اھڙيون کوڙ خبرون عمران خان سرڪار جي دور ۾ ڇپجنديون رھيون ھيون، جن کي ٿورو به شڪ ھجي سي ڀلي عمران سرڪار جي دور جون مختلف خبرون پڙھندا رھن کين سچائي معلوم ٿي ويندي. انھيءَ سلسلي ۾ منھنجي مختلف سياسي پارٽين کي دلي عرض آھي ته اھي ھاڻوڪي ملڪي حالتن تي ڳنڀيرتا سان ويچار ڪن ڇاڪاڻ ته عمران خان ٻيھر اقتدار ۾ آيو ته ھو سڄي ملڪ کي مجموعي طور تباهه ڪري ڇڏيندو، جنھن جو نتيجو اھو نڪرندو ته ملڪ جو عوام مجموعي طور وڏي تباھيءَ کي منھن ڏيندو. انھيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف سياسي طبقن کي پڻ گڏجي عمران خان کي ناڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. عمران خان ته سنڌ کي ٽوڙڻ جا به بيان ڏنا آھن پر “سنڌ جا ٺيڪيدار” سندس خلاف تحريڪ نٿا ھلائين. مون کي پڪ آھي ته عمران سرڪار جيڪڏھن ڪنھن به صورت ۾ ٻيھر اقتدار ۾ آيو ته ھو سنڌ ٽوڙڻ لاءِ سڌي يا اڻ سڌي ريت ڪوششون ڪندو رھندو. سندس بدديانتي ڏسو ته عمران خان اڳ پنجاب ۾ اوڀر پنجاب (سرائيڪي) جي صوبي بڻائڻ جو اعلان ڪري ووٽ ورتا ھئا پر اقتدار ۾ اچي پوڻا چار سال وزيراعظم رھيو پر ھن پنھنجي وعدي موجب سرائيڪي صوبو ڪونه بڻايو.
    عمران خان جي اھا دعوا به ڪوڙي آھي ته سندس سرڪار سازش ذريعي ختم ڪئي وئي. سچائي اھا آھي ته سندس سرڪار ووٽن ذريعي پارليامينٽ ختم ڪئي ھئي. مختصر اھو ته عمران خان سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ڀلائيءَ جو اصلي دشمن آھي سو ان کي ٻيھر اقتدار ۾ اچڻ کان ناڪامياب بڻائجي ته ملڪ جي فائدي ۾ گهڻو بھتر ھوندو، يعني تاريخي ڪارنامو ھوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button