ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻي کوٽ دوران واهن کي لڳندڙ کاٽ

Editorial

هن سال هڪ ڀيرو وري سنڌ پاڻيءَ جي کوٽ کي ڀوڳيندي. ڇاڪاڻ ته هي سال به پاڻيءَ جي کوٽ وارو سال لکيو پيو وڃي. تازيون رپورٽون جيڪي پيش ڪيون ويون آهن، انهن موجب سڄي ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ رهڻ جا امڪان چٽا آهن. جنهن ملڪ ۾ هونئن ئي پاڻيءَ جي کوٽ معمول بڻيل هجي، اتي جيڪڏهن ڪنهن سال ۾ پاڻيءَ جي کوٽ معمول کان وڌيڪ هجي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اتي فصل سخت متاثر ٿيندا ۽ ان کان سواءِ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ به ٿيندي رهندي. هڪ پاسي امڪاني طور پاڻيءَ جي کوٽ ٿيڻ واري آهي ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ واهن کي گهارا لڳي رهيا آهن. جيڪڏهن پاڻي ججهي مقدار ۾ هجي ۽ ان وقت گهارا پون ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي پر پاڻيءَ جي کوٽ هوندي گهارا پوڻ جو مطلب آهي ته آبپاشي کاتو ان پاسي ڌيان ڪونه ڏئي رهيو آهي ۽ اهو پنهنجي ڪوتاهي سبب سنڌ کي ملندڙ پاڻي ضايع ڪري رهيو آهي. جڏهن ته هاڻوڪين حالتن ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو به قيمتي آهي. ڪالهه به هڪ اهڙي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب اوٻاڙي ويجهو هڪ واهه کي گهارو پيو آهي.
اوٻاوڙو ويجهو ڳوٺ جمن ڀٽو وٽ ڏھر واهھ کي 50 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ، ڀاڄيون ۽ مڇي جا تلاءَ پاڻي ھيٺ اچي ويا. جڏهن ته ڳوٺ جمن ڀٽو، ڳوٺ بلوچ خان چانگ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ به پاڻي بيهجي ويو. ٻئي طرف شهر ڏانهن ايندڙ ويندڙ روڊ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا. اطلاع باوجود آبپاشي عملو گهارو ٻڌڻ لا نه پهتو، جنهن ڪري آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي ۽ آبادگارن جا ٻئي ھٿ مٿي تي اچي ويا آهن. ان حوالي سان متاثر آبادگارن جو چوڻ آهي ته واھن جي ڪپرن جي مرمت لا ايندڙ لکين رپيا آبپاشي عملو هڙپ ڪري وڃي ٿو، جنهن ڪري ڏهر واهه کي گهارو پيو آهي، آبپاشي عملي جي نه پهچڻ سبب پنهنجي مدد پاڻ گهاري کي بند ڪيو آهي. هنن وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي وزير آبپاشي ۽ وسوارن کي اپيل ڪندي چيو ته ڪرپشن جي جاچ ڪرائي لکين رپين جو ٿيل نقصان اسان کي ڏنو وڃي. واهن جي کاٽي وقت سر نه ٿيڻ ۽ ان کان سواءِ انهن جي مرمت مناسب نه ٿيڻ سبب گهارا پوڻ عام ڳالهه آهي. آبپاشي کاتي مان واهن جي مرمت ۽ انهن کي پڪو ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپيا جاري ڪيا ويندا آهن پر جڏهن انهن تي ڪم ڏٺو وڃي ٿو ته اهو ٻڙي هوندو آهي، نتيجي ۾ واهن جا ڪپر ڪمزور هوندا آهن، اهي پاڻيءَ جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهندا آهن ۽ گهارا پوڻ لازمي هوندو آهي. ڇا آبپاشي کاتي ڪڏهن سنڌ ۾ لڳندڙ گهارن جي حوالي سان سنجيدگي اختيار ڪئي آهي، ان اها ڳالهه کي ڌيان ۾ رکي ته ان معاملي تي ڪا جاچ ڪرائي وڃي، ڪا جاچ ڪميٽي جوڙي ان جي رپورٽ کاتي ۾ جمع ڪرائي وڃي ۽ جيڪي ماڻهو به ان ڪوتاهي ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪري اڳيان هلي ان عمل کي روڪيو وڃي. سنڌ ۾ آبپاشي کاتي جو وزير ڄام خان شورو ڄڻ ته آبپاشي کاتي جو نالي ماتر وزير آهي، جنهن جي ڪارڪردگي ڪٿي به نظر نٿي اچي. اهڙي حالت ۾ جڏهن سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي، درياهه ۾ واريءَ اڏامي رهي آهي، ان وقت گهارا پوڻ سان سنڌ جي آبادگارن جو ڪيترو نقصان ٿي رهيو آهي، ان جو اندازو شايد آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري کي نه هجي.

اسين سمجهون ٿا ته اوٻاوڙي ۾ واهه کي گهارو پوڻ جو مطلب اهو آهي ته آبپاشي عملدار پنهنجو ڪم ايمانداريءَ سان نه ڪري رهيا آهن. تنهنڪري هن واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪي ماڻهو به ان ڪوتاهي ۾ ملوث آهن، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن اڳيان هلي اهڙي ڪوتاهي نه ٿئي ۽ آبپاشي کاتو ان ڳالهه جي خاطري ڪري ته جيتري به پاڻيءَ جي بچت ٿي سگهي، اها ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button