رانديون

سريلنڪا پهرين ٽي 20 ۾ نيوزيلينڊ کي سپر اوور مقابلي ۾ هارائي ڇڏيو

سريلنڪا پهرين ٽي 20 ۾ نيوزيلينڊ کي سپر اوور مقابلي ۾ هارائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيرٿ اسلانڪا ۽ ڪوشل پريرا ٽيم جي فتح ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا جي پريرا 53 ۽ اسلانڪا 67 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي اسڪور 5 وڪيٽن تي 196 رنسون ٺاهي 197 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن ۾ ڪوشل پريرا 53 ۽ چيرٿ اسلانڪا 67 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي آهي. جڏهن تھ ڪوشل مينڊس 25، ونيندو هسارنگا 21 رنسون ڪيون. ڪيوي بالر جيمز نشام 2 وڪيٽون ورتيون آهن. هوڏانهن نيوزيلينڊ جو ڊيريل مچل 66 رنسن سان نمايان رهيو، مارڪ چيمپن 33، ڪپتان ٽيم ليٿم 27 ۽ راچن رويندر 26 رنسن ٺاهي اسڪور 196 ٺاهي ميچ کي برابر ڪري ڇڏيو، جنهن بعد سپر اوور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ نيوزيلينڊ جي بيٽرن هڪ وڪيٽ وڃائي 8 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ سريلنڪا جي بيٽرن ڪوشل مينڊس هڪ رنس ٺاهي، پر چيرٿ اسلانڪا هڪ، ڇڪي ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 10 رنسون ڪري ٽيم کي فتح ڏياري ڇڏي آهي. سريلنڪا جي بالرن پرمود مدوشن، ونيندو هسارنگا ۽ ڊوسن شناڪا 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button