ادب انساني سماج ۾ رونما ٿيندڙ واقعن، لقائن، حالتن ۽ ڪارنامن جو تخليقي اظھار آھي. ھڪ ليکڪ سماج ۾ ٿيندڙ لقائن، واقعن ۽ حالتن کان متاثر ٿيندو آھي ۽ ان جو اظھار افسانوي انداز ۾ پنھنجي تخليق ۾ پيش ڪندو آھي. تنھنڪري ادب ھن سماج ۾ ماڻھن جي سوچن ۽ خيالن جو اولڙو سمجھيو وڃي ٿو. جڏھن ته جيترو انسان ترقي ڪري رھيو آھي. انسان جون سماجي حالتون تبديل ٿي رھيون آھن ته دنيا جي علمن توڙي ادب ۾ وسعت وڌي رھي آھي. اڄ دور جديد دور ۾ ڪائنات جي ھر نقطي کي تخليقي انداز سان شاعري، ڪھاڻي، ناول ۽ مضمون ۾ پيش ڪرڻ کي ادب ليکيو وڃي ٿو. ھڪ تخليقڪار سماجي تُوڙي سياسي حالتن کي به ادب ۾ پيش ڪري ٿو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حيرت انگيز ڪارنامن کي به ادب جو موضوع بڻائي ٿو. ان کانسواءِ ادب ۾ انسان جي داخلي ڪيفيتن، انساني جذبن کي ڀرپور نموني اظھاريو وڃي ٿو.
اُن سلسلي سنڌي ادب ۾ به موضوع جي حوالي سان ڪافي وسعت آئي آھي. دنيا جي اھم موضوعن تي ناول ۽ ڪھاڻيون لکجي رھيون آھن. ان ئي سلسلي ۾ مجيب اوٺي جو ڪھاڻي ڪتاب “غير موزون موسم جون ڪھاڻيون” ھن دور جي فردن جي داخلي ڪيفيتن جون اھم ڪھاڻيون آھن، جيڪي پڙھندڙ جي دل ۽ دماغ کي ڌڪ ھڻڻ ٿيون. پڙھندڙ ھنن ڪھاڻين جي ڪردارن جي ڪيفيتن، اڪيلائي، ويڳاڻپ، ابنارملٽي تي سوچڻ ۽ ڀوڳنا کي محسوس ڪرڻ لڳي ٿو جيڪا يقينن ليکڪ جي ڪاميابي آھي.
مجيب جون ھي ڪھاڻيون ھن دور جي ايبنارمل ۽ نارمل ماڻھن جون ڪھاڻيون آھي، جيڪي داخلي پيڙائن، شخصي ۽ سياسي ويڳاڻپ فردي اڪيلائي ۽ سماجي روش سبب ايبنارمل ٿي ويا، جيتوڻيڪ ھي دور ئي ايبنارملٽي جو آھي جنھن ۾ ھڪ سوچيندڙ ۽ تخليقي ذھن لاِءِ نارمل رھڻ ڏکيو آھي ۽ جيڪو ھن دور ۾ نارمل آھي، ان جي نفسياتي صحت تي شڪ ڪري سگھجي ٿو. تنھنڪري ھنن ڪھاڻين جا ڪردار ھن سماج ۾ مس فٽ آھن. اهي ويڳاڻا ۽ اڪيلا آھن ۽ اهي اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ کي ختم ڪرڻ جي جستجو ۾ آھي. تنھنڪري مجيب جي ڪھاڻين جا ڪردار نه مايوس آھن پر پڙھندڙ جي اتساهه جو سبب بڻجن ٿا. جيئن ھڪ ڪردار چئي ٿو “سوچ ئي نئين زندگي جو ٻيو نالو آھي.” تنھنڪري مجيب جون ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ منفرد قسم جون ڪھاڻيون آھن، جن جي اڀياس ۽ پرک جي ضرورت آھي. جڏھن ته پاڻ ھن مضمون ۾ ھن ڪتاب مان ڪجھه ڪھاڻين جو جائزو پيش ڪريون ٿا.
خواب آور ماڻھو جي دماغ جو ايڪسري: ھن ڪھاڻيءَ جو ڪردار پنھنجن خوابن ۾ ھڪ اھڙي ماڻھوءَ سان ملاقات ڪري ٿو جيڪو سجاڳ آھي، جيڪو گھڻو سوچي ٿو ۽ سوچڻ کي ئي زندگي سمجھي ٿو. ھُن کي ھن ڌرتي ۽ ھن ڌرتيءَ تي رھندڙ مخلوق جو فڪر آھي. ھُن کي فطرت سان ھٿ چُراند ڪندڙ ماڻھن کان نفرت آھي. ھي شخص پنھنجي روزمره زندگيءَ جي ڪمن مان بيزار آھي، تنھنڪري ھُو زندگيءَ کي ڀرپور جيئڻ چاھي ٿو پر ھُو اڪيلو آھي، تنھا آھي ۽ پنھنجي تنھائي ۽ اڪيلائيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ زندگيءَ کان فراريت چاھي ٿو.
لٽجي ويل ديس جو آخري گواهه: ھي ھڪ اھڙي نوجوان جي ڪھاڻي آھي، جيڪو پنھنجي پاڻ کي پنھنجي وطن، پنھنجي ڌرتيءَ تي ھوندي به پنھنجو پاڻ کي ويڳاڻو ۽ جلاوطن محسوس ڪري ٿو. ھو پنھجي خيالي ڌرتي، پنھنجي خيالي وطن جي خوشحالي، امن ۽ درياءَ کي ياد ڪري ٿو. اھو درياءَ جنھن جو پاڻي آب حيات ھو. اھا ڌرتي جيڪا ھن جي محبوبا جيان حسين ھئي. اھا ڌرتي ۽ ان جا واسي وڏن لانگ بوٽن جي ھيٺان چيڀاٽجي رھيا ھئا. ھن ڪھاڻي ۾ ليکڪ سنڌ جي حقيقي حالتن جو ڇيد ڪيو آھي. ھي ڪھاڻي سنڌ، سنڌين ۽ سنڌو درياءَ جي ڪھاڻي آھي. اسان پنھنجي ڌرتي، پنھنجي وسيلن ھوندي به ھن ڌرتيءَ تي ويڳاڻا آھيون. ھي سنڌ جيڪا خوشحال ھئي جنھن جو درياءَ اسان جو جياپو آھي، اھو سُڪي ٺوٺ ٿي ويو آھي. سنڌ جا ماڻھو جيڪي سگھارا ۽ طاقتور ھئا، اھي بکن ۽ ڏکن ۾ ڪمزور نٻل ٿي ويا. تنھنڪري مجيب جي ڪھاڻي ڌرتي ڌڻين جي ڪھاڻي آھي ۽ ڪھاڻيءَ جا ھي جملا سنڌ جي ھر محب وطن ماڻھوءَ جي اندروني ڪيفيت جا حقيقي ترجمان آھن.
“منھنجي ديس مان ھڪ درياءَ وھندو ھو جنھن جي پاڻي جي تاثير اڄ به محسوس ڪندو آھيان، اھو پاڻي صرف پاڻي نه ھو…آب حيات ھو.
تنھنجا اھي ڀريل ڳٽا منھنجي وطن جي سونھن جا ساکي آھن.
سندس ديس سندس ئي ھٿن مان کسڪي ويو ھو.
کيس وڏو خوف ھوندو ھو ته ماڻھوءَ جي قد کان وڏا بوٽ سندس ديس جي ھر نئين اُسرندڙ سلي کي چٿڻ لڳا آھن ۽ ائين ھڪ ڏينھن سارو ديس نون گونچن کان محروم ٿي ويندو.”
منزل ماڻھو کائيندي آھي: جيئن مجيب جي ڪھاڻين جا ڪردار لڪل ۽ علامتي آھن، انھن جي ڪابه سڃاڻپ ناھي اھي پڙھندڙ جي تخيُل ۽ سمجھه تي ڇڏيل آھن ته انھن کي ڪيئن ٿو سمجھي، جيئن ھن ڪھاڻيءَ جو علامتي ڪردار آھي، جيڪو سجاڳ ھو، جنھن جو ديس غلام آھي. ھن ديس جا ماڻھو بدحال آھن. ھن جي ديس جي درياءَ جي مستي ختم ٿي وئي آھي. ان پنھنجي وطن، پنھنجي ڌرتيءَ جي خوشحالي، امن جا خواب ڏٺا ۽ ان لاءِ پورھيو ڪيو ھن جون سوچون پنھنجي وطن جيان وسيع ھيون. ھن جي جذبن ۾ پنھنجي وطن جي درياءَ جيان جارحيت ھئي ۽ ھن پنھنجي وطن جي خوشحاليءَ جا اثر پوري جھان تي ڇڏڻ تي چاھيا، پر اھو بي اثر ٿي ويو. هو مفلوج ڪيو ويو ڇو ته ھن جي سجاڳي ھن جو شعور، ھن جو پنھنجي پاڻ جي سڃاڻپ مفلوج ڪندڙ مخلوق لاءِ تمام خطرناڪ ھئي. ھن ڪھاڻيءَ جو ڪردار ھڪ محب وطن جي علامت به ٿي سگھي ٿو ته پنھنجي قوم ۽ ڌرتيءَ سان ڪميٽمڊ رھندڙ ليکڪ به سگھي ٿو. جيڪو پنھنجي سڃاڻپ ۽ پنھنجو فڪر وساري ويٺو آھي.
خوشبو کان خوفزدا ٿيل شخص: ھي ڪھاڻي ھڪ اھڙي فرد جي ڪھاڻي آھي جيڪو پنھنجي ماءُ توڙي پيءُ جي شفقت کان محروم آھي. ھي ٻن جوڙن طرفان ڪيل گناهه جو نتيجو آھي، تنھن ڪري ھن وٽ ڪابه سڃاڻپ ناھي. تنھنڪري سڃاڻپ جي ڳولا، محبت ۽ مانيءَ جو متلاشي آھي ۽ اھي ٽيئي شيون ھن جي زندگيءَ جو وڏو ڏک آھن. جيئن ھن جو ھڪ جملو آھي. “ماءُ، محبوبه ۽ ماني ئي سندس زندگيءَ جا وڏا ڏک آھن.” ھي ڪھاڻي شھري سماج جي حقيقي ڪھاڻي آھي جتي ڪيترائي ٻار پنھنجي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ آھن.
بيوسي جي بارش: ھن ڪھاڻيءَ جو ڪردار جيڪو ھڪ آدرشي ڪھاڻيڪار آھي جنھن پنھنجن ڪھاڻين ذريعي ھن جھان ۽ ھن ڌرتيءَ کي بدلائڻ جا خواب ڏٺا جنھن پنھنجي ڪھاڻين ۾ ھن ڌرتيءَ جي مخلوق سان پيار جو درس ڏنو ٿي. ھن جو ايمان ھو ته ھڪ ڏينھن هن جي ڪھاڻين جا ڪردار ھن حقيقي دنيا ۾ پيدا ٿيندا ۽ اھي ھن ڌرتي ۽ ھن جھان سنواريندا پر ائين نه ٿي سگھيو ۽ ھي ليکڪ ايبنارمل ٿي ويو. ھن کان لکڻ جي صلاحيت ختم ٿي وئي ۽ ھر شيءِ کان لاتعلق ٿي ويو. ويندي پنھنجي زال کان به. جيڪا ھن جي محبت لاءِ ترپي ٿي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪ ٻن ڪردارن جون ڪھاڻيون پيش ڪيون آھن. ھڪ طرف ھڪ ڪھاڻيڪار جو آدرشي ڪردار، جنھن سماج کي تبديل ڪرڻ ٿي چاھيو، ان سماج جا ماڻھو ئي ھرشيءِ کان لاپرواهه ٿي ۽ ان سماجي حالتن سبب ئي اھو آدرشي ڪھاڻيڪار ايبنارمل ٿي ويو ته ٻئي طرف ليکڪ پنھنجي ڪھاڻيءَ ۾ اُن ڪردار جي گھرواريءَ کي پنھنجي مڙس جي محبت لاءِ بيوس ڏيکاري ٿو. ائين ڪھاڻيءَ جو ڪلائيميڪس به تبديل ٿي وڃي ٿو. اھا ٽيڪنڪ مجيب پنھنجي ھر ڪھاڻي ۾ استعمال ڪئي آھي.
ان کانسواءِ ھن ڪتاب جون ٻيون ڪھاڻيون ھڪ فرد جي اڪيلائي، ھڪ فرد جي داخلي بحران، شخصي ڀڃ ڊاهه ۽ فرد جي اندروني تضادن، ڪيفيتن ۽ سياسي ۽ قومي ويڳاڻپ جو اظھار آھن. جنھن کي مجيب علامتي ۽ فلسفياڻي انداز سان پيش ڪيو آهي، جيڪي يقينن اڄ جي جديديت پڄاڻا دور جي ھڪ فرد جون حقيقي ڪھاڻيون آھن، جن کي اڳ سنڌي ادب ۽ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ پيش ناھي ڪيو ويو. تنھنڪري مجيب جو پڙھندڙن کي ڪھاڻين جو ھڪ نئون جھان متعارف ڪرائڻ لاءِ ھڪ وک کڻڻ تمام اھم آھي.