ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هڪ اهم فيصلي جو ڏينهن

Editorial-Article- Ghulam Hussain Leghari

پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين جي عام چونڊن جي تاريخ ۾ ردوبدل ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ جي ٽن ميمبرن واري بئنچ اڄ اتان ٻيهر شنواني شروع ڪندي جتان جمعي ڏهاڙي ختم ٿي هئي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جنهن وقت ٻڌڻي ملتوي ڪري رهيو هو ته هن پنهنجي اختتامي ريمارڪس ۾ چيو هو ته خدا خير ڪندو سومر وارو ڏهاڙو بهتر ثابت ٿيندو، جنهن کان پو اتحادي حڪومت خاص ڪري (ن) ليگ ۾ وڏو ٿرٿلو مچي پيو هو. جمعي ڏهاڙي به بئنچ ٽٽي هئي جو جسٽس مندوخيل بئنچ کان الڳ ٿيو هو جنهن کان پوءِ حڪومتي ڌر سمجهيو هو ته شايد هاڻ چيف جسٽس مايوس ٿي ڪيس هلائڻ کان جواب ڏيندو پر هن ٽن ميمبرن تي نئين بئنچ جوڙي ورتي ۽ ڪيس کي اڳتي وڌايو جيڪا ڳالهه حڪومتي ڌر کي نه وڻي ۽ سخت موقف اختيار ڪيو. چيف جسٽس تي آڱريون کنيون ويون.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي جمعي ڏهاڙي وارن ريمارڪس ۽ سپريم ڪورٽ جي اڄوڪي ٻڌڻي جي نتيجي ۾ مخالفت ۾ ايندڙ ڪنهن به امڪاني فيصلي حڪومتي ڌر کي انهي حد تائين پريشان ڪري ڇڏيو آهي جو اهڙي فيصلي اچڻ کان اڳ ۽ ان کان بچڻ لاءِ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف ڇنڇر ڏهاڙي تڙ تڪڙ ۾ ماڊل ٽائون لاهور ۾ اتحادي پارٽين يعني پي ڊي ايم جو هنگامي اجلاس ڪوٺايو، جنهن ۾ پ پ پ قائد آصف علي زرداري دبئي مان ۽ (ن) ليگ قائد ميان محمد نواز شريف لنڊن مان وڊيو لنڪ وسيلي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ هدايتون جاري ڪيون جن آڌار اجلاس ۾ ڪجهه آپشنز تي غور ڪري فيصلا ڪيا ويا جن ۾ مک فيصلو عدالتي ٻڌڻي جو بائيڪاٽ ڪرڻ يا اهڙي ڪنهن هڪ طرفي فيصلي کي نه مڃيو ويندو جنهن لاءِ ميان نواز شريف اڳ ۾ ئي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ذڪر ڪري چڪو آهي. (ن) ليگ جي باقي قيادت ۽ اڳواڻ به نواز شريف جي اهڙي بيانيي کي وري وري ورجائيندي پئي رهي. بقول قانوندانن جي ته سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به فيصلي کي نه مڃڻ نه فقط آئين جي توهين آهي پر بغاوت به آهي.
اڄوڪي ٻڌڻي کان اڳ پ پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري پارٽي اڳواڻ قانوندان فاروق ايڇ نائڪ کي قانوني مشورن ۽ سپريم ڪورٽ ڪيس جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ جي سلسلي ۾ ڇنڇر ڏهاڙي دبئي گهرايو هو جيڪو وڌيڪ حڪم وٺي اڄ ٻيهر سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي ۾ شريڪ ٿيندو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري فاروق ايڇ نائڪ کي ڪهڙيون هدايتون ڏنيون آهن يا سندن وچ ۾ ڪهڙن قانوني نقطن تي ڳالهيون ٿيون آهن، تن جو ظاهري طور پتو اڄوڪي ٻڌڻي وقت پئجي سگهندو ته هو عدالت ۾ پنهنجو ڪهڙو موقف رکي ٿو يا وري پي ڊي ايم جي موقف جي حمايت ۾ ٻڌڻي جو بائيڪاٽ ڪري ٿو.
سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته پ پ پ بظاهر ته پي ڊي ايم جي هر اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهي آهي ۽ ان جي هر فيصلي ۽ هر مشوري جو حصو بڻجندي پئي اچي پر پ پ پ آئين ۽ قانون جي ابتڙ ڪنهن به اهڙي منفي قدم کڻڻ جو حصو نه بڻبي جنهن سان عدالتي بحران وڌي يا وري چيف جسٽس کي عهدي تان وقت کان هٽائڻ لا غير آئيني حربا استعمال ڪيا وڃن. پ پ پ اڳواڻ اڳوڻي گورنر قانوندان عبدالطيف کوسي ته کلي عام (ن) ليگ جي عدليا مخالف روين تي سخت تنقيد ئي آهي ۽ موجوده بئنچ جي حق ۾ بيان ڏنو آهي. بئريسٽر اعتزاز احسن جا لاڳيتو منظرعام تي ايندڙ بيان به ٻڌائين پيا ته جيڪڏهن چيف جسٽس عمر عطا بنديال يا عدليا مٿان ڪو غير آئيني غير قانوني حملو ٿيو ته هو عدليا حمايت تحريڪ جو ساٿ ڏيندو. پ پ پ سان لاڳاپيل ڪجهه پارليامينٽرين به پارليامينٽ اندر توڙي ٻاهر عدليا جي حق ۾ بيان ڏئي (ن) ليگ کي وائکو ڪري چڪا آهن.
سپريم ڪورٽ جي اڄوڪي ٻڌڻي کي تڪراري بنائڻ لا ڇنڇر ڏهاڙي پي ڊي ايم قيادت جيڪي به فيصلا ۽ اعلان ڪيا آهن، تن ۾ ٽي آپشن سامهون آيا آهن جن ۾ ٻڌڻي جو بائيڪاٽ ڪرڻ، فل بئنچ جي قيام جو مطالبو ورجائڻ، بئنچ جي ٽنهي ججن تي بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ وسيلي پنهنجو منفرد احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ شامل آهن. فل بئنچ وارو مطالبو ته اڳ ۾ ئي بئنچ رد ڪري ڇڏيو آهي، رهيو سوال ججن خلاف بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ جو به ڪو فرق نه پوندو ٻڌڻي پنهنجي جا تي جاري رهندي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين جا اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ به عرضدار آهن. جيڪڏهن حڪومت بائيڪاٽ ڪري ٿي يا عدم اعتماد ظاهر ڪري ٿي پوءِ به بئنچ ٻڌڻي جاري رکندي ۽ هڪ طرفو فيصلو ڏئي سگهي ٿي. هونئن به اٽارني جنرل ۽ اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن پنهنجا پنهنجا موقف بئنچ اڳيان پيش ڪري چڪا آهن.
(ن) ليگ جي قائد ميان محمد نواز شريف جي به ڏنل ڌمڪي به عدليا ته ڪنهن حملي کان گهٽ ناهي جنهن ۾ هن موجوده بئنچ جي حڪومت مخالف ڪنهن به فيصلي کي تسليم نه ڪرڻ جو چيو آهي. جيڪڏهن حڪومت يا اليڪشن ڪميشن کي عدالتي فيصلو قبول نه هو ته پو چونڊن جي تاريخ ڇو ڏني وئي شيڊول ڇو جاري ڪيو ويو ۽ پاڻمرادو نوٽيس واري عدالتي فيصلي خلاف اپيل ڇو داخل نه ڪئي وئي جنهن تي اڪثر قانوني ماهر به متفق آهن ته حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کان غلطي نه پر وڏو غلطان ٿيو آهي يا ته عدالتي فيصلي خلاف اپيل ڪئي وڃي ها يا وري عدالت ۾ ريفرنس آڻي تاريخ ۾ توسيع جي اجازت حاصل ڪئي وڃي ها جنهن سان ڪو به آئيني بحران پيدا نه ٿئي ها. هاڻ عدالتي فيصلي تي عمل ڪرڻ گهرجي.
وفاقي گهرو وزير رانا ثناالله جو به هڪ ڳڻتي جوڳو بيان سامهون آيو آهي ته جيڪڏهن چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو حڪومت مخالف رويو رهيو ته سندس خلاف هڪ ٻيو به آپشن موجود آهي، جنهن ۾ سندس خلاف ريفرنس دائر ٿي سگهي ٿو جيڪو بيان به ڪنهن ڌمڪي کان گهٽ ناهي. رانا ثنا الله جو بيان پنهنجي جا تي پر اهڙي آپشن تي هفتي ٻن کان غور جاري آهي جنهن لا به ميان محمد نواز شريف اڳ ۾ ئي اهڙي منظوري ڏئي چڪو آهي. پارليامينٽ کان ٻاهر سرگرم (ن) ليگ قائد مريم نواز ۽ تارڙ برادري به اهڙي آپشن جي حق ۾ آهن، جن تياري ڪري ڇڏي آهي، ٿي سگهي ته اڄوڪي ٻڌڻي کان اڳ ۾ ئي اهڙي قسم جو ريفرنس سامهون اچي وڃي، جنهن سان به ٻڌڻي رڪجي وڃي. البت هاڻ 1997ع وارو دور ناهي جو عدالت تي حملو ٿئي يا وري هڪ اڌ جج ويهي چيف جسٽس خلاف ڪو تڙتڪڙ ۾ ڪو منفي فيصلو ڏئي عدلتي وقار کي قومي سطح تي نقصان پهچائين.
ڪجهه قانوندان ۽ سياسي حلقا ان خيال جا به آهن ته اڄوڪي ٻڌڻي دوران ڪي رڪاوٽون نه وڌيون ويون ۽ ٻڌڻي جاري رهي ته فيصلو اليڪشن ڪميشن جي مخالفت ۾ اچي سگهي ٿو جو ڪميشن پنهنجي آئيني اختيارن کان هٽي چونڊ تاريخ ۾ تبديلي آندي آهي، جنهن سان چيف اليڪشن ڪمشنر نااهل به ٿي سگهي ٿو. وري جيڪڏهن فيصلي تي عمل درآمد نه ٿيو ته وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف به نا اهل ٿي عهدو وڃائي ويهندو جنهن جا به (ن) ليگ جي سياست تي منفي اثر پوندا. (ن) ليگ پاڻ به اندروني انتشار جو شڪار آهي ۽ (ن) ليگ جي هڪ ڌر ڪنهن به صورت ۾ شهباز شريف کي بطور وزيراعظم برداشت نٿي ڪري. پ پ پ جي هن ڏس ۾ ڪوشش رهندي ته ڪو به عدليا مخالف قدم نه کڄي جيڪو پ پ پ جي ساک کي ڪو نقصان پهچي. اڄوڪي ٻڌڻي ۽ فاروق ايڇ نائڪ جي شريڪ ٿيڻ کان پو ئي پتو پوندو ته پي ڊي ايم جو اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي.
پي ڊي ايم جي عدليا مخالف اجلاسن ۽ سامهون ايندڙ منفي اعلانن کان پو پي ٽي آ به سرگرم عمل ٿي چڪي آهي جنهن سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن، قانوندانن ۽ سماجي اڳواڻن، مختلف شهري تنظيمن سان رابطن جو هڪ وسيع سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن به پي ڊي ايم جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن. عمران خان هن ڏس ۾ پنهنجي ڪارڪنن، حامي وڪيلن کي تيار رهڻ جو اڳواٽ ئي حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته عدليا مخالف هر سازش جو مقابلو ڪيو ويندو ۽ عدليا بچا تحريڪ هلائي ويندي. پي ٽي آءِ ڪنهن به صورت ۾ نٿي چاهي ته عدليا ڪنهن مخصوص گروهه وٽ يرغمال رهي ۽ من پسند فيصلا ورتا وڃن. چيئرمين عمران خان نيازي جو خطاب سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته عدليا کي يرغمال بنائڻ ۽ هٿرادو فيصلا وٺڻ سان ملڪ جي بقا لا وڏو خطرو آهي. جهڙي امپورٽيڊ حڪومت جي نيت آهي ته چونڊون آڪٽوبر ۾ به ٿي نه سگهنديون. (ن) ليگ پنهنجي پسند جي عدالت، پنهنجي پسند جا جج آڻڻ ٿي چاهي. بقول عمران خان جي ته هن وقت فيصلا پاريامينٽ بدران لنڊن دبئي ۽ ماڊل ٽائون لاهور مان اچي ۽ ٿي رهيا آهن جن کي روڪڻ جو هي آخري وقت آهي.
بهرحال اڄوڪي ٻڌڻي ۽ ممڪنه فيصلي ڏانهن پوري قوم جو نگاهون آهن. سياستدان ڀلي چاهيندا هجن پر قوم ڪڏهن به عدالت ۽ جمهوري ادارن مٿان غير آئيني غير قانوني حملن ۽ انهن جي آئي ڏينهن ٿيندڙ تذليل جي مخالف آهي. ادارن جو وجود ملڪ جي سالميت سان واڳيل آهي. بهتر اهو ٿيندو ته جيڪڏهن ججن ۾ اندروني طور ڪي وڇوٽيون آهن ته اهي هو پاڻ ختم ڪن. کين سياست ۾ گهلڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪئي وڃي جنهن سان ملڪ سياسي معاشي ۽ انصاف جي فراهمي ۾ ڪمزور ٿي پنهنجي وجود وڃائي ويهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button