اهو ڪيترو نه عجيب ۽ ڪيترو نه اعتراض جوڳو سوال آهي يا هجڻ کپي ته ”چونڊون ٿينديون يا نه ٿينديون؟“
ڇا ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ ان قسم جي سوال اٿڻ جو صورتحال هجڻ به گهرجي؟ اهڙو سوال آمريڪا، برطانيا، جرمني، اٽلي يا جاپان ته ڇا پر انڊيا ۾ به پڇڻ عيب جوڳو ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ڪجهه سوالن جي باري ۾ سدائين اهي جواب ڏنا ويندا آهن ته ”اهو سوال اٿي نه ٿو سگهي“ يا ”نه اٿڻ گهرجي“ پر افسوس! افسوس ته پاڪستان ۾ ڪافي وقت کان وٺي اهو سوال ڪاريهر جهڙو ڪر کڻي بيٺو آهي ۽ بار بار ان لفظن سان ڀڀڪاري رهيو آهي ته ”چونڊون ٿينديون يا نه ٿينديون؟“ جيڪڏهن هن وقت به ڪنهن اداري کان تحقيق ڪرائي وڃي ته عمران خان پاران حڪومت کان لهڻ ۽ پي ڊي ايم پاران اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پڇيو ويندڙ سوال اهوئي رهيو آهي ته ڇا چونڊون ٿينديون يا نه ٿينديون؟
هن وقت آئيني طور تي عام چونڊن ۾ چار مهينا مس بچيا آهن پر ان جي باوجود به اميدوارن جي دروازن تي بيٺل لنگهن جا دهل خاموش آهن. شرنائين جو ڪو شور ناهي. هڪ ماٺ آهي. هڪ معنيٰ خيز ماٺ آهي. ان ماٺ ۾ معلوم نه ٿو ٿي سگهي ته چونڊون ٿينديون يا نه ٿينديون؟ چونڊن جي سلسلي ۾ جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن ڪجهه چوي ٿي ته ايوان صدر کان وٺي اعليٰ عدليا تائين ان اداري جي ڪامورن کي ڪاوڙ ۾ ڇنڊ پٽي وڃي ٿي ۽ کين چيو وڃي ٿو ته اوهان جو اهو ڪم ڪانهي ته اوها چونڊون هيٺ مٿي ڪيو. اوهان جو جيڪو ڪم آهي، اوهان ان ڪم تائين محدود رهو ۽ بس! ساڳي طرح سان جڏهن ايوان صدر ۽ ملڪ جي مهان عدليا چونڊن جي باري ۾ ڪجهه چون ٿا ته حڪومت عدليا جي عزت کي وساري ويهن ٿا ۽ ايوان صدر جي طرف اهي ليٽر اماڻيا وڃن ٿا، جن ۾ چيو پيو وڃي ته اوهان جو ڪردار آئين جي حوالي سان صدر وارو نه پر هڪ مخصوص پارٽيءَ کي پنهنجو ڪرڻ ۽ ان لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ وارو آهي. جڏهن ته پاڻ حڪومت ان سلسلي جي جواب ۾ هڪ اهڙي منجهيل صورتحال پيش ڪري ٿي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ خود هڪ عدد حڪومتي ڪميٽيءَ جي ضرورت درپيش آهي. سرڪار جي ڪنهن به نامدار کان جڏهن چونڊن جي باري ۾ سوال ڪيو وڃي ٿو ته ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ڪنهن سندس ڏکندڙ رڳ تي هٿ رکيو هجي. هن وقت اهوئي ڪجهه ٿي رهيو آهي، جيڪو ڪجهه ان وقت ٿيندو آهي، جنهن وقت ڪوئي آمر حڪومت ۾ هجي ۽ هن کان بار بار ساڳيو سوال پڇا ڪيو وڃي ته ”چونڊون ڪڏهن ٿينديون؟“
اليڪشن جي حوالي سان هن وقت ملڪ ۾ تمام گهڻي ڪنفيوزن (Confusion) ۽ الاهي ساترو مونجهارو آهي. هڪڙا ماڻهو اڄ به ان موقف تي ڄميل آهن ته ملڪ ۾ چونڊون ٿينديون ۽ ڪجهه ماڻهو بضد آهن ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون نظر نه ٿيون اچن.
چونڊن جي سلسلي ۾ عام طور تي اهو خيال بار بار پيش ڪيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن انهن حالتن ۾ چونڊ ٿي ته پوءِ عمران خان کي واضح اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ کان ڪو به روڪي نه ٿو سگهي. ان ڪري ڪوشش ڪئي وڃي ته جيترو چونڊن کي اڳتي گهلي سگهجي ايترو اڳتي گهلجي. پر عام طور تي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ان صورت ۾ عمران خان جي مقبوليت جو گراف اڃان وڌيڪ وڌندو. ڇو ته عمران خان نه صرف اهو چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊون نوي ڏينهن کان پوءِ نه ٿيون ته اسان روڊن تي هونداسين.
عمران خان ته هن وقت به روڊن تي آهي. هو هن وقت پنجاب جي دل ۾ زمان پارڪ واري هنڌ خيما کوڙي ويٺو آهي. هو هن وقت به پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪنهن به طرح سان مسلم ليگ کي هڪ پل به سڪون سان ويهڻ نه ڏجي. اهوئي سبب آهي ته هو هاڻي به جهڙوڪ چونڊ مهم هلائي رهيو آهي. هو مستقل طور تي نواز شريف ۽ هن جي حامين کي عوام جي نظرن ۾ ڪيرائڻ جا جتن ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن حد تائين هو ڪامياب به ٿيو آهي پر عمران خان کي ان سلسلي ۾ مڪمل طور تي سوڀارو قرار ڏئي نه ٿو سگهجي. ڇو ته اڄ به نواز ليگ پنجاب جي برادري سسٽم ۾ سگهاري پوزيشن رکي ٿي. جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته عمران خان گذرندڙ وقت سان وڌيڪ مقبول ۽ نواز شريف جي پارٽي گهٽ مقبول ٿيڻ جي واٽ تي هلي رهيون آهن.
حڪومت عدليا کي پريشر هيٺ رکڻ ۽ نواز شريف جي واپسيءَ جو رستو ٺاهڻ لاءِ جيڪو قانوني بل آندو آهي، ان کي جڏهن عدليا ۾ پيش ڪيو ويو ته ڇا اعليٰ عدليا اهڙي قانوني عدليا قبول نه ٿي ڪري ۽ هوءَ اهو چوي ٿي ته اهو بل ملڪي آئين جي روح مطابق ناهي ته ان صورت ۾ حڪومت ڇا ڪندي؟ حڪومت جو سربراهه ميان شهباز شريف ۽ مريم نواز کي اهو احساس آهي ته هن جي پارٽي ميان نواز شريف جي غيرموجودگيءَ ۾ ڪامياب ٿي نه ٿي سگهي. انهن جي پوري ڪوشش اها آهي ته هو ڪو اهڙو قانوني رستو ڪڍن، جنهن سان ميان نواز شريف جي واپسي ممڪن ٿي سگهي ته جيئن پورو ملڪ نه سهي پر گهٽ ۾ گهٽ مسلم ليگ ن پنجاب کي ته عمران خان جي ان سياسي ڄار مان ڇڏائي سگهي، جيڪو ڄار هن اهڙي ته ڪاريگريءَ سان اڻيو آهي جو پنجاب جا پکي پاڻمرادو هن جي ڄار ۾ ويهي رهن ٿا.
مريم نواز تمام گهڻي محنت ڪري رهي آهي پر پوءِ به هو پوري نه ٿي پئجي سگهي. جڏهن ته بلاول اڳواٽ ناڪام ٿي ويو آهي ۽ هن کي معلوم ٿي ويو آهي ته هو پنجاب جي دل تي دستڪ ڏئي نه ٿو سگهي. جنهن ماحول ۾ مريم ڪاميابي نه ماڻي سگهي، ان ماحول مان شهباز شريف يا هن جو پٽ ڪهڙو ٻوٽو ٻاري سگهن ٿا؟ اهوئي سبب آهي ته هو سڀ نواز شريف جي راهه نهاري رهيا آهن. جڏهن ته نواز شريف ٻن سببن جي ڪري هن مهل تائين دير ڪئي آهي. هڪ سبب اهو آهي ته هو پنهنجي حوالي اسان هڪ فول پروف ٽائپ قانوني سڪيورٽي چاهي ٿو ته هن کي ڪنهن به قيمت تي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو وڃي. جيتوڻيڪ هن مهل نيب جي جڪڙ اهڙي ناهي، جهڙي ان دور ۾ هئي، جڏهن نيب جو نالو ٻڌي ڪرپشن ۾ ملوث سياسي اڳواڻن جي پيشانين تي پگهر اچي ويندا هئا. هاڻي ته نيب حڪومت جي اشاري تي هلڻ وارو ادارو بڻجي وئي آهي پر پوءِ به سرڪاري ڌر جي سيني ۾ موجود دل ڌڙڪي رهي آهي ۽ اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته هن مهل تائين گهٽ ۾ گهٽ نواز شريف جو خوف ختم نه ٿيو آهي. هن کي پڪي پڪ کپي. هن کي ڪا اهڙي ضمانت گهرجي، جيڪا هن کي ملڪ ۾ قانون کان محفوظ رکي.
نواز شريف پاڻ به اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو عمران خان پوري پاڪستان ۽ خاص طور تي پنجاب ۾ اها صورتحال پيدا ڪئي آهي، جنهن جو مقابلو نه ته مريم ڪري سگهي ٿي ۽ نه وري شهباز شريف ڪري سگهي ٿو. ميان نواز شريف جي اچڻ سان پنجاب ۾ سياست جي ڪشمڪش تمام گهڻي تيز ٿي ويندي. مسلم ليگ ن جا اهي حلقا جيڪي هن وقت مايوسيءَ جو شڪار ٿي، ڪنڊائتا ٿي ويا آهن، اهي به نوا ز شريف جي اچڻ سان ڪافي سرگرم ٿي ويندا. جيڪڏهن هن ڀيري چونڊون صاف سٿريون ٿيون ۽ ان ۾ ڪنهن به عمل دخل نه رهيو ته پوءِ عمران خان ۽ ميان نواز شريف جي وچ ۾ ٿيندڙ مقابلو عوامي دلچسپيءَ جو هڪ نئون باب رقم ڪندو. پر ان لاءِ ميان نواز شريف جي واپسي ضروري آهي. جهڙي طرح پاڪستان ۾ اهو سوال تمام گهڻو پاپولر آهي ته چونڊون ٿينديون يا نه ٿينديون؟ ساڳي طرح سان ان سوال کان پوءِ اهوئي جواب پڇيو وڃي ٿو ته ميان نواز شريف چونڊ مهم هلائڻ جي لاءِ ايندو يا نه ايندو؟
پاڪستان ۽ پاڪستان ۾ خاص طور تي پنجاب جو ”ملاکڙائي عوام“ ان شوق ۾ آهي ته هو چونڊن جي صورت ۾ مقابلو ڏسي ۽ اهو مقابلو جڏهن عمران خان ۽ ميان نواز شريف جي وچ ۾ دوبدو ٿيو ته ماڻهن لاءِ ان مزي جا منظر ئي الڳ هوندا. پر بنيادي سوال اهو آهي ته عمران خان جي ايتري ساري مزاحمت جي دوران ميان نواز شريف پاڻ مرادي جلاوطني پوري ڪري واپس ورندو؟ جيڪڏهن هو واپس وريو ته ڇا هن کي قانوني غسل ملندو ۽ هو وري پاڪ صاف تي پنهنجي زندگيءَ جي نئين سياسي اننگ کيڏي سگهي. عمران خان اهڙي عمل جي ڀرپور مداخلت ڪندو. ان لاءِ اسٽيبلشمينٽ به هڪ تمام وڏو تعاون وارو مرحلو عبور ٿيندو ڏسڻ گهري ٿي. اسٽيبلشمينٽ جي اها خواهش آهي ته ملڪ جون سموريون پارٽيون پاڻ ۾ مڙي مٺ ٿين. پر ان جو مطلب اهو نه وٺڻ گهرجي ته ڪو اسٽيبلشمينٽ انهن کي پنهنجي خلاف ڪٺو ڪري رهي آهي!
اسٽيبلشمينٽ جي خواهش آهي ته پاڪستان جي مخصوص ماحول ۾ حڪومت جو سرشتو سڪون سان هلندو رهي ۽ سياسي پارٽيون پاڻ ۾ وڙهي اسٽيبلشمينٽ جي مٿان پردو هٽائي هڪ طرح جي جڳ هنسائي نه ڪن. ان سلسلي ۾ سرڪار ۾ ويٺل ڌريون ته راضي آهن پر اصل مسئلو عمران خان جو آهي. عمران خان سمجهي ٿو ته جيڪڏهن هن کي اهي سمورا ڪردار قبول ڪرڻا هئا ته پوءِ هن سختيون ڇو سٺيون؟ هن پنهنجي حڪومت تان هٿ کڻڻ وارو عمل ڇو قبول ڪيو؟ هو پاڪستان جو هيرو ٽائپ حڪمران ٿيڻ چاهي ٿو. ان سلسلي ۾ هو وڌ کان وڌ عوامي دٻاءُ استعمال ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت جي حڪومت توڙي اسٽيبلشمينٽ به اهو نه ٿي چاهي ته عمران خان کي ايترو مينڊيٽ ملي جو هو طاقت جي ڪندو وتي. هن وقت عمران خان ۽ ملڪ جي اصل قوتن وچ ۾ ڪشمڪش آهي. عمران خان جا شرط انهن لاءِ قابل قبول ناهن ۽ انهن جا شرط عمران خان مڃڻ لاءِ تيار ناهي. ان ماحول ۾ صرف ٽيون رستو ئي عام اليڪشن طرف وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو.