ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊجيٽل آدمشماري سڌارا ۽ قومي ذميواريون

Editorial- Article- Ali Memon

ملڪ ۾هلندڙ ستين گهر شماري ۽ ڊجيٽل آدمشماري 2023ع ۾سڌارا آڻڻ لاءِ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ۾ ٿيل گڏجاڻين جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ڳڻپ واري طريقيڪار کي درست ڪرڻ بابت ڪيل گڏجاڻين جي نتيجي ۾ وفاقي حڪومت طرفان آدمشماريءَ جا جيڪي فيصلا ڪيا ويا، وفاقي شماريات ڊويزن طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ انهن سڌارن جو اعلان ڪيو ويو ۽ هاڻي اخبارن ۽ ميڊيا جي ٻين ذريعن سان ڳڻپ سڌارن بابت اشتهار پڻ شايع ڪيا ويا آهن، جن ۾ صوبن سان ڪيل وعدن تي عملدرآمد ڪندي ڊجيٽل آدمشماري صوبائي حڪومتن جي نگرانيءَ ۾ ڪرڻ وارو اعلان سامهون آيو آهي. هن اعلان موجب سنڌ ۽ پنجاب صوبن ۾ ٿيندڙ آدم ڳڻپ لاءِ ضلعي انتظاميا جي نگراني مقرر ڪئي وئي آهي ۽ ضلعن جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن جي آفيسن ۾ ڳڻپ مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. پر وفاقي حڪومت طرفان جاري ٿيل اشتهارن موجب آدمشماريءَ جو وقت 4 اپريل (اڄ) تائين وڌايو ويو آهي. وزير اعظم طرفان آدمشماري واري معاملي تي چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌ حڪومت طرفان پيش ڪيل اعتراضن تي 5 اپريل تي اسلام آباد ۾ اجلاس سڏايو ويو آهي. اميد ڪري سگهجي ٿي ته سنڌ جي اٿاريل نقطن تي ان جي روح ۽ گهرج موجب درست نموني فيصلا ڪيا ويندا ۽ گهربل اپاءَ ورتا ويندا ۽ صوبن جي جائز موقف ۽ ضرورت موجب، آدمشماريءَ جو مدو پڻ وڌايو ويندو.

ملڪ جي تاريخ ۾ هي عمل شايد پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي ۽ قومي آدمشماري صوبائي حڪومتن جي نگرانيءَ ۾ ڪئي پئي وڃي. ان ڏس ۾مقامي انتظاميا جي مدد سان تعلقي سطح تي ڳڻپ مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جنهن جي مدد سان مختلف ڳوٺن ۽ ننڍن وڏن شهرن ۽ ڪچين آبادين ۽ بي گهر ٿيل ٻوڏ متاثرن کي جتي به آهن ۽ جنهن به حال ۾ آهن، کين اتي ڳڻيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي شڪايت يا ڳڻپ عملي جي نه پهچڻ بابت شڪايت لاءِ فون ذريعي سڌو سنئون شڪايت ڪرڻ يا مقامي انتظاميا، اسسٽنٽ ڪمشنرز کي پڻ آگاهه ڪري سگهبو. ڊجيٽل آدمشماريءَ تي تمام گهڻا اعٽراض ۽ تڪرار ٿي رهيا هئا، جنهن ۾ سنڌين جي مڪمل ڳڻپ نه ٿيڻ ڪري سندن اقليت ۾ تبديل ٿي وڃڻ وارا انديشا، خوف ۽ تڪراري ڌرين جي نيت بابت شڪ ۽ سازشون ڪرڻ وارا معاملا بحث هيٺ رهيا آهن. ان ڏس ۾ سنڌ جي جمهوريت پسندن، ترقي پسندن، قوم پرست ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي ادارن ۽ ساڃهه وندن جي اٿايل اعتراضن سان سنڌ ۾ ڊجيٽل آدمشماري بابت سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڪجهه هفتا اڳ ڪراچيءَ ۾ڪوٺايل گهڻ جماعتي ڪانفرنس کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪو قومي اتفاق راءِ پيدا ٿيو انهيءَ عمل آخرڪار هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ ان کانسواءِ سنڌ جي ذميوار ڌرين طرفان جيڪي گڏيل ۽ ڌار ڌار ڪاوشون ڪيون ويون. انهن جو اهو نتيجو آهي جو ڊجيٽل آدمشماري ۾سمورين ڌرين جي سفارش ڪيل طريقن موجب آدمشماري جو سرشتو بڻايو ويو آهي ۽ انهي ۾ ملڪ جي شهرين لاءِ قومي شناختي ڪارڊ شامل ڪرڻ ۽ پرڏيهين جي ڌار ڳڻپ ڪرڻ وارا قدم کنيا ويا آهن. ڊجيٽل آدمشماريءَ ۾ پنهنجي سموري قوم جي ڳڻپ ڪرائڻ، ٻوڏ متاثرن ۽ بي گهر ماڻهن کي ڳڻڻ ۾ پڻ ظاهري طور ڪنهن به قسم جي ڪابه رڪاوٽ باقي نه رهي آهي.
سنڌ حڪومت کي صوبي ۾ سياسي سرچاءُ ۽ قومي معاملن تي اتفاق راءِ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ اپاءَ وٺڻ گهرجن، اسان جي نيڪ نيتي واري جذبي سان سنڌ جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي هڪ ڀيرو وري اها صلاح ڏيون ٿا ته سندن گذريل ڏينهن ۾ ڪيل ڪاوشن ۽ ڪوٺايل گهڻ جماعتي ڪانفرنس ۽ ڳالهين سان سنڌ ۾ پيدا ٿيل اتحاد جي اها برڪت آهي جو وفاق ۽ صوبي ۾ بهتري پيدا ٿي رهي آهي ۽ سنڌ لاءِ ڪاميابيون وڌي رهيون آهن. سنڌ حڪومت جي ڪوٺايل گهڻ جماعتي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ سمورين جمهوري، ترقي پسند ۽ قوم پرست جماعتن طرفان انهي ڪانفرنس ۾شرڪت ڪرڻ کان پوءِ انهن ۾ مڪمل خاموشي ۽ چپ جو روزو رکيل معلوم ٿي رهيو آهي جو ان کان پوءِ انهن طرفان ڊجيٽل آدمشماريءَ ۾ پنهنجي جماعتن طرفان سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ قوم جي ڳڻپ ڪرائڻ يا انهيءَ عمل ۾ چستيءَ سان شرڪت ۽ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾خاندانن جي وڌ ۾ وڌ ڳڻپ ڪرائڻ لاءِ پنهنجي جماعتن ۽ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ واريون ڪي به ڪارروايون ۽ سرگرميون منظر عام تي نه آيون آهن. بلڪل ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته آدمشماري وارو سمورو معاملو، ذميواريون ۽ بار رڳو سنڌ جي صوبائي حڪومت ۽ صوبي جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي ئي آهي. سنڌ حڪومت جي گهڻ جماعتي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ جماعتن ۾ سنڌ جي سول سوسائٽي جماعت سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن جو سگهارو ۽ وڌيڪ ذميواراڻو ڪردار ۽ عمل سامهون آيو آهي. هن اداري طرفان سموري سنڌ صوبي ۾ پنهنجين شاخن ۽ هزارين رضاڪارن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي جيڪي صوبي جي مختلف ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ پنهنجو قومي فرض سرگرمي سان ادا ڪري رهيا آهن.
ملڪ ۾ جي وفاقي سرشتي ۾ وفاق ۾ صوبن جي حصيداري هن وقت به آدمشماريءَ جي پراڻي عارضي آدمشماري واري ڳڻپ تي بيٺل آهي. 2018ع ۾ ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊون پارليامينٽ جي اتفاق راءِ سان فقط هڪ ڀيرو ڪرڻ واري ڏنل منظوري واري اجازت تحت ڪرايون ويون ۽ هاڻي ملڪ ۾عام چونڊن کان اڳ نئين آدمشماري ٿيڻ لازمي آئيني معاملو آهي. سنڌ ۽ ٻين صوبن کي 2017ع واري آدمشماريءَ تي سخت اعتراض هئا. هن وقت ملڪ ۾ ڊجيٽل آدمشاري 2023ع وارو عمل هلندڙ آهي، جيڪو وفاقي حڪومت جي اڳوڻي اعلان موجب 4 اپريل تي مڪمل ٿيڻو آهي ۽ هن وقت اهو وقت پڻ واريءَ جي مٺ وانگر تيزيءَ سان هٿن مان نڪري رهيو آهي ۽ اڌ کان وڌيڪ سنڌ اڃا آدمشماري ٿيڻ کان رهيل آهي. سنڌ جي اڪثر سياسي جماعتن جي غالب روش ۽ سوچ ۽ طرز عمل کي محسوس ڪيو ويو آهي ته هو، سنڌ جي سياسي ۽ قومي نوعيت جي معاملن تي حڪومت سان ملڻ يا حڪومتي ادارن مان قوم کي ريليف ڏيارڻ لاءِ ڪاوشون ڪرڻ پنهنجو فرض نه ٿا سمجهن ۽ هنن ان ڏس ۾ پاڻ لاءِ رڳو حزب اختلاف يا سرڪار مخالف سياست ڪندو رهڻ ۽ جذباتي نعرن ۽ تهمتن واري تقريرن کي ئي پنهنجو فرض ۽ ذميواريون سمجهي ٻين سمورين قومي ذميوارين ۽ قوم فلاح ۽ بهبود جي ڪمن سان پاڻ کي لاتعلق قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
يقينن اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ ٻي ڪا ڌر عوام ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ يا متبادل بنجڻ لاءِ پاڻ کي قابل قبول بڻائي نه سگهيون آهن. هاڻي جڏهن سنڌ جي سمورين جمهوريت پسندن، ترقي پسندن، قوم پرست ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي ادارن ۽ سماجي ادارن لاءِ انهي قومي بقا ۽ قومي، سياسي ۽ اخلاقي ذميوارين ۾ وڌ ۾ وڌ ڪردار ادا ڪرڻ جا ڀرپور نموني موقعا ميسر آيا آهن. اهو ئي وقت آهي ته هر ڪنهن ڌر کي پنهنجن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به ذاتي تڪرار يا عذر جي پنهنجا قومي فرض ادا ڪرڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button