مون رمضان شريف ۾ منهنجي دوست دين محمد مهر کي ميار ڏني ته هن سال تو وارا ڇونهارا ڪونه مليا. گهٽ ۾ گهٽ رمضان شريف ۾ ته تو واري کجي گهڻو ياد آئي آهي. هن ٿڌو شوڪارو ڀري چيو ته اوهان کي گهٽ ۾ گهٽ رمضان شريف ۾ اسين ياد ته آياسين. پر اوهان اسان کان ته پڇيو به ڪونه ته ٻه هزار ٻاويهه واري برساتي ٻوڏ ۾ اسان کجي وارن سان ڇا وهيو واپريو. اسان جو ته سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو. سئو سيڪڙو کجيءَ جو فصل جيڪو ان وقت مڪمل تيار هو، اهو اکين سان ڏسندي تباهه ٿي ويو. اٺ ڏينهن اڳ برسات وٺي، اسان دعائون گهريون ته وڌيڪ مالڪ رحم ڪندو. خير خيراتون ڪيوسين. مٺن چانورن جون ديڳيون به لاٿيون سون. گهڻو نقصان اڃان نه ٿيو هو. پر اٺن ڏينهن کان پوءِ جيڪا لڳاتار 72 ڪلاڪ برسات وٺي. برسات ڇا هئي، آفت هئي آفت. الله رحم ڪري. کجين جي باغن ۾ چار، پنج فوٽ پاڻي بيهي ويو. ڪٿي ڪٿي ته ان کان به وڌيڪ پاڻي بيهي ويو هو. هي اهو وقت هو جڏهن ڇونهارن ڏنگ ڏنا هئا ۽ ڪٿي ڪٿي پٽ به شروع ٿي وئي هئي.
هونءَ به کجي جو فصل لهڻ وقت چولستان ۽ بلوچستان مان کجيءَ جا هزارين مزدور عورتن ٻارڙن ۽ پنهنجي مال متاع سميت پهتل هوندا آهن. پر کجين جي باغائين کي باگڙين جي ليبر گهڻو ياد هوندي آهي. ڏهين جولاءِ کان آگسٽ جي پهرين هفتي تائين وارو ٽائيم کجيءَ جي آباگارن ۽ ٺيڪيدارن لاءِ واءُ ۽ مينهن وانگر طوفاني ڏينهن هوندا آهن. انهن ڏينهن ۾ باگڙاڻيون پهچنديون ۽ باغن مان ڪريل کجيون ميڙينديون آهن. اهي ڏينهن هر باغائي لاءِ ايترا ته اهم هوندا آهن، جو باغن ۾ ڇڻيل کجي ميڙڻ جو وٽن ٽائيم نه هوندو آهي. آخر ڪم وارن ويهن ڏينهن ۾ هو ڇا ڇا ڪن. موسم جو مٿن ايڏو ته دٻاءُ هوندو اٿن، جو اڳيان باهه، پويان پاڻي هوندو آهي. ان لمحي مان باگڙاڻيون فائدو وٺيو وڃن. هو باغن مان ڪريل ڏنگ ميڙيو گڏ ڪن. هو مزاجن واپاري هئڻ ڪري گڏ ڪيل ڏنگ واري کجي وڪڻڻ وارو ڪاروبار به ڪن. آبادگار ۽ ٺيڪيدار ته ٻه هزار ٻاويهه واري برسات ۾ تباهه ٿي ويا، پر هزارن جي انگ ۾ آيل کجيءَ واري ليبر به وڏي تباهي هيٺ اچي وئي. اهي پوءِ وڏو عرصو ٻوڏ متاثر ٿي ويٺل رهيا. امداد جي آسري ۾. ڪن کي ٽينٽ مليا، ڪن کي اهي به نه مليا. ڪجهه ڏينهن سرنديءَ وارن جو ڀت کائي واپس روانا ٿي ويا.
هونءَ هو سڄي سال جو پورهيو ڪري موٽندا هئا. کائڻ لاءِ کجي به کڻي ويندا هئا. انهن وٽ واپسيءَ جو ڀاڙو به ڪونه هو. دين محمد مهر ڪنگري تعلقي جو رهواسي آهي. هن وٽ اباڻي زمين جا چار جريب آهن. جنهن ۾ کجي مکيه فصل ٿئي ٿو. باقي وونئڻ، ڪڻڪ، ڪيلا ۽ گاهه پوکين ٿا. هو يونيورسٽي پاس ڪرڻ کان پوءِ لاڳيتو امتحانن ڏيڻ ۾ مصروف آهي. بيروزگار ڇا ڇا نٿو ڪري. مرتا ڪيا نه ڪرتا. پبلڪ سروس ڪميشن کان وٺي سي ايس ايس تائين. ويجهڙائي ۾ آءِ بي اي جو اهڙو ڪوبه امتحان نه آهي، جيڪو هن نه ڏنو هجي. ڏنل امتحانن ۾ پاس مارڪون کڻن کان پوءِ به هن جو قطار ۾ بيهڻ اڃان ختم نه ٿيو آهي ۽ نه وري هن لاءِ ويٽنگ وارو لفظ ختم ٿيو آهي.
اين جي اوز جي مختلف ادارن ۾ به انٽرويو ڏئي چڪو آهي. ان موضوع تي هن سان جڏهن ڳالهائبو آهي ته هن سان ڳالهائيندڙ سمجهندو آهي ته هن کي چڙ ۽ ڪاوڙ گهڻي آهي، جو هو پنهنجي ڳالهه الائي ڇو نٿو سمجهائي سگهي. هن يونيورسٽي پاس ڪرڻ کان پوءِ اهو به سوچيو هو ته اباڻي زمين وڃي سنڀاليندو. جديد گهرج تحت پوکي ۽ کجي ٺيڪيدارن کي ڏيڻ بدران پاڻ ليبر هٿ ڪندو ۽ ڇونهارن جي مارڪيٽنگ ڪندو. ان لاءِ هن ابتدائي خرچ واري رقم ڳولڻ ۾ مصروف هو. پڙ لاءِ مٿانهين هنڌ وارو ايڪڙ زمين جو به مهيني لاءِ لک رپين ۾ وٺڻي ڪري آيو هو. پر ٻه هزار ٻاويهه واري برساتي ٻوڏ سندس اهو خيال به لوڙهي ڇڏيو. هو هاڻ ڇا ڪري؟ مون جڏهن ٺيڙهي ۾ کجيءَ جي هڪ آبادگار کان نقصانن جا تفصيل وٺندي، جڏهن ايڏي نقصان کان پوءِ، هنن ماڻهن ڪيئن پاڻ سنڀاليو آهي؟ واري ڳالهه پڇي، ته چيائين ڏس هتي هر ماڻهو ڊپريشن ۾ آهي. هن چيو کجيءَ جو آبادگار سڄي ملڪ ڇا، پر سڄي دنيا ۾ مٽن مائٽ ۽ دوستن کي ڇونهارن جا تحفا موڪليندو هو. ٻارهين مهينا هن جي گهر ۾ کجي ائين پيل هوندي هئي، جيئن گندي ۾ ڪڻڪ رکبي آهي.
ٻوڏ کان پوءِ واري صورتحال:
هنن سٽن لکجڻ تائين برسات کي اٺ مهينن جو عرصو گذري وڃڻ جي باوجود خيرپور ۾ 25 سيڪڙو کجين جي باغن ۾ پاڻي بيٺل آهي. گهڻو وقت پاڻي بيهڻ سان کجيءَ جا وڻ ڪجهه سڪي ويا، ٻيا انتهائي ڪمزور ٿي ويا آهن. نئين کجيءَ جي وڻ کي فصل ڏيڻ لاءِ پنج سالن جو عرصو گهربل هوندو آهي. سراسري طور تي کجيءَ جي وڻ مان سوا مڻ کان ڏيڍ مڻ کجي لهندي آهي. في ايڪڙ ۾ اسي کان سئو کجيءَ جا وڻ پوکيا ويندا آهن. کجيءَ کي فيبروريءَ کان اڌ مارچ تائين نر ڏيڻ وري مند هوندي آهي. کجيءَ جي ڪم ۾ چاڙهو سڀ کان اهم هوندو آهي. چاڙهو نر ڏيڻ، ڇانگ ڪري صفائي ڪرڻ، ڦر ٿيڻ کان پوءِ گوشا نمائڻ، ڪٿي ڪٿي بيماري لڳڻ جي صورت ۾ اسپري ڪرڻ ۽ پٽ جي مند ۾ گوشا وڍي واڏڻ واري روايتي لفٽ سان هيٺ موڪلڻ وارو ڪم ڪندو آهي. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ کجي خيرپور ضلعي ۾ پوکي وڃي ٿي. رڳو خيرپور ۾ اٽڪل هڪ لک ايڪڙن تي کجيءَ جا باغ رپورٽ ٿيا آهن. ان کان پوءِ روهڙي تعلقي ۾ وڌيڪ کجي ٿئي ٿي. خيرپور ۽ سکر ملڪ ۾ ڇونهارن جي وڏي مارڪيٽ آهي.کجيءَ جا آبادگار ۽ ٺيڪيدار، سانوڻي جي برسات ۾ نکٽن جي وڇون ۽ ڪتيءَ جي جنگ وانگر گذارين ٿا. کجي لهڻ جي مند به بلڪل اها آهي، جيڪي ڦوهه سانوڻي وارا ڏينهن هوندا آهن. تکي اس کجيءَ کي پچڻ ۾ مدد ڪندي آهي. جيتري اس تکي کجيءَ جو آبادگار ٻهڪندو پيو. چوندو ڄاڻ ڏنگ پڪو. بربليون، طوطا، ڪٻريون، وهيا به پنهنجو حصو کائڻ لاءِ هور وهيو هور وهيو ڪرڻ ۽ کانڀاڻي جا ٺڪاءُ ڪڍڻ جي باوجود پنهنجو حصو ضرور کائي ويندا آهن.
هيءَ اها مند هوندي آهي، جو مزدور، واپاري، آبادگار، چاڙهو، (کجيءَ جي فصل ۾ سڀ کان اهم ڪردار چاڙهي جو هوندو آهي.) جيڪو اسي کان سئو فوٽ اوچي وڻ تي چمند جي مدد سان ٻرانگهون ڀريندو چڙهندو ويندو آهي. چمند اهڙو رسو هوندو آهي، جيڪو کجيءَ جي وڻ مان ٺاهيو ويندو آهي. چاڙهو کجيءَ جي مٿان چڙهي گوشا وڍي هيٺ موڪليندو آهي. اهو سڄو ڪم ٽيڪنيڪل ۽ وڏي حرفت وارو هوندو آهي. چاڙهي جي ٿوري غلطيءَ جي صورت ۾ ڪهاڙي چمند کي لڳڻ جي صورت ۾ چاڙهو بولاٽيون کائي هيٺ اچي ڪرندو آهي. يا وري چمند جي ڳنڍ کلي پوڻ جي صورت ۾ به هو کجيءَ تان ڪري پوندو آهي. خيرپور ضلعي جي کجيءَ جي هر باغ ۾ چاڙهي جي اهڙي ايڪسيڊنٽ جي ڪهاڻي موجود هوندي آهي. چون ٿا عشق ۽ مشق لڪندو ناهي. کجيءَ جي هر باغ ۾ سڄو سال عشق جو انتظار ڪندڙ هوندا آهن. هر باغ ۾ عشق جون ڪهاڻيون به هلندڙ هونديون آهن. نيهن ۽ مينهن، تاڙي جي تنوار ۽ ڪوئل جي ڪوڪ سڀ گڏ گڏ آيل هوندا آهن. هوڏانهن کنوڻين جا ڪڙڪاٽ ۽ نانگڻ جا ور وڪڙ هوندا. کجيءَ جو آبادگار هجي، ٺيڪيدار هجي يا مزدور هجي. هن جو ساهه لڪيءَ ۾ هوندو.
روايتي طور تي ڪو به اهڙو سنئوڻ ساٺ نه هوندو، جيڪو برسات نه پوڻ لاءِ هنن نه ڪيو هوندو. وڻن ۾ تعويز ٻڌڻ ۽ خير خيراتون ڪرڻ به شامل آهن. موسم به بي رحم قدرت جو ڪرشمو آهي. جنهن کي هاڻ جديد اصطلاح ۾ ڪلائيميٽ چون ٿا. ان جي خطرناڪ پهلوءَ کي ڪلائمينٽ چينج چون ٿا. هر سال کجيءَ جو آبادگار توڙي ٺيڪيدار سانوڻي جي مينهن ۾ کجيءَ جي فصل کي برسات کان ائين بچائي کڻندو آهي، جيئن جهنگ ۾ هرڻي شينهن کان ٻچا بچائيندي آهي. ٻه هزار ٻاويهه واري ٻوڏ ۾ آبادگار، ٺيڪيدار ۽ مزدور سڀ ڏسندا رهجي ويا. 72 ڪلاڪن جي برسات ڇا هئي، هنن جي اکين جي اڳيان ٽئين ڏينهن جڏهن برسات ٿمي، ته ڪجهه به ڪونه بچيو هو. کجيءَ جو فصل، ڇونهارو ۽ کارڪون روايتي طور تي اس ۾ پڌر تي سڪائي پچائبيون آهن، ان ڪري ان مند ۾ خيرپور جو هر علائقو پيلو پڌر ٿيل هوندو. اٺن ڏينهن تائين روزاني انهن کارڪن کي هٿ سان اٿلائبو آهي ۽ رات جو ماڪ کان بچائڻ لاءِ تڏي سان ڍڪي ڇڏبو آهي. اهائي مند وري برسات واري هوندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن برسات وسي پوي، کجيءَ جي آبادگار لاءِ پڙ مان ڇونهارا کڻڻ کٽ کڻي اندر ڪرڻ وانگر ايڏي سولي ته نه هوندي آهي. ان ڪري پڙ ۾ پيل ڇانهارا خراب ٿي ويندا آهن ۽ وڻن ۾ بيٺل کجي به خراب ٿي ويندي آهي.
کجيءَ کي سڪائڻ وارو جديد انداز:
جديد انداز ۾ مشين جي مدد سان کجيءَ کي سڪائي کارڪون ۽ ڇونهارا ڪرڻ وارو لاڙو به زيرو بنياد تي خيرپور ۾ وڌيو آهي. ان کانسواءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج سيڪڙو اهڙا آبادگار هوندا، جن وٽ وڏا وڏا اسٽور موجود آهن. جن ۾ ڇونهارا رکي فصل بچائي وٺن ٿا. ان عمل ۾ گهڻو خرچ آهي. عام آبادگار ان معاملي ۾ نٿو پوي.
کجين جا باغ، انڊيا سان واپار ۽ زوال جي ڪهاڻي:
کجيءَ جي صنعت ۾ واپارين پاران ڪاٻاڙو ڪرڻ وارو اصطلاح موجود آهي. جنهن تحت واپاري باغائين کي کجيءَ جي فصل لهڻ تائين ڪميشن تي پئسا ڏين ٿا. هن سال ٻوڏ ۾ باغ تباهه ٿي ويا. ان جو منهن جنڊ ڏانهن. ان ڪري گهڻا باغ ڪاٻاڙين ڪميشن ۾ باغائين کان گروي طور لکائي ڇڏيا آهن.
سنڌ جي ڇونهارن ۽ کارڪن جي وڪامڻ جي اصل مارڪيٽ انڊيا آهي. جيڪا ملڪي مارڪيٽ کان به وڏي مارڪيٽ آهي. ٺيڙهي ۾ کجيءَ جي هڪ آبادگار ٻڌايو ته برسات کان ٽي سال اڳ ۾ کجيءَ جا باغ ان ڪري وڍجڻ شروع ٿي چڪا هئا جو انڊيا سان ڇونهارن جو واپار بند ٿي ويو هو. هو ڊرامائي انداز ۾ ڳالهه ڪندي چوي ٿو ته اسان جا باغ انهيءَ ڏينهن تباهه ٿي ويا، جڏهن اڀي نندن وارو ڪشمير ۾ واقعو ٿيو. ان کان پوءِ انڊيا جو واگها بارڊر بند ٿي ويو. هاڻ ڇونهارن جا واپاري دبئي ۽ نيپال وايا انڊيا جي مارڪيٽ ۾ کجي موڪلين ٿا. ان ڪري ٺيڪيدار جيڪو اڳ ۾ 15 سئو، ٻه هزار في وڻ ٺيڪي ۾ وٺندو هو، سو هڪڙي ڏينهن ۾ اڌو اڌ تي وڃي پهتو هو. هي مارڪيٽنگ جو دور آهي. ان ڪري باغائين باغ وڍائڻ شروع ڪيا. خيرپور ضلعي ۾ کجيءَ جي مٿان آيل اهڙي آفت کان پوءِ کجيءَ جو وڻ وڪڻڻ واري وبا جي صورت ۾ پهتي. دبئي وانگر ڪراچي ۽ پنجاب ۾ نيون هائوسنگ اسڪيمن جي روڊن سان کجين جا وڻ لڳائڻ جو لاڙو تيزيءَ سان وڌيو آهي. ان ڪري خيرپور ۾ کجين جا وڻ وڪڻڻ وارو ڪاروبار چوٽان چوٽ تي پهتل آهي. جديد مشينن جي مدد سان کجيءَ جي وڏي وڻ کي پاڙان ڇڪي ڪڍي ٽرڪن ۾ کڻي وڃن ٿا. اهڙا واپاري پنج هزار، ٽي هزار کان هڪ هزار تائين في وڻ خريد ڪن ٿا. هن وقت خيرپور ضلعي ۾ کجين جا ڪئين باغ جيئرا جاڳندا چڪين جي صورت ۾ پٽجي کڄي چڪا آهن.