ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سپريم ڪورٽ جو فيصلو مڃڻ سواءِ ڪو گس ناھي

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڱاري ڏينهن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه وارين صوبائي اسيمبلين جي خالي ٿيل سيٽن تي آئين مطابق نوي ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ واري پنهنجي اصل فيصلي کي برقرار رکندي پي ڊي ايم سرڪار جي سمورن اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو آھي. فيصلي ۾ البت ٿوري ڦيرڦار اھا ڪئي ويئي آهي ته عدالتي شنوائين ڪارڻ جيڪي 19 ڏينهن ضايع ٿي ويا آهن تن جو ازالو ڪرڻ خاطر پنجاب اسيمبلي جي اليڪشن 30 اپريل بدران 14 مئي تائين ڪرائي سگهجي ٿي.
سومر وارين اخبارن جي شهه سرخي ھيءَ ھئي ته سمورين 13 اتحادي پارٽين وزير اعظم شھباز شريف کي آچر تي ڪيل گڏجاڻيءَ ۾ اهو اختيار ڏنو آهي ته اڱاري تي ٿيندڙ سپريم ڪورٽ جي شنوائي جو سرڪاري ڌر بائيڪاٽ ڪري ڇڏي. ھن سلسلي ۾ وزيراعظم پنهنجي اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ۽ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سان جيڪي مشورا ڪيا انھن جو تت به اھو ئي ھو ته سپريم ڪورٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ چيف جسٽس توڙي ٻين ججن خلاف جوڊيشل ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪومت کي قانوني حق حاصل آهي تنهن ڪري مٿن عدالت جي توھين جو ڪيس داخل نٿو ٿي سگهي. ميڊيا جي نمائندن ۽ تجزيا نگارن جي راءِ به گھڻي ڀاڱي اھا ٻڌڻ ۾ آئي ته حڪومت بائيڪاٽ جو پڪو پھه ڪري ورتو آهي ۽ ان ڪري ئي سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن واري بينچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي ويئي آهي.
پر سرڪار پنهنجي بائيڪاٽ واري انھيءَ اعلان جي ابتڙ اڱاري تي ٿيل شنوائي ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو وزير قانون ۽ اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ آڏو پيش ٿيا پر وفاقي وزير داخلا راڻا ثناءُ الله ۽ مسلم ليگ نواز توڙي پيپلز پارٽيءَ جو وڪيل عرفان قادر پڻ شريڪ ٿيو. ان جو ڪارڻ منهنجي خيال ۾ پ پ سان اڌ صديءَ کان واسطو رکندڙ سينيٽر اعتزاز احسن ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر جاويد لطيف کوسي طرفان پنهنجي پارٽي پاليسي جي ابتڙ سڄي ملڪ جي وڪيلن کي ڏنل اھو سڏ ھو ته اڱاري تي سپريم ڪورٽ جي حفاظت لاءِ اسلام آباد ۾ گڏ ٿي عدالت سان يڪجهتي ظاهر ڪريو. اسان اکين سان ڏٺو ته ريڊ زون ڏانھن ويندڙ سڀني رستن تي ڪنٽينر ۽ پوليس جا جٿا بيھاري پي ڊي ايم سرڪار وڪيلن جي رستا روڪ ڪرڻ خاطر ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر رنڊڪون ۽ رڪاوٽون اورانگهي سوين وڪيل عدالت ٻاھران گڏ ٿيا.
ساڳئي وقت ھن ٻڌڻي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر، سيڪريٽري دفاع ۽ خزاني جي وفاقي وزارت جو سيڪريٽري پڻ عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪرڻ بدران پاڻ اچي پيش ٿيا. ھنن جيترا به دليل ڏنا ته ملڪ ۾ دھشتگردي عام آھي جنھن ڪري اليڪشن جي ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ گھربل فوجي جوان ۽ پوليس وارا واندا ڪونه آهن. ان جي جواب ۾ جسٽس منيب اختر چيو ته جي اوھان جي ڳالهھ مڃون به کڻي ته پوءِ دفاعي وزارت کي گھرجي ته ھوائي ۽ سامونڊي فوج يا رزرو فورس جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي. ھن موقعي تي ناڻي واري کاتي جي سيڪريٽري جو اھو دليل به ٽي رڪني بينچ رد ڪري ڇڏيو ته اليڪشن جو خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ گھربل پئسا سرڪاري خزاني ۾ نه آهن.
جيتوڻيڪ پي ڊي ايم سرڪار بائيڪاٽ کان پاسو ڪري پنهنجي طرفان توڙي اليڪشن جي وڪيلن طرفان نوان نوان دليل گھڙيا پر لڳي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال اھو من ئي من اندر طئي ڪري ورتو ته ھاڻي جڏهن رٽائرمينٽ جي ڪنڌيءَ تي اچي پھتو آھيان ته پنهنجي قول ۽ فعل ۾ تضاد پيدا ڪري دنيا کي اھو تاثر ڇو ڏيان ته اسٽيبلشمينٽ کان ڊڄي ويو. جيڪڏهن چيف جسٽس ھن ڀيري ڪلٽي کائي ھا ته ھي ساڳيا ڪارن ڪوٽن وارا وڪيل ڊي چوڪ ۾ سندس خلاف بروقت نعريبازي ڪري کيس خوار خراب ڪري ڇڏين ها. ساڳي ريت 22 گريڊ جا رٽائرمينٽ ويجھو پھتل سينئر موسٽ بيوروڪريٽ يعني خزاني ۽ دفاع جا سيڪريٽري پڻ حڪومت جي بائيڪاٽ ڪرڻ باوجود عدالت جي حڪم تي انھيءَ ڪري ضرور حاضر ٿين ھا ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻن ٿا ته پبلڪ سرونٽ آھيون ۽ ڪنھن به حڪومت جا ذاتي نوڪر ته نه آهيون جو عمر جي آخري پھر ۾ سڀ کان وڏي عدالت جي حڪم عدولي ڪري توھين عدالت جا مجرم بڻجي وڃون ۽ پنهنجي عاقبت خراب ڪريون.
لطيف کوسو صاحب پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو اھو ليڊر آهي جنهن جي لاھور واري گھر ۾ شھيد بينظير ڀٽو سدائين ترسندي ھئي. ان ڪري ئي آصف علي زرداري جڏهن 2008 ۾ پاڪستان جو صدر منتخب ٿيو ته پنجاب ۾ لطيف کوسي کي گورنر مقرر ڪيائين جنھن پڻ پنهنجا پنج سال پورا ڪيا ھئا.
اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسي کان علاوه اڄ پيپلز پارٽي پنجاب جي ھڪ سينيئر اڳواڻ نديم افضل چن بيان ڏنو آهي ته عمران خان جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪري بلڊوزر سان گيٽ کي ٽوڙي اندر داخل ٿي تلاشي وٺڻ واري واقعي سان سندس پارٽي جو ڪوبه واسطو نه آهي. ھن اھو به چيو آهي ته ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل ھمراھه اھڙن ڪڌن ڪمن بابت اسان جي قيادت کي اعتماد ۾ نه وٺندي آهي.
ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري جو بيان پڙهيم ته هن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي چيو آهي ته ھاڻي ملڪ ۾ مارشل لا يا ايمرجنسي لاڳو ٿي سگهي ٿي.
منهنجي ذاتي راءِ ھي آهي ته مارشل لا جو ڊپ رڳو اعليٰ عدالتن جي ججن کي ڊيڄارڻ لاءِ پيدا ڪيو پيو وڃي. واڳ ڌڻين کي برباد ٿي ويل ملڪي معيشت جي به ڄاڻ آهي ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آئي ايم ايف) جي ڏکين شرطن جي به پروڙ اٿن. ھنن کي اھڙي ڪابه ضرورت ناهي ته پي ڊي ايم جي حڪومت کي بچائڻ ۽ ٻن صوبن ۾ چونڊون روڪرائڻ خاطر عالمي ادارن ۽ عرب ملڪن کي ناراض ڪري ڇڏين. اھا ڳالهھ سج جيان روشن ٿي ويئي آهي ته عرب امارات ۽ سعودي حڪمران پاڪستان جي ھاڻوڪي صورتحال کي ڏسي اڳي وانگر اربين ڊالر قرض ڏيڻ جي رسڪ کڻڻ کان جواب ڏيئي چڪا آهن.
اڄ اسلام آباد ھائي ڪورٽ جو فيصلو به اھم آهي جنهن ذريعي عمران خان کي پرڏيهي فنڊنگ بابت ڪيس مان آجو ڪيو ويو آهي. عدالت صاف صاف لفظن ۾ ججمينٽ لکي آهي ته عمران خان تي ٻاھرين ملڪن مان ملندڙ امداد ۾ خرد برد ڪرڻ وارو الزام بي پاڙو آھي ڇاڪاڻ ته پراسيڪيوٽر ڪوبه اھڙو ثبوت پيش نه ڪيو جنهن مان خرد برد يا چوري ثابت ٿي سگهي.
آئون اھڙيون منجھائيندڙ ڏکيون حالتون 1965 واري جنگ ۽ 1970 ۾ بنگلاديش اندر ٿيل فوجي آپريشن دوران ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف 9 جماعتي اتحاد جي ليڊرن پاران ھلايل تحريڪن ۾ ڏسي چڪو آهيان. ھنن ٽنھي وڏن حادثن جي نتيجي ۾ جنرل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان ۽ ذوالفقارعلي ڀٽو صاحب جو انجام ڏٺو اٿم. اڄ به جيڪڏهن مارشل لا يا ايمرجنسي مڙھيندا ته حڪمرانن جو حشر اھڙو ئي ٿيندو جھڙو جنرل پرويز مشرف جو ٿيو ۽ اوھان سڀني پنهنجي اکين سان ڏٺو. ھي سوشل ميڊيا جي برڪتن وارو نئون دور آھي جنھن پنجاب ۾ سڀ کان وڏي سياسي سجاڳي پيدا ڪئي آھي. دل ئي دل ۾ ته پي ڊي ايم جا حاڪم به اھو ضرور سوچيندا ته عمران خان جھڙي غير مقبول وزير اعظم کي بي اعتمادي جي رٿ ذريعي اقتدار مان ڪڍي ھنن پنهنجو سياسي ڪيريئر پاڻ دا تي لڳائي ڇڏيو. لکين مرد ۽ عورتون اڄ اٽو وٺڻ جي قطارن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺل آهن. پيھه پيھان ۽ وٺ پڪڙ سبب ڪيترائي انسان چيڀاٽجي مري ويا آهن. چوٽ چڙهي ويل مھانگائي ۽ بيروزگاري ڪروڙين وطن واسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. ۽ ھنن سمورن انساني المين جو الزام ھاڻوڪي سرڪار تي ان ڪري وڌيڪ ٺھڪي ٿو ڇاڪاڻ ته حڪمران پارٽين ٽي ٽي ڀيرا ماضيءَ ۾ راڄ ڪيو آهي جنهن ۾ سرڪاري خزاني ۾ لڳل ڌاڙن جو الزام به هنن تي ئي فٽ ٿي پيو آهي.
ملڪ جي ڀلائي ان ڳالهھ ۾ آھي ته سپريم ڪورٽ تي چڙهائي ڪرڻ بدران ٻن صوبن ۾ آئين مطابق چونڊون ڪرائي ڇڏجن. ڪنهن به پارٽي يا پارٽين جي ھارائڻ يا کٽڻ جو فيصلو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا ووٽر ڪندا. جنھن کي وڌيڪ ووٽ ملندا سو ئي کٽيندو. ان ھار جيت کان خوفزده حڪمرانن کي ھوش کان ڪم وٺڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button