رانديون

ڪرونا وائرس آئي پي ايل لاءِ خطرو وڌائي ڇڏيو، ايڊوائيزري جاري

ڀارت جي مشهور ٽي 20 ليگ آئي پي ايل آڏو ڪرونا وائرس جي خطري جي گهنٽي وڄي وئي آهي، جنهن بعد ڪرونا جي حوالي سان نئين ايڊوائيزري پڻ جاري ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق گجرات، ڇتيس ڳڙهه سميت ڀارت جي مختلف علائقن ۾ 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 435 ڪرونا جا نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد بي سي سي آئي آئي پي ايل جي مالڪن، رانديگرن ۽ سهڪاري عملي کي ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ کين هڪٻئي کان طئي ٿيل فاصلو رکڻ جي هدايت ڪرڻ سان گڏ حڪومت پاران جاري ٿيندڙ حڪمن تي عمل جو چيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button