
پاڪستاني اداڪارا زارا شيخ محبت ڪرڻ لاءِ وقت نھ هجڻ جو حيران ڪرڻ وارو انڪشاف ڪري ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي شو ۾ ميزبان جي سوالن جا جواب ڏيندي زارا شيخ ٻڌايو تھ مان پنهنجي ڪم ۾ جنون جي حد تائين ملوث ٿي ويندي آهيان، تنهنڪري مون کي محبت يا پيار ڪرڻ جهڙن مامرن تي سوچڻ جو بھ وقت ناهي ملي سگهندو.