ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي جو عذاب

Editorial

ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ حڪمرانن جي عوام دشمن معاشي پاليسين جي ڪري ڪهرام متل آهي، عام ماڻهو لا ٻه ويلا ماني کائڻ ڪنهن وڏي جاکوڙ کان گهٽ نه رهيو آهي پر ان باوجود حڪمران عوام جي زندگي وڌيڪ ڏکي ڪري رهيا آهن. مهانگائي گهٽجڻ جو نالو نه پئي کڻي.
ملڪ ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ گذريل هفتي، هفتيوار بنيادن تي ٻڙي ڏهائي 92 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. شماريات واري کاتي جي انگن اکرن موجب 6 اپريل تي ختم ٿيل هفتي ۾ صارفين لاءِ قيمتون 252 ڏهائي 06 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ ٻڙي ڏهائي 92 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل هفتي ملڪ ۾ روزمرهه جي استعمال جي 27 جي قيمتن ۾ اضافو رهيو. جڏهن ته هفتيوار بنياد تي مهانگائي جي مجموعي شرح 44 ڏهائي 49 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ان حوالي سان ٽماٽا، بصر، داليون، ايل پي جي، گيهه، کير، ڳڙ، اٽي سميت ٻيون شيون مهانگيون ٿيون.
هي حڪومت اهو طئي ڪري آئي آهي ته عوام کي سک جو ساهه کڻڻ ناهي ڏيڻو. هر گذرندڙ ڏينهن سان حڪمرانن جا نوان حربا سامهون اچي رهيا آهن ته عوام جي کيسن کي ڪيئن خالي ڪرڻو آهي.
هڪ سال جي عرصي دوران اها ڳالهه ته ثابت ٿي چڪي آهي ته موجوده وفاقي حڪومت عوام نه پر اشرافيا جي حڪومت آهي. حڪومت جيڪڏهن عوام جي نمائندگي ڪندي هجي ها ته ايئن عوام جي مفادن جي ابتڙ معاشي پاليسيون ترتيب نه ڏئي ها. مسلسل مهانگائي ڪئي پئي وڃي، حڪمرانن جي اهڙن قدمن کي ڏسي عوام ۾ اها بيچئني پکڙيل آهي ته هنن جي مستقبل جو نيٺ ڇا ٿيندو. حڪمرانن جي معاشي پاليسين جا ته هاڻي ناڪاري نتيجا به نڪرڻ شروع ٿي ويا آهن، آپگهات، چورين، ڦرن ۽ ٻين سماج دشمن قدمن ۾ واڌ اچي رهي آهي. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ حڪومو جون معاشي پاليسيون عوام لا ڪيئن نه وبال جان بڻجي ويون آهن. زندگي جو ڪو به پاسو نه ڇڏيو ويو آهي. هر شئي جي اگهن کي باهه لڳي وئي آهي، عام ماڻهو ان لا پريشان آهي ته جيئن تيئن ڪري اڄوڪو ڏينهن ته گذري ويو، ايندڙ ڏينهن جو ڇا ٿيندو، ظاهر آهي ته جتي ان نوعيت جون حالتون هجن ته اتي عوام ۾ ڊپريشن ۽ ذهني مونجهارن جو پيدا ٿيڻ فطري آهي، جڏهن صورتحال اهڙي جڙي ته پو آپگهات جي واقعن ۾ واڌ ڇو نه ايندي، سماج دشمن قدمن ۾ واڌ مان ثابت ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ معاشي حالتون ڪيتريون خراب ٿي چڪيون آهن!! ۽ حڪمران عوام کي رڳو بهتري جا آسرا ڏئي رهيا آهن. اسان سمجهون ٿا ته هاڻي عوام کي ڪنهن به آسري تي ريجهائي نه ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته عوام پاڻ عملي طور ان جو تجربو ڪري رهيو آهي ته حڪمرانن ڪهڙي معاشي بهتري آندي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ زهر ڀرڻ بدران هاڻي انهن کي رليف ڏنو وڃي. جن جن بنيادي نوعيت جي ضرورتن وارين شين جا اگهه وڌايا ويا آهن، اهي فوري طور واپس ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button