پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي گهڙي مشڪل رهي هجي، جڏهن ملڪ ۾ ڪو بحران نه هجي ۽ هر شيءَ ٺيڪ ٺاڪ هجي. جڏهن ته هن ڀيري ڳنڀيرتا جو مقدار ڪجهه سرس آهي. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ملڪ ۾ عمران خان جي تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي. هونءَ ته حڪومت ۾ شامل وزير نوان ناهن پر انهن پراڻن کلاڙين جو ڪپتان نئون ضرور آهي. جڏهن عمران خان پنهنجي ذات مٿان ڪرپشن جو ڪوئي الزام لڳرائڻ نه ٿو چاهي ته هن جو پوري ڪرپٽ مشينريءَ سان هلڻ ٿورو نه پر گهڻو مشڪل هوندو. اسان کي معلوم هجڻ گهرجي ته ڪا حڪومت ڀلي اها سمجهي ته هوءَ ملڪ هلائي رهي آهي، جڏهن ته اصل ۾ ملڪ هلائڻ واري قوت اها بيوروڪريسي آهي، جنهن جي هٿ ۾ هر حڪومت جي واڳ هجي ٿي. ڇا ان حقيقت کان ڪو انڪار ڪري سگهي ٿو ته جيڪڏهن بيوروڪريسي نه چاهي ته هڪ حڪمران ڪنهن به طرح سان ڪرپشن ڪري نه ٿو سگهي. بيوروڪريسي اسان وٽ هڪ ڄار آهي. جڏهن به ڪا نئين حڪومت ايندي آهي ته بيورڪريسي هڪ ڦندي وانگر کلي ويندي آهي ۽ پنهنجي شڪار کي سوگهو ڪرڻ بعد جڏهن آهستي آهستي بند ٿيندي آهي، تڏهن وڏي کان وڏا حڪمران به پاڻ کي ڦتڪڻ جهڙو نه سمجهندا آهن.
اها عمران خان جي ڀل هئي ته هن جي ڪرپشن نه ڪرڻ سان سموري ملڪ جي بيوروڪريسي پاڪ صاف ٿي ويندي. اقتدار کان اڳ ۾ عمران خان وڏي جوش ۽ جذبي سان اهو موقف پيش ڪندو هو ته جڏهن مٿيون وارو ڪرپشن نه ڪندو ته هيٺين واري کي ڪرپشن ڪرڻ جي جرئت ڪيئن ٿيندي. هن مهل عمران خان جي ذات جي حوالي سان ته هن جا پنهنجا مخالف به اهو چون ٿا ته عمران خان ايماندار آهي. جيڪڏهن عمران خان ايماندار آهي ته ڇا هن جي ايمانداري ٻين کي به ايماندر بڻائي ڇڏيو آهي؟ جيڪڏهن عمران خان جو پراڻو فارمولا عمل جوڳو هجي ها ته اڄ پاڪستان ۾ ڪرپشن جو نالو نشان به نه هجي ها. پر پاڪستان ۾ اڄ به ڪرپشن هلي رهي آهي. اهو هڪ عجيب تماشو آهي ته هڪ ايماندار حڪمران جي حڪومت ۾ ڪرپشن پنهنجي عروج تي بيٺي آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اصل قوت ان نوڪرشاهيءَ وٽ آهي، جنهن پاڻ ۾ هن مهل تائين ڪا تبديلي نه آندي آهي. اها نوڪرشاهي صرف “يس سر” ڪرڻ جي هوشيار هوندي آهي پر اها ڪندي اهو ڪجهه آهي جيڪو پاڻ چاهيندي آهي. هاڻي هڪ حڪمران يا هن جي ڪابينا جا ڪجهه ماڻهو پوري بيوروڪريسيءَ جي مٿان نظر رکي ته نه ٿا سگهن. جڏهن ته ملڪ ۾ ڪرپشن جي مٿان نظر رکندڙ ۽ ان جي خلاف عمل ڪندڙ قوت به موجود آهي پر ان اداري جي حوالي سان به عوام توڙي ميڊيا ۾ اهي شڪايتون عام آهن ته انهن جو ڪم ڪرپشن کي ختم ڪرڻ نه پر ان ۾ پنهنجو حصو وجهڻ آهي. پاڪستان ۾ اها پارٽي سڀ کان وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڳتي نڪري سگهي ٿي، جيڪا ملڪ جي نوڪرشاهيءَ جو گهيرو ٽوڙي سگهي ۽ اهو ڪجهه ڪري ڏيکاري جيڪو هن جو پنهنجو اصل منشور آهي.
مخالف ڌر ۾ جيڪي به پارٽيون آهن، اهي به ڪڏهن حڪومت ۾ رهيون آهن پر انهن به ڪڏهن بيوروڪريسيءَ سان منڍو نه اٽڪايو. هن وقت به جيڪي مخالف ڌر جا مطالبا آهن، انهن ۾ ڪٿي به بيورڪريسيءَ جي احتساب جو ڪو تذڪرو ڪونهي. اهو معاملو هر پارٽيءَ جي مٿان لاڳو ٿئي ٿو پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي خلاف پاڻ ۾ اتحاد نه ٿيون ڪري سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ نوڪرشاهيءَ جي ڪرپشن ۽ حدن کي اورانگهي، قانون کي لتاڙي سياسي عمل جو حصو بڻجڻ واري رويي کي ته ڪنهن طرح سان روڪ ۾ آڻين. جيڪڏهن پاڪستان جون سياسي پارٽيون اهو عمل نه ڪنديون بلڪه اهو اهم ترين قدم نه کڻنديون ته انهن جو حال ڪڏهن به بهتر ٿي نه سگهندو ۽ نه وري هو عوام ۾ ان حوالي سان سرخرو ٿي سگهنديون ته انهن ملڪ ۽ عوام جي لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکاريو. بيوروڪريسيءَ جو منڍ کان وٺي اهو اسٽائيل رهيو آهي ته هو هر حڪومت کي اهو يقين ڏياريندي آهي ته هوءَ ان سان سچي دل سان گڏ آهي ۽ هن سان گڏجي ملڪ جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿي. پر حڪمران ڌر کي اها خبر ئي نه پوندي آهي ته هوءَ آهستي آهستي بيوروڪريسيءَ جي محدود دائري ۾ داخل ٿي ويندي آهي. هن جي قوت جو سرچشمو صرف ۽ صرف نوڪرشاهي آهي. ان ڪري جنهن سياسي قوت نوڪرشاهيءَ مان پنهنجن جند نه آجي ڪئي، اها ڪجهه به نه ڪري سگهندي.
عمران خان وڏي جوش ۽ ولولي سان آيو هو پر هن جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍڻ واري قوت به نوڪرشاهي هئي. هن وقت عمران خان عوام کان دور آهي. ڇو ته هو نوڪرشاهيءَ جي ويجهو آهي. نوڪرشاهي سرڪار ۽ عوام جي وچ ۾ ويڇو وڌائڻ ۾ تمام وڏي مهارت رکي ٿي ۽ ان جو کيس وڏو تجربو آهي. جيڪڏهن هاڻي به حڪومت پنهنجو پاڻ کي سنڀالي وٺي ۽ نوڪرشاهيءَ جي ڄار مان نڪري اچي ته اها تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. پر اهو ڪم ايترو آسان نه آهي. ڇو ته نوڪرشاهيءَ جون جڙون تمام گهڻيون گهريون ٿين ٿيون ۽ نوڪر شاهيءَ جو انداز تمام تيزيءَ ۽ شاطرپڻي وارو هوندو آهي. پاڪستان ۾ نوڪرشاهيءَ جو ڪردار تمام اهم ۽ بنيادي قسم جو رهيو آهي. ان نظام ۾ هڪ حڪومت تمام گهڻي بيوسي محسوس ڪرڻ لڳندي آهي. هاڻي جيڪو حشر عمران خان جي حڪومت جو آهي، اهو حشر گهڻو ڪري نوڪرشاهيءَ جو ڪارنامو آهي. ڇو ته هن مهل تائين مخالف ڌر اهڙو ته ڪو عمل نه ڪيو آهي، جنهن سان حڪومت جي راهه رڪجي وڃي ۽ حڪومت تمام گهڻي پريشانيءَ جو شڪار ٿي وڃي. حڪومت لاءِ مخالف ڌر گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. ڇو ته عمران خان وٽ منڍ کان وٺي ايتري اڪثريت ناهي جو هو پنهنجي قوت سان حڪومت جوڙي سگهي. هن ٻين ننڍڙين پارٽين ۽ گروهن سان گڏجي حڪومت ٺاهي آهي. هاڻي ته حڪومت کي اتحادي ڌريون به بليڪ ميل ڪري رهيون آهن. ڇو ته حڪومت پنهنجي مٿان ملڪ جو معاشي توڙي مخالف ڌرين جو دٻاءُ محسوس ڪري رهي آهي. تحريڪ انصاف جي اتحادي ڌرين محسوس ڪري ورتو آهي ته هن مهل عمران خان کي بليڪ ميل ڪري سگهجي ٿو ۽ جنهن ڌر جو جائزو وٺجي ٿو ته اها پنهنجي لاءِ ڪنهن نه ڪنهن مفاد جي گهرجائو بڻيل نظر اچي ٿي. هاڻي جڏهن حڪومت جي مٿان گهڻ طرفو گهيرو آهي ۽ نوڪرشاهيءَ ايتري گهڻي تيز هوندي آهي جو هن کي اهو به نظر ايندو آهي ته ڪهڙي طرح عالمي ۽ علائقائي صورتحال ۾ حڪومت پريشان آهي. عمران خان جي حڪومت لاءِ هن مهل افغانستان هڪ اهڙو اشو بڻيل آهي، جنهن جي ڪري هو تمام گهڻو پريشان آهي. هن جي پريشانيءَ جو هڪ ثبوت اهو به هو ته جڏهن هڪ آفيسر جي بدلي ٿي رهي هئي ته عمران خان رسڪ کڻي به ان کي روڪڻ چاهيو. ان جي ڪري ملڪ جي مخالف ڌر ۾ به هن جي خلاف احتجاج ڪري اسٽيبلشمينٽ کي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن نوڪرشاهي اهو سمو تماشو ڏسي ٿي ته هوءَ پنهنجا پتا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ هڪ پريشان حڪومت کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ ڪنهن به طرح سان مشڪل نه هوندو آهي.
ملڪ جي تاريخ اسان جي کليل ڪتاب وانگر موجود آهي. اسان ڪڏهن به ڪنهن نوڪر شاهيءَ جي ڪنهن ڪل پرزي کي احتساب جي سوريءَ تي ٽنگيل نه ڏٺو آهي. ڇا اها وڏي عياري ۽ چالاڪي ناهي ته ملڪ جي حاڪم ڌر نوڪرشاهي هجي ٿي پر جڏهن به احتساب جو وقت اچي ٿو، تڏهن نوڪرشاهي پنهنجو پاڻ کي آجو ڪري حڪومت کي اڳيان ڪري ٿي. نوڪر شاهيءَ جو سلسلو ملڪ جي تاريخ سان پوروڇوٽ هليو آهي. هن وقت به اهو سلسلو بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي هلي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن سياسي پارٽيون پنهنجا ويڇا وساري گڏ نه ٿينديون ته اهو چڪر ائين ئي هلندو رهندو ۽ جيستائين اهو چڪر ختم نه ٿيندو، تيستائين ملڪ ۾ آزادي ۽ خوشحاليءَ جي اميد ڪڏهن به پنهنجا پن نه ڪڍي سگهندي ۽ ڪڏهن به اميدن وارو سج نه اڀري سگهندو.
عمران خان ڀلي اهو سمجهي ته هن جي حڪومت کي هن مهل تائين جيڪا مشڪل پيش آئي آهي، ان جو سبب هن جون مخالف سياسي پارٽيون آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سياسي مخالفتون نه هجن ته سياست پنهنجو بنياد نه رکي سگهي پر عمران خان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن اڳوڻن حڪمرانن جيڪو ڪجهه به ڪيو، اهو پنهنجي سر اڪيلي نه ڪيو پر ان عمل ۾ نوڪرشاهي هيٺان کان وٺي مٿي تائين انهن حڪمرانن سان ملوث هئي پر جڏهن احتساب جو وارو آيو ته نوڪرشاهيءَ پنهنجي ڪنڌ جو رسو به ويندڙ حڪومت جي ڳچيءَ ۾ وجهي پر تيار ٿي ۽ نئين حڪومت سان پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ ۾ مصروف نظر ايندي آهي. ان ۾ نئين حڪمران لاءِ هڪ ڪشش به هوندي آهي ته جيڪو نوڪرشاهيءَ جو نيٽ ورڪ ڪالهه هن جي مخالف سياستدان وٽ هو، اهو اڄ هن سان گڏ آهي. ان ڪري نئون حڪمران پنهنجي نفسياتي بحران جو شڪار ٿي نوڪرشاهيءَ کي بند اکين ۽ کليل ٻانهن سان قبول ڪندو آهي ۽ اها صورتحال نوڪرشاهيءَ جي لاءِ تمام گهڻي آئيڊيل هوندي آهي، جڏهن نئون حڪمران هن کان صلاحون ۽ مشورا وٺي انهن تي هلڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان وقت هو اها ڳالهه وساري ويهندو آهي ته انهن صلاحن ۽ مشورن ئي اڳوڻي حڪومت جو منهن اڇو ڪيو. تحريڪ انصاف جي حڪومت جي مٿان اها تنقيد ڇو ٿي رهي آهي ته اها به ملڪ جي تاريخ جي هڪ روايتي حڪومت ثابت ٿي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هيءَ حڪومت به بيوروڪريسيءَ جي ڀاڪر ۾ ڀري وئي آهي ۽ ان کي به نوڪرشاهيءَ پنهنجي ڄار ۾ قابو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ان ڄار مان نڪرڻ کان سواءِ هيءَ ته ڇا پر ڪا به حڪومت اهو ڪجهه نه ڪري سگهندي، جيڪو ڪجهه ڪرڻ لاءِ هن عوام کان ووٽ ورتا هئا.