ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ويڪسينيٽرن جا مظاهرا

Editorial

ملڪ ۾ هونئن ته بيروزگارن جو انگ وڌندڙ آهي پر جيڪي ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن روزگار سان لڳل آهن، انهن کي به بيروزگار ڪيو پيو وڃي. ظاهر آهي جڏهن بيروزگارن جو انگ لکن ۾ ٿيندو وڃي ته ان جو مطلب آهي سرڪاري ادارن وٽ نه ته نوڪريون آهن ۽ نه ئي روزگار فراهم ڪرڻ جا ڪي موقعا آهن. پي ٽي آ جي حڪومت هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، اهو ته پورو نه ٿي سگهيو پر ملڪ جي ڪيترن ئي شعبن مان ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي ۽ ان کانسوا ڪيترن ئي ادارن کي ڄڻ ته تالا لڳي ويا آهن. پر سنڌ ۾ به بيروزگاري جي صورتحال بنهه خراب نظر اچي ٿي. هڪ پاسي ڪانٽريڪٽ تي رکيل ملازم آهن، جن کي فارغ ڪيو ويندو آهي ته ٻئي پاسي اهي ملازم به آهن، جيڪي پنهنجن مطالبن جي مڃتا لا احتجاج ڪندا رهندا آهن ۽ حڪومت انهن ڏانهن ڌيان به نه ڏيندي آهي. هن وقت سنڌ جا ويڪسينيٽر پنهنجن مطالبن جي مڃتا لا احتجاج ڪري رهيا آهن.
ڪراچي، جيڪب آباد، نصيرآباد، ڌاٻيجي ۽ ميرپوربٺورو ۾ ويڪسينيٽرن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لا ارڙي ۽ روبيلا جي ويڪسين مهم جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ڪراچي ۾ ويڪسنييٽرز ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران ايوان صدر روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. بي ايڇ يو ڌاٻيجي جي ويڪسينيٽرن مطالبن جي منظوري لا ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري مظاهرو ڪيو. جنهن جي اڳواڻي ليڊي هيلٿ ورڪرن سڪينا، نور بانو، رخسانا ۽ ٻين ڪئي. ميرپور بٺورو ۾ ويڪسينيٽرن ارڙي جي ويڪسين جو بائيڪاٽ ڪري تعلقه اسپتال بٺورو اڳيان بتول خواجا، فاطمه سوھو، رفيه ميمڻ، خيرالنسا شورائي، ڪلثوم خواجا، خديجه خاصخيلي، ممتاز ميمڻ، يعقوب ميمڻ، اعجاز ميمڻ، رفيق لوھار، امان الله ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نصيرآباد ۾ ويڪسينيٽرزن رورل هيلٿ سينٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا مختلف چوڪن کان ٿيندي شاهه لطيف پبلڪ پارڪ وٽ ڌرڻي ۾ تبديل ٿي وئي، جتي اڳواڻن رضوان علي، علي بخش بروهي، ايل ايڇ ايس رخسانه ڏيپر، حفيظان ٻگهيو، وحيده بروهي ۽ ٻين خطاب ڪيو. جيڪب آباد ۾ به ويڪسينيٽرن ارڙي ۽ روبيلا جي ويڪسينيشن واري مهم جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان جائز حقن کان محروم رکيو ويو آھي، 336 ويڪسينيٽرن کي بيروزگار ڪري بک ۽ بدحالي تي مجبور ڪيو ويو آھي، جنهن سبب سخت مشڪلاتن جو شڪار آھيون. حڪومت سنڌ 336 ويڪسينيٽرن کي نوڪرين تان برطرف ڪري سخت ناانصافي ڪئي آهي، مسلسل احتجاج ڪندا پيا اچون پر اسان جا جائز مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن. هنن چيو ته ارڙي ۽ روبيلا جي ويڪسين جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، اسپتال انتظاميا ويڪسين لاءِ اڻڄاڻ ماڻهن کي جهلي ڳوٺن ۾ ٻارڙن کي ويڪسين ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، جنهن سان ڪوبه نقصان ٿيو ته ان جا ذميوار اسان ويڪسينيٽر نه هونداسين. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور اپگريڊيشن ڪري ٽائيم اسڪيل ڏئي برطرف ويڪسينيٽرن کي نوڪرين تي بحال ڪري سمورا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن. هنن چيو ته فوري طور تي جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ مڪمل طور تي ڪم جو بائيڪاٽ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته ڪنهن به شعبي ۾ ملازمن جي ڀرتي جو طريقيڪار شفاف هجڻ گهرجي. اهو ڪنهن به ريت سفارش تي نه هجڻ گهرجي. ان کانسوا جڏهن ڀرتيون ٿي وڃن ته انهن ملازمن کي ڪوبه سبب ڄاڻائي نوڪرين مان برطرف نه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ هونئن به بيروزگاري وڌيڪ آهي ۽ جيڪڏهن برطرفين وارو سلسلو هلندو رهيو ته اڃا به بيروزگار ماڻهن جو انگ وڌي ويندو. ان کانسوا سنڌ حڪومت کي به هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪي ملازم احتجاج ڪندا آهن ته انهن تي لٺيون وسايون وينديون آهن يا ڪو ٻيو تشدد ڪيو ويندو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ويڪسينيٽرن جا جائز مطالبا قبول ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button