ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

معيشت بابت ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ جي رپورٽ

Editorial

پاڪستان ۾ ڪجهه سالن کان جاري معاشي بحران جي ختم ٿيڻ جا امڪان گهٽ نظر اچي رهيا آهن، ناقص معاشي پاليسين جي ڪري پاڪستان جو عوام مهانگائيءَ کي ڀوڳي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن معيشت تباهه حال آهي ۽ سياسي استحڪام به ڪونهي، ان وقت معاشي رپورٽون اچن ٿيون ته انهن کي پڙهي ويتر مايوسي ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت ۾ به پاڪستان جي معاشي حالت بهتر ٿيڻ جا امڪان ڪونه آهن. پي ٽي آءِ جي دور ۾ جهڙي ريت ادارن کي معاشي نقصان ڏنو ويو ۽ آءِ ايم ايف کان رڪارڊ قرض ورتو ويو. ان کان پوءِ ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ لازمي هو. جنهن جي ذميواري هاڻ پي ٽي آءِ قبولڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڪالهه جيڪا رپورٽ اڪنامڪ آئوٽ لڪ پڌري ڪئي آهي سا به مايوس ڪندڙ آهي.
عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. ايندڙ سال سڄي دنيا ۾ مهانگائيءَ جي شرح وڌندي ۽ پيداوار گهٽ رهندي. ان حوالي سان آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌڻ ۽ معاشي ترقيءَ جي رفتار سست رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ايندڙ سال پاڪستان جون معاشي حالتون بهتر ٿيڻ جي اميد به ظاهر ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال اوسر جي شرح ٻڙي ڏهائي 5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، حڪومت معاشي ترقي جو هدف 5 سيڪڙو مقرر ڪيو هو. آءِ ايم ايف گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال مهانگائي ٻيڻ کان به وڌيڪ 27 ڏهائي هڪ سيڪڙو رهڻ ۽ بيروزگاريءَ جي شرح 7 سيڪڙو تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. 2024ع ۾ مهانگائيءَ جي شرح گهٽجي 21 ڏهائي 9 سيڪڙو تي پهچي ويندي. عالمي مالياتي فنڊ موجب ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي 2 ڏهائي 3 سيڪڙو تائين محدود رهندو. ايندڙ سال جي ڊي پي گروٿ واضح بهتريءَ سان 3 ڏهائي 5 سيڪڙو ۽ مهانگائي گهٽ ٿي 21 ڏهائي 9 سيڪڙو تي اچي ويندي. جڏهن ته بيروزگاريءَ جي شرح ۾ ٻڙي ڏهائي 2 سيڪڙو گهٽتائي جي اميد آهي. اهڙي پاڪستان جو مالي خسارو 6 ڏهائي 8 سيڪڙو رهندو، ايندڙ سال اهو وڌي 8 ڏهائي 3 سيڪڙو ٿي ويندو. رپورٽ موجب هلندڙ سال جي ڊي پي جو ڪاٿو 85 ڏهائي 4 ٽريلين رپيا هوندو، جيڪو اڳئين سال وڌي 108 ڏهائي 4 ٽريلين رپين تائين پهچي ويندو.

پي ڊي ايم جي حڪومت اچڻ کان پوءِ اهي امڪان هئا ته اها معاشي صورتحال کي بهتر ڪندي وڌندڙ مهانگائيءَ کي گهٽائي عوام کي رليف ڏيندي پر ان به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو ۽ عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو بار وڌائيندي رهي. اڄ به عوام اهو سوال ڪري رهيو آهي ته هاڻوڪي معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪهڙو لائحه عمل آهي. جنهن وسيلي ان کي ڪو رليف ملي سگهي. اسين سمجهون ٿا ته حڪومت کي ڪو نه ڪو رستو ڳولڻو پوندو، جنهن وسيلي عوام تي پوندڙ معاشي بار کي گهٽائي سگهجي ۽ ان جي زندگي بهتر گذري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button