اسلام آبادپاڪستان

تنوير الياس برطرفي چئلينج ڪري ڇڏي،اڄ شنوائي، پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير ۾ جيالو وزيراعظم آڻڻ لا سرگرم

آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ توهين عدالت تي برطرف ڪيل اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس جي سزا خلاف درخواست منظور ڪندي اڄ شنوائي لا مقرر ڪري ڇڏي آهي، اپيل جي شنوائي سپريم ڪورٽ جي فل بئنچ ڪندي. آزاد ڪشمير جي هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن وزيراعظم سردار تنوير الياس کي توهين عدالت جو ڏوهي قرار ڏيندي نااهل ڪري ڇڏيو هو، جنهن خلاف سردار تنوير الياس سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس راجا سعيد اڪرم اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان اپيل ۾ اڳوڻي وزيراعظم کي هاڻوڪو وزيراعظم ڇو لکيو؟ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي ڇو نه مڃيو ويو؟ جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل چيو ته اهو لفظ اڳوڻو وزيراعظم ئي سمجهيو وڃي. چيف جسٽس راجا سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ان کي اڳوڻو ڪيئن پڙهون؟ توهان سينيئر وڪيل آهيو، هي سپريم ڪورٽ آهي، ڪو مذاق ناهي، جيستائين سپريم ڪورٽ طرفان جو ايڪشن نٿو کڄي، تيستائين هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رهندو ۽ هو اڳوڻو وزيراعظم ئي تصور ڪيو ويندو، نئين اپيل ٻيهر داخل ڪرايو، پو ڏسنداسين ته ان کي ڪڏهن قبول ڪرڻو آهي. بعد ۾ تنوير الياس جي وڪيلن طرفان نئين درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن کي سپريم ڪورٽ اڄ شنوائي لا مقرر ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف تنوير الياس جي نااهل ٿيڻ بعد پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير ۾ ڪنهن جيالي کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي. مليل ڄاڻ موجب پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير ۾ پنهنجو وزيراعظم آڻڻ لاءِ پي ڊي ايم پارٽين سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ پي ڊي ايم وٽ 20 سيٽون آهن، جن مان 12 پيپلز پارٽي وٽ آهن. آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم لاءِ پي ڊي ايم کي وڌيڪ 7 ميمبرن جي حمايت گهربل آهي، ان سلسلي ۾ پ پ قيادت تحريڪ انصاف جي ناراض ميمبرن سان به رابطا ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button