پاڪستانعالمي

آمريڪي ڪانگريس ۾ به عمران خان جا هڏڏوکي موجود، صدر بائيڊن تائين دانهن پهچي وئي

آمريڪي ڪانگريس ۾ به تحريڪ انصاف جا هڏڏوکي موجود آهن، جتان هڪ ميمبر طرفان صدر جو بائيڊن تائين دانهن پهچي وئي آهي. آمريڪي ڪانگريس ميمبر بريڊ شرمين سيڪريٽري آف اسٽيٽ انٽوني بلنڪن کي خط لکي پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ خاص طور تي تحريڪ انصاف خلاف “سياسي انتقام” بابت آگاهه ڪيو آهي. ڪيليفورنيا جي قانون ساز 11 اپريل تي اماڻيل خط ۾ جو بائيڊن کي آمريڪي سفارتي ذريعا استعمال ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پاڪستاني اختيارين تي زور وڌو وڃي ته هو مبينا زيادتين جي جاچ ڪن ۽ ذميوارن جو احتساب ڪن. بريڊ شرمين لکيو ته آئون اختيارين تي زور ڀريان ٿو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته جيڪي سياسي شخصيتون اڳتي اچن يا شهري جيڪي صرف احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي جمهوريت مخالف نتيجن کي منهن نه ڏيڻو پوي. براد شرمين طرفان پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان خلاف داخل ڪيل ڪيسن، سياسي شخصيت شهباز گل ۽ صحافي جميل فاروقي تي تشدد ۽ جنسي زيادتي جي الزام، عمران خان جي حامين خلاف طاقت جي استعمال، اظهار جي آزادي تي پابندين جي نشاندهي ڪئي وئي. هن پاڪستان جي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي بيان تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه کي سياسي ميدان تان مٽايو ويندو. خط ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن ۾ دير ٿيڻ جو به ذڪر ڪيو ويو ۽ ان کي جمهوري عمل کي تباهه ڪرڻ جي هڪ ٻي ڪوشش قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button