پاڪستانپنجاب

عمران خان پنهنجي سيڪيورٽي انچارج افتخار گهمڻ جي اغوا جي دعويٰ ڪري ڇڏي

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي سيڪيورٽي انچارج افتخار گهمڻ جي اغوا ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته جڏهن علي امين گنڊاپور کي اغوا ڪيو ويو ته ڊي پي او ڊيرا اسماعيل خان سيشن جج کي ٻڌايو ته علي امين کي مٿان کان حڪم ملڻ تي حراست ۾ ورتو ويو آهي، اڄ منهنجي سيڪيورٽي انچارج افتخار گهمڻ کي اغوا ڪيو ويو، هي سڀ لنڊن پلان جو حصو آهي، جنهن ۾ نواز شريف کي دلجا ڪرائي وئي ته تحريڪ انصاف کي چٿيو ويندو. هن چيو ته قيادت سان گڏوگڏ منهنجي ويجهن ماڻهن سان بدسلوڪي، اغوا ۽ تشدد ڪيو ويو ۽ آئين توڙي قانون جي ابتڙ جعلي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف زمان پارڪ ۾ ڪارڪنن سان گڏ افطاري بعد خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف ڊڄڻو ماڻهو آهي، مان سندس نالو به کڻڻ نٿو چاهيان، جڏهن ته معاشري ۾ انصاف هوندو آهي ته قانون جي حڪمراني به هوندي آهي، اولهه جا ملڪ فقط انصاف جي ڪري ئي ترقي ڪري مٿي چڙهيا آهن، انصاف هوندو ته خوشحالي ايندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button