پاڪستانخيبرپختونخوا

همراهه ڪاوڙيل زال کي سس، سالي ۽ سالي سميت ماري ڇڏيو

سوات ۾ همراهه گهران ڪاوڙجي وڃڻ تي فائرنگ ڪري پيڪين ويٺل زال، سندس ما، ڀيڻ ۽ ننڍي ڀا کي قتل ڪري ڇڏيو. ميڊيا جي رپورٽ موجب 4 ڄڻن جي بيرحماڻي خون جو واقعو سيدو شريف جي جابلو علائقي سرباب ۾ پيش آيو، جتي جوابدار جي زال ڪاوڙجي پنهنجي پيڪن ۾ آيل هئي. پوليس موجب جوابدار پنهنجي زال کي گهر وٺي اچڻ لا ساهرن وٽ پهتو پر عورت پرچا ۽ گهر هلڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تان مڇرجي جوابدار ۽ سندس ساٿين فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب جوابدار جي زال، سس، سالي ۽ سالو موقعي تي مارجي ويا. قتل جي واردات بعد جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس مک جوابدار جي ٻن ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ اصل جوابدار جي ڳولا جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button