اسلام آبادپاڪستان

عمران خان 2018ع ۾ غيرشرعي ۽ غيرقانوني نڪاح ڪيو:مفتي سعيد

اسلام آباد : پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان ۽ ان جي زال بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح جي ڪيس ۾ نڪاح پڙهائيندڙ مفتي سعيد پنهنجو بيان عدالت ۾ قلمبند ڪرائي ڇڏيو. اربع تي اسلام آباد جي عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ مفتي سعيد پنهنجي وڪيل راجا رضوان عباسي سان عدالت جي ڪمري ۾ پهتو، جتي هن بيان ۾ چيو ته پهرين جنوري 2018 تي عمران خان مون سان ڪال تي رابطو ڪيو، سٺا لاڳاپا هئا ۽ ان جي ڪور ڪميٽي جو ميمبر هو. عمران خان مون کي چيو ته منهنجو نڪاح بشريٰ بي بي سان پڙهائي ڇڏيو، عمران خان چيو ته نڪاح پڙهائڻ لاءِ لاهور وڃڻو آهي. مفتي سعيد مطابق بشريٰ بي بي سان هڪ عورت پاڻ کي بشريٰ بي بي جي ڀيڻ ٻڌايو، عورت کان مون پڇا ڪئي ته ڇا بشريٰ بي بي جو نڪاح شرعي طور تي ٿي سگهي ٿو؟ جنهن تي عورت ٻڌايو ته بشريٰ جي نڪاح جا شرعي شرط مڪمل آهن. عورت ٻڌايو ته عمران ۽ بشريٰ جو نڪاح پڙهائي سگهجي ٿو. مفتي سعيد وڌيڪ چيو ته پهرين جنوري 2018 تي عورت جي خاطري تي ٻنهي جو نڪاح پڙهائي ڇڏيو پوءِ عمران خان مون سان فيبروري 2018 ۾ ٻيهر رابطو ڪيو ۽ درخواست ڪئي ته بشريٰ بي بي سان ٻيهر نڪاح پڙهائڻو آهي. مفتي سعيد مطابق عمران خان چيو ته پهريان نڪاح وقت بشريٰ بي بي جو عدت جا ڏينهن پورا نه ٿيا هئا. نومبر 2017 ۾ بشريٰ بي بي کي طلاق ٿي، عمران ٻڌايو ته بشريٰ سان نڪاح ڪرڻ ۾ اڳڪٿي هئي ته هو وزيراعطم بڻجي ويندو. عمران خان ٻڌايو ته پهريان نڪاح غير شرعي هو. مفتي سعيد چيو ته هنن جو پهريون نڪاح غير قانوني هو. هوڏانهن اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح جي ڪيس جي جلد شنوائي جي درخواست منظور ڪري ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button