اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان عالمي فورمن تي ڪم جاري رکندو:بلاول ڀٽو

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي متحرڪ ميمبر جي حيثيت سان عالمي فورمز تي ڪم جاري رکندو. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ڪالهه پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جو هڪ متحرڪ ميمبر ملڪ آهي، ملڪ ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران گڏيل قومن پاران مدد ساراهه جوڳي آهي. ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون سميت انساني امداد تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ گڏيل قومن جي ڪردار کي ساراهيو. هوڏانهن بلاول ڀٽو سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پڪاچي پڻ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي گهرا ڀائراڻا عوامي لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ تعاون جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button