سنڌ

سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي جي قيام جو فيصلو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي صوبي ۾ توانائي جي برابر فراهمي جي عمل کي بهتر بڻائڻ ۽ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (سيپرا) جي قيام جو فيصلو ڪيو. مراد علي شاهه ڪابينا جي فيصلي کي بجلي جي پيداوار، ٽرانسميشن ۽ ورڇ بابت تاريخي قدم قرار ڏنو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. توانائي بابت صوبائي وزير امتياز شيخ ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ سمورن توانائيءَ جي ذخيرن جهڙوڪ ڪوئلي، سولر، ونڊ، زميني ۽ سامونڊي رستن سان مالا مال آهي، جنهن کي توانائيءَ جي پيداوار لاءِ چڱي ريت ڪتب آڻي سگهجي ٿو. سنڌ گرڊ ڪمپني جي ٽرانسميشن نيٽ ورڪ ذريعي صوبي جي گهريلو، ڪمرشل ۽ صنعتي صارف گهٽ اگهه تي سندن ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. امتياز شيخ چيو ته صوبائي پاور پروجيڪٽس کي درپيش مسئلن جو بنيادي سبب ونڊ ۽ سولر ڊولپمينٽ جا نوان منصوبا جنهن کي قومي فريم ورڪ جي انڊيڪيٽو جنريشن ڪيپيسيٽي ايڪسپينشن پلان (IGCEP 2021) ۾ شامل نه ڪيو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ وفاقي ادارن جي دلچسپي نه هئڻ هو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ضروري آهي ته پيداوار، ٽرانسميشن، ڊسٽريبيوشن ۽ ريگيوليشن لاءِ هڪ جامع قانوني، پاليسي ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ جوڙيو وڃي ته جيئن صوبي ۾ توانائي جي برابر فراهمي کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ توانائي بحران کي ختم ڪري سگهجي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نيپرا ايڪٽ 1997 جي سيڪشن (4) (7) تحت صوبن کي پاور هائوسز ۽ گرڊ اسٽيشنز ٺاهڻ ۽ صوبي اندر ٽرانسميشن لائينون وڇائڻ ۽ صوبي ۾ بجلي جي ورڇ لاءِ ٽيرف مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ڪابينا تفصيلي غور ويچار کانپوءِ سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏني. صوبائي وزير محنت سعيد غني جي تجويز تي ڪابينا 42 صنعتن ۾ مزدورن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اجرت کي ٽن ڪيٽيگرين ۾ يعني گهٽ هنرمند، هنرمند ۽ گهڻي مهارت رکندڙ مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا پاران منظور ڪيل نئين شرح جنوري 2023ع کان گهٽ هنرمندن لاءِ 26000 رپيا، هنرمندن لاءِ 31961 رپيا ۽ گهڻي مهارت رکندڙ مزدورن لاءِ 33,491 رپيا هوندي. ايندڙ مالي سال ۾ مزدورن جي مختلف ڪيٽيگرن لاءِ نئين اجرت مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button