اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

اسٽاف ليول معاهدي تي جلد صحيحون ڪيون وينديون:آئي ايم ايف

اسلام آباد: آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي تي جلد صحيحون ڪيون وينديون. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وڊيو لنڪ تي آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزارت جي پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ آءِ ايم ايف مشن جي پاڪستان دوري ۽ اڳواٽ قدمن تي عملدرآمد بابت به گفتگو ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪي اهم مصروفيتن سبب وزيراعظم پاڪستان ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم جي هدايت تي واشنگٽن جو دورو رد ڪرڻو پيو. پڌرائيءَ موجب ناڻي واري وزير ملڪ کي پيش معاشي چئلينجن ۽ ملڪ ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام آڻڻ لاءِ حڪومت جي ويزن کان آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزارت ٻڌايو ته ناڻي واري وزير نائين جائزي لاءِ اڳواٽ قدم پورا ڪرڻ کان آگاهه ڪيو ۽ آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل سڀئي ذميواريون پوريون ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو. آءِ ايم ايف ڊائريڪٽر موجب اسٽاف سطح جي معاهدي تي جلد صحيحون ڪيون وينديون، جنهن کانپوءِ بورڊ منظوري ڏيندو. هن چيو ته اميد آهي ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ سڌارن تي اڳڀرائي جاري رکندو ۽ آءِ ايم ايف پروگرام وقت تي مڪمل ڪندو. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ اقتصادي استحڪام آڻڻ لاءِ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button