بالي ووڊ جي موهن هو دڙو فيم اداڪارا پوجا هيگڙي سپر اسٽار سلمان خان سان تعلق وارن افواهن تي خاموشي ختم ڪندي انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پوجا هيگڙي تازو ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌايو تھ مان في الحال اڪيلي زندگي گذاري رهي آهيان،
ڪو خاص ماڻهو زندگي ۾ شامل ناهي. هن چيو تھ هن وقت زندگي جا مزا ماڻي رهي آهيان، تنهنڪري منهنجو سڄو ڌيان هن وقت پنهنجي ڪيريئر تي ئي آهي.