شوبز

ميشا شفيع کي علي ظفر هتڪ عزت ڪيس ۾ جرح ڪرڻ جي هدايت

پاڪستاني ڳائڻي ميشا شفيع کي لاهور جي مقامي عدالت علي ظفر هتڪ عزت ڪيس ۾ جرح ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سيشن ڪورٽ لاهور ۾ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي تھ ميشا شفيع جي وڪيل ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت ٻڌڻي کي 2 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن تھ عدالت ميشا شفيع کي ايندڙ ٻڌڻي تي جرح ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ياد رهي تھ علي ظفر مٿس لڳايل الزام ڪوڙا قرار ڏيندي هتڪ عزت جو ڪيس واري درخواست داخل ڪرائي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button