ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾ ٽي مکيه ڪارناما

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

ملڪ ۾ لاڳيتي مھانگائيءَ ته اڳ ئي عوام لاءِ وڏي مصيبت آندي آھي جنھنڪري عام ماڻھن جو جيئڻ گهڻو جنجال ٿيل آھي. ھاڻوڪي سرڪار جي ھڪ اڳواڻ تازو دعوا ڪئي آھي ته ايندڙ سال مھانگائي گهٽجي ويندي.
بھرحال، ھاڻوڪي ڏکي دور دوران، ٽي ڪارناما بھتر به ٿيا آھن جن جو حوالو ڏيڻ به مناسب آھي. پھرين خبر اھا آھي ته ملڪ جي وزيراعظم شھباز شريف جو ھڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي بيان ۾ چوڻ آھي ته جڏهن اقتدار سنڀاليو ھئم ته حالتون ڏکيون هيون ۽ ڪيترائي چئلينج هئا، مختلف منشور رکندڙ جماعتن قومي مفاد تي يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪيو جيڪا ملڪ ۾ سياسي انقلاب ڏانهن اهم اڳڀرائي هئي، تڪرار بدران سهڪار جي سياست جو نئون دور شروع ٿيو.
هن اھو به چيو ته عمران خان نيازيءَ جي سرڪار خلاف بي اعتماديءَ جو ڪامياب ٿيڻ، غيرمعمولي واقعو هو. سڀني سياسي قوتن گڏجي غير مقبول سرڪار کي آئيني طريقي سان هٽائڻ لاءِ پارليامينٽ جي فورم کي ڪم آندو ھو.
ھئڻ ته ائين کپندو ھو ته عمران خان وزيراعظم طور ھٽائڻ کانپوءِ، پنھنجون غلطيون مڃي، ملڪ جي ايندڙ عام اليڪشن واري مدي تائين، پنھنجي پارٽيءَ طرفان امن ڀري جدوجھد ڪندو رھي ھا ته کيس وڌيڪ ووٽ ملي سگهن ھا ۽ شايد ٻيھر ڪامياب به ٿي سگهي ھا. جڏھن ته اڳ کيس اسٽيبلشمنٽ اقتدار ۾ آندو ھو پر ھو وزيراعظم طور به ۽ پوءِ به سڄي ملڪ جي تباھيءَ جو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ الٽا ۽ خطرناڪ بيان ڏيندو رھيو. انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ جو ٺاهه به عمران خان وزيراعظم طور ڪيو ھو جنھن کي ختم ڪرڻ سولو ڪم ناھي ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي وڏي رقم آءِ ايم ايف کي ھڪ ئي وقت ڏيڻي پوندي جيڪا پاڪستان لاءِ ممڪن ناھي. ملڪ جي اصل تباھي ته عمران خان آندي آھي پر پوءِ به رڳو ظاھري طور وڻندڙ بيانن تي گذر سفر ڪندو رھيو آھي. سندس مختلف حرڪتن باوجود سپريم ڪورٽ ۽ ھاءِ ڪورٽن، بار بار سندس ضمانتون منظور ڪيون آھن پر کيس گرفتار ناھي ڪيو ويو جيڪا وڏي حيرت جھڙي ڳالهھ آھي.
ٻيو اھم ڪارنامو اھو آھي ته مظفر آباد، آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تنوير الياس کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. جيڪو اپريل 2022 کان اپريل 2023ع تائين آزاد ڪشمير جو وزيراعظم رھيو. آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ سردار تنوير الياس کي توهين عدالت ۾ سزا ٻڌائي ۽ کيس ڪنهن به پبلڪ عهدي لاءِ نااهل قرار ڏنو آهي. عدالت نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط به لکي ڇڏيو آهي، آزاد ڪشمير جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم کي توهين عدالت تي نااهل ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته تنوير الياس کي پنهنجي تقرير ۾ ڌمڪي وارو لهجو اختيار ڪرڻ تي آزاد ڪشمير سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ تازو گهرايو ھو. هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي سندس خلاف چيف جسٽس صداقت حسين راجا جي سربراهيءَ ۾ فل بئنچ ٻڌڻي ڪئي. تنوير الياس توهين عدالت جو حڪم مڃيندي غيرمشروط معافي گهري پر عدالت سندس معافي کي رد ڪري ڇڏيو. آزاد ڪشمير جو وزيرعظم تنوير الياس، عمران خان جي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف جو آزاد ڪشمير ۾ صدر آھي.
ٽيون اھم ڪارنامو اھو آھي ته سنڌ سرڪار وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ سنڌ لاءِ اھم فيصلو ڪيو ويو جنھن ذريعي سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ بابت قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ ٻڌايو ته سنڌ مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي ورهاست سنڌ سرڪار ڪندي، اهو سنڌ سرڪار جو هڪ تاريخي فيصلو آهي، سنڌ جي ماڻهن کي سستي بجلي فراهم ڪنداسين. انھيءَ کانسواءِ مزدوري جي پگھارن ۾ پڻ واڌ ڪئي وئي آھي.
وزارت تفصيلي ويچار کانپوءِ سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽيءَ جي قيام جي منظوري ڏني. سنڌ جي پورھئي واري وزير سعيد غني جي رٿ تي وزارت 42 صنعتن ۾ پورھيتن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اجرت کي ٽن ڪيٽيگرين ۾ يعني گهٽ هنرمند، هنرمند ۽ گهڻي مهارت رکندڙ مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا پاران منظور ڪيل نئين شرح جنوري 2023ع کان گهٽ هنرمندن لاءِ 26000 رپيا، هنرمندن لاءِ 31961 رپيا ۽ گهڻي مهارت رکندڙ مزدورن لاءِ 33491 رپيا هوندي. ايندڙ مالي سال ۾ مزدورن جي مختلف ڪيٽيگرن لاءِ نئين اجرت مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو. اھا پورھيتن لاءِ بھتر خبر آھي، جنھن جي آجيان ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button