ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شانتي نڪيتن ۽ ٽيگور-1

Editorial-Article- Rauf Nizamani

شانتي نڪيتن هڪ پنج سو سالن کان ترقي ڪندڙ پراڻي شهر بولپور جي ويجھو آهي. 1863 ۾ رائي پور جاگير جي هڪ زميندار ستيڪانتا سنها رابندر ناٿ جي پي ديبندر ناٿ، جيڪو پاڻ هڪ وڏو عالم هو، کي زمين جو هڪ ٽڪرو ڏنو ته جيئن هو اتي غور فڪر ۽ ٻيو علمي ڪم ڪري سگھي. ويهين صدي جي شروعاتي سالن ۾ ديبندر جي پٽ رابندر ناٿ ان کي دنياوي علمن لا استعمال ڪرڻ جو سوچيو ۽ 1901 ۾ هتي وشوا ڀارتي قائم ڪيو. ان جي قائم ڪرڻ جي پويان مک ڳالهه اها هئي ته ٽيگور پاڻ انڊيا جي تعليمي نظام مان مطمئن نه هو. کيس ان وقت جي گھڻن معياري ادارن ۾ داخل ڪرايو ويو پر هو اتي نه هلي سگھيو ۽ نيٺ کيس گھر ۾ استاد رکي پڙهايو ويو. ڀارت جي تعليمي نظام منجھس هڪ خوف پيدا ڪري ڇڏيو هو.
امرتا سين شانتي نڪيتن ۾ 1941 کان 1951 تائين ڏهه سال رهيو. هو جڏهين هتي آيو ته ٽيگور جي وفات ٿي چڪي هئي. هو هتان جي تعليمي نظام جي خاص ڳالهه اها ٻڌائي ٿو ته اتي ٻارن کي ڪلاس روم ۾ نه پر ٻاهر کلي ماحول ۾ ڪنهن وڻ جي هيٺان پڙهايو ويندو هو. موسم خراب هئڻ ۽ مينهن وغيره جي صورت ۾ انهن کي اندر ڪمرن ۾ منتقل ڪيو ويندو هو. ٻار فرش تي ويهندا هئا ۽ استاد انهن جي آڏو سيميٽ جي ٺهيل دڪي تي ويهندو هو. ٻي خاص ڳالهه اها هئي ته ٻار کي مار ڏيڻ ۽ جسماني تشدد ڪرڻ جي سختي سان منع ٿيل هئي. ان ڳالهه کي ڏٺو ويندو هوته ٻار جو ڪهڙي مضمون ڏانهن لاڙو آهي ته ان ۾ ان کي اڳتي وڌايو ويندو هو. هروڀرو ڪنهن مضمون کي پڙهڻ لا زور زبردستي نه ڪئي ويندي هئي. ليکڪ کي موسيقي ٻڌڻ جو گھڻو شوق هوندو هو پر ڳائڻ وغيره ۾ سندس گھڻي دلچسپي نه هوندي هئي. سندس موسيقي جي استاد جو اهو اصرار هو ته ماڻهو جيڪڏهين ڪوشش ڪري ته ڳائي سگھي ٿو پر هو ڪوشش جي باوجود ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو ۽ نيٺ استاد کيس موسيقي جي ڪلاس کان مهلت ڏيئي ڇڏي. هتي نهايت قابل ۽ باصلاحيت استاد هوندا هئا پر سندن پگھار نهايت گھٽ هوندي هئي. هتان جو بنيادي اصول آزادي سان عقل جو استعمال هو. شاگردن تي پنهنجن خيالن جي اظهار ۽ بحث مباحثي تي ڪا پابندي نه هئي. هتي هفتي ۾ هڪ ڀيرو ٽيگور مختلف مذهبي ۽ دنيوي معاملن تي ليڪچر ڏيندو هو. ٽيگور جي وفات کانپو اهو ڪم سندس دوست ۽ ليکڪ جو نانو ڪشتي موئن ڪندو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته جيئن کيس مذهب سان گھڻي دلچسپي نه هئي ان ڪري هن ڪشتي موئن کي چيو ته هو انهن ليڪچرن ۾ نه ايندو جنهن تي هن ڪنهن ناراضگي جو اظهار نه ڪيو. شانتي نڪيتن کي ان لحاظ کان آشرم به چيو ويندو هو ته اڳ مندرن سان گڏ جيڪي آشرم هوندا هئا اتي اهڙي تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي هئي جيڪا آهستي آهستي ختم ٿيندي ويئي.
آزادي عقل سان گڏ شانتي نڪيتن جي تعليمي نظام جو بنيادي اصول هو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته هو شروع ۾ سڌارٿ ٻڌ کان گھڻو متاثر هو ۽ هن پاڻ کي ٻڌ مت جو پوئلڳ چوڻ شروع ڪيو هو جيتوڻيڪ کيس ان مذهب متعلق گھڻي ڄاڻ نه هئي ۽ نه ئي هو جتي رهندو هو اتي ميلن تائين ڪو ٻڌمت جو پوئلڳ رهندو هو. پر اسڪول پاران کيس هڪ بدهسٽ طور رجسٽرڊ نه ڪيو ويو. سندس ليکي ٻڌازم ڪو مذهب نه پر هڪ فلسفو آهي جنهن ۾ حضرت عيسيٰ جي تعليم جيان زندگي گذارڻ جا اصول ٻڌايا ويا آهن. ساڳي وقت انهن جي تعليم روسو ۽ جديد دور جي ٻين فلاسافرن جيان سماجي معاهدي جي نظرئي تي ٻڌل ناهي جنهن ۾ ٻنهي فريقن پاران ڏي وٺ ٿئي ٿي. اهو غيرمشروط هوندو آهي بلڪل ائين جڏهين ما پنهنجي ٻار کي کير پيئاري ٿي يا ان جي سارسنڀال لهي ٿي ته موٽ ۾ ان کي ڪنهن اجوري وغيره جي توقع نه ٿي هجي. ليکڪ موڪلن ۾ ٻين شاگردن سان گڏ ڀرپاسي جي قبائلي ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لا پڻ ويندو هو.
ليکڪ ٻين شاگردن ۽ استادن سان گڏ بهار ۾ پاٽلي پترا، جيڪو گپتا ۽ موريا سلطنتن جي گادي جو هنڌ رهيو آهي، جي ويجھو نالندا يونيورسٽي ڏسڻ لا پڻ ويو هو. اها يونيورسٽي ٻڌ مت ۽ ٻين دنيوي علمن جي تعليم جو هڪ وڏو مرڪز هئي. هتي ڀارت ۽ دنيا جي ٻين گھڻن ملڪن کان آيل اٽڪل ڏهه هزار شاگرد پڙهندا هئا.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button