سنڌ جي ويجهي ماضيءَ ۾ اهڙو ته ڪو دور ڪڏهن به نه رهيو آهي، جڏهن سنڌ مڪمل طور تي امن جي هنج ۾ سک جا سپنا ڏسي رهي هجي. سنڌ سدائين سورن ۾ رهي آهي. اهي سور گهڻ طرفا رهيا آهن. ڪڏهن سياسي سور ته ڪڏهن سماجي سور ته ڪڏهن معاشي سور! جڏهن اسان ”ڪڏهن“ جو لفظ استعمال ڪريون ته ان جو اهو مطلب هرگز نه ورتو وڃي ته ڪو ان مهل ٻيا سور نه ٿا هجن. ان جملي جو مطلب اهو آهي ته ڪڏهن ڪو سور ته ڪڏهن ڪو سور پنهنجي شدت تي هوندو آهي. ڇو ته سورن جو به ته پاڻ ۾ تمام گهڻو پيچيده ۽ گهرو رشتو هوندو آهي. اهي سور سدائين پاڻ ۾ ساڻ رهندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪو سور ته ڪڏهن ڪو سور سڀ کان وڌيڪ پيڙا ڏيڻ جو ڪارڻ بڻجي ويندو آهي.
اسان جي ماضيءَ ۾ جڏهن جنرل ضياءَ جمهوريت کي لانگ بوٽن سان لتاڙيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسيءَ چاڙهيو ۽ عام ماڻهن کي سرعام ڦٽڪا هنيا ته اهو سنڌ جو سياسي سور هو ۽ ان سور جي خلاف جڏهن سنڌ ردعمل پيش ڪيو ۽ ايم آر ڊي جي ڀرپور تحريڪ هلائي ته ان جي نتيجي ۾ سوچيل سمجهيل منصوبي جي مطابق سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ڌاڙيل وڌا ويا ۽ ايتري ته بدامنيءَ جو جنم ورتو هو جو ماڻهن جي لاءِ گهرن مان ٻاهر نڪرڻ ناممڪن بڻجي ويو هو. اهو سياسي ۽ سماجي سورن جو پاڻ ۾ ناتو ۽ تعلق هو. ان جي اهڙي لاڳاپي کي هن مهل تائين ڪو به للڪاري نه سگهيو آهي. ڇو ته ان حقيقت جي حوالي سان تمام گهڻا ثبوت پيش ٿيل آهن ۽ اهي ثبوت اهڙا آهن، جن کان انڪار جي جرئت ڪرڻ تمام گهڻو محال ڪم آهي.
سنڌ ۾ ڪجهه وقت اڳ خطرناڪ ٻوڏ آئي. اها برساتي ٻوڏ جيڪا سنڌ جو مڪمل طور تي منو حصو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ۾ اڌ حصو ت بنهه ٻوڙي وئي. ان جي نتيجي ۾ جيڪو غربت ۽ مهانگائيءَ جو مسئلو پيدا ٿيو، ان مسئلي جي حوالي سان اسان کي سمجهڻ کپندو هو ته هاڻي بدامني پيدا ٿيندي. اها بدامني پيدا ٿي آهي. اسان ان سلسلي ۾ صرف اجمل ساوند جي قتل جو مثال پيش نه ٿا ڪيون. ڇو ته هن جي قتل کي قبيلائي تڪرار جي خوني روايت سان ڳنڍيو پيو وڃي. پر اسان ان حوالي سان صرف ۽ صرف انهن چورين، ڌاڙن ۽ اغوائن جي شروع ٿيل سلسلي تي فوڪس ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن جو آئيندو تمام گهڻو اونداهون ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. ڇو ته بدامنيءَ جي هيءَ لهر اوچتي نه اڀري آهي. ان جي پويان باقاعده هڪڙا مادي سبب آهن. هي بدامنيءَ جو ڦل جنهن زهريلي ٻوٽي مان پيدا ٿيو آهي، اهو زهريلو ٻوٽو غربت آهي. اسان کي دنيا جي تاريخ پڙهڻ سان معلوم ٿي ويندو ته جڏهن به غربت پيدا ٿيندي آهي، تڏهن بدامنيءَ جا ڀوت بوتلن مان نڪري ايندا آهن ۽ هو پوري معاشري کي هڪ باهه وانگر وڪوڙي ويندا آهن.
گذريل ٻوڏ جي دوران سنڌ ايتري ته سٽجي وئي جو هن کي سرڪاري سهائتا جي شديد ترين ضرورت درپيش هئي پر ان سلسلي ۾ سرڪار صرف انگ اکر ته ظاهر ڪيا ۽ اهو ته ٻڌايو ته ڪيترن ٻوڏ ستايلن جي مدد ڪئي وئي آهي پر حقيقت ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪيس به ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي نه اچي سگهيا جو اسان سميت پوري دنيا کي پتو پوي ته نالي ماتر ئي سهي پر سرڪار ماڻهن جي مدد ڪئي آهي. سرڪار ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. ان حوالي سان هن وقت سنڌ ۾ شديد غربت آهي ۽ ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي مشڪل ترين وقت کي منهن ڏئي رهيا آهن.
سنڌ ۾ غربت جا ٻه اهم سبب آهن. هڪ ته هن مهل سرڪاري سيٽ اپ ۾ تمام وڏو تجربو ڪرڻ سبب جيڪو جهٽڪو پاڪستان کي آيو ۽ جهڙي طرح سان پاڪستان جي معاشيات جا بنياد لڏي ويا ۽ جيئن ڊالر پاڪستان جي روپئي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو مهانگو ٿي ويو ۽ ان مهانگائيءَ سبب عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي ان جا تباهه ڪندڙ اثر پيا ۽ ان کان سواءِ سرڪاري سطح تي جيڪو آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو ويو ۽ ڪيو پيو وڃي، ان ۾ پنهنجن ماڻهن کي ڪمند وانگر پيڙهڻ جي سلسلي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وئي آهي. ان حوالي سان هر ڪوئي پڇا ڪري رهيو آهي ته ان معاهدي ۾ انهن سان جيڪا ناانصافي ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي؟
سياسي عدم استحڪام ۽ غلط حڪمرانيءَ جي نتيجي ۾ پاڪستان مجموعي طور تي مهانگائيءَ جو شڪار آهي. جڏهن ته سنڌ جي مٿان جيڪا ڪرپشن ۽ خاص طور تي برساتي ٻوڏ جا سفاڪ حملا ٿيا، ان ۾ ته سنڌ جي معاشي چيلهه چٻي ٿي وئي. سنڌ اڳ ۾ ئي ڪمزور هئي. تازي ٻوڏ سبب ته رهي سهي پت به لڙهي وئي ۽ هن مهل سنڌ جو اهو حال آهي ته سنڌ جا ماڻهو لفظي طور تي نه پر سچ پچ به ته بکي مري رهيا آهن ۽ انهن جي بک ۽ ڏک جو ڪاٿو ڪرڻ به مشڪل آهي ۽ جنهن سياسي پارٽيءَ کي سنڌ جي ماڻهن گذريل ٽن ڏهاڪن کان وٺي حڪمراني ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو آهي، اها پارٽي ۽ ان جا اڳواڻ پنهنجا پيٽ ڀري ويٺا آهن ۽ اڃان به ڀري رهيا آهن پر سنڌ جي ماڻهن کي ڏسڻ جي لاءِ به اهو ڪجهه نه مليو آهي، جيڪو زندگيءَ جي لاءِ ضروري آهي. اها هڪ وڏي زيادتي آهي.
اسان پوري دنيا جي تاريخي پس منظر ۾ اهو ڏٺو آهي ته جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ يا ڪنهن خطي ۾ مهانگائي زور وٺندي آهي ته جيئڻ جو جبر ماڻهن کي آسانيءَ سان جرمن جي طرف ڇڪي وٺندو آهي. هن مهل سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو ڪاريهر وانگر ڪر کڻي بيٺو آهي. سنڌ ۾ ڏوهارين کي اهو موقعو ملڻ کپندو هو ته هڪ طرف سنڌ ۾ بک، بيررزگاري ۽ مهانگائي جو عروج اچي ته ڏوهارين کي آسانيءَ سان پنهنجا لاقانوني لشڪر ٺاهڻ جو موقعو ملي وڃي.
اها هڪ شرمناڪ ۽ شديد تشويش واري ڳالهه آهي ته جنهن وقت سنڌ جو آءِ جي اتر سنڌ جو دورو ڪري رهيو هو، ان مهل هو تازو قبائلي جهيڙي جي نالي ۾ قتل ٿي ويل پروفيسر اجمل ساوند جي مائٽن سان ملي آيو، تڏهن اتر سنڌ ۾ اغوا ۽ ڦر جون وارداتون ٿيون. اهي ڪم دراصل اشارا هوندا آهن ته معاشرو ڪهڙي طرف وڌي رهيو آهي. جڪڏهن سنڌ کي گهڻ طرفو پيڪيج ڏئي ۽ هن کي بدامنيءَ کان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش نه ڪئي وئي ته پوءِ اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته هيءَ معاشي بدحالي جهنگ جي باهه بڻجي ويندي ۽ قانون جي کٽارا فائر برگيڊ ان کي وسائڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندي. ان کان اڳ ۾ سنڌ ڏوهن جي سلسلي ۾ پوائنٽ آف نو رٽن (Point of no return) کي پهچي! ان کان اڳ جو معاملو علاج کان اڳتي وڌي وڃي، سنڌ جي هن حال تي رحم کائي سنڌ کي بدامنيءَ جي باهه حوالي سان ٿيڻ لان بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي.