مذهبي سوچ موجب سپهه سالار ئي سمورا فيصلا ڪرڻ جو اختيار رکندو آهي، ان ڪري ڪنهن به رياست ۾ سپهه سالار يا طاقتور شخص جو هجڻ ضروري آهي. طاقتور شخص جو تصور انهن سمورن ملڪن ۾ موجود آهي، جتي بادشاهت آهي، آمريت يا آٽوڪريسي آهي. هي شخص سمورن اختيارن جو مرڪز هوندو. اسان وٽ به هڪ شخص جي بااختيار هجڻ جو تصور ڊگهي عرصي کان موجود آهي. هي بااثر شخص ڪوبه ٿي سگهي ٿو، پهرين ته جنهن جي هٿ ۾ بندوق هوندي هئي، اهو طاقتور شخص هوندو هو، سموري دنيا ۾ بدنامي کانپوءِ هاڻ آمر جيڪي ڊائنوسارن جيان ٿي ويا آهن، انهن جي جاءِ سويلين ورتي. ملڪ جي صدر کي اٺين ترميم تحت طاقتور شخص بڻايو ويو، پوءِ ڇو نه اهو نوڪرشاهيءَ جو پراڻو پرزو هجي. بس ان جي اهليت هي آهي ته ان کي سمورن ورن وڪڙن جي خبر هجي، هي شخص خاص ڪري عوامي قوتن کي ختم ڪرڻ، انهن کي ڪمزور ڪرڻ يا انهن کي ريموٽ ڪنٽرول ذريعي هلائڻ جو فن ڄاڻندو هجي. هي شخص جيستائين اقتدار جو سپر هيرو يا ولين رهيو، عوامي ادارا ۽ انهن ۾ لکين ووٽ کٽي ايندڙ ڪٺ پتليون ٿي ويون. ڪٺ پتلي جو لفظ به انهن ئي ڏينهن ۾ وڌيڪ مقبول يا ٽرينڊ سيٽر ٿيو. ان جي باوجود غيرجمهوري رياستي قوتن جي ذهني تسلي نه ٿي، ان ڪري انهن نئين برانڊ کي جنم ڏنو، جنهن کي عوامي پاپولرٽي رکندڙ شخص طور سامهون آندو ويو. ان وري جيڪا تباهي ڪئي، ان کان شايد ڪو انڪار ڪري سگهي. نيٺ ان شخص به “منهنجي گهر جي ٻِلي، مون کي ڪري ميائون” وارو ڪم ڪيو. هاڻ وري جوڊيشل ايڪٽوازم ذريعي سپر هيروز تخليق ڪيا پيا وڃن، انهن کي ماضي جي مقابلي ۾ وڌيڪ طاقتو بڻايو ويو ۽ ان جي هٿ ۾ قانون جو هٿوڙو به ڏنو ويو، هاڻ اهو شخص رڳو انصاف جي ڪرسي تي ئي ناهي، پر هو هر قسم جون ڪم ۽ حڪم ڏيڻ جو مجاز آهي. هن شخص ڪڏهن ڊيم وارا بابا جو روپ اختيار ڪري سموري دنيا ۾ خيرات گڏ ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته هو هر صورت ۾ ڊيم اڏيندو ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ چوڪيدار ٿي، ان جهوپڙيءَ ۾ رهندو، جتي ڊيم جي اڏاوت ٿيندي. هن ڪيتري رقم گڏ ڪئي ۽ پنهنجي ئي گهر جي مهانگي شادي تي ڪيترو خرچ ڪيو؟ ان جي آڊٽ ڪو به ڪري نٿو سگهي. هاڻ وري افتخار چوڌري جي جتيءَ ۾ پير وجهندي، هڪ ئي شخص سموري ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ چاهي ٿو. هينئر هو پارليامينٽ جي اختيار کي به سپرسيڊ ڪري سگهي ٿو، ايگزيڪيوٽو جا اختيار هن جي هٿ وس آهن، ته اليڪشن ڪميشن به ان جي گهر جي ٻانهي آهي!
اها ڳالهه اهم ناهي ته ڪنهن به رياستي عهديدار جي هٿ ۾ ڪيترا وڌيڪ يا گهٽ اختيار هجڻ گهرجن، پر اهم ڳالهه هي آهي ته جيڪڏهن ملڪ جي آئين ۾ ادارن کي ڏنل اختيارن ۽ طئي ٿيل حدن کي پار ڪيو ويو ته شخصي حڪمراني يا سويلين حڪمراني ۾ ڪو خاص فرق نه رهندو. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جو مستقبل به داءُ تي لڳي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪوبه رياستي عهديدار پنهنجي Domain کي اورانگهي ٿو ته ان سان انارڪي ئي پيدا ٿيندي. هي تماشو عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڏسي رهيو آهي. هاٿي کي هندستان ڏيکارڻ جو هي عمل جاري رهي ٿو ته اهي قوتون، جيڪي ون مين آرمي يا هڪ شخص جي حڪمراني ۾ يقين رکن ٿيون، انهن لاءِ ته رستو صاف ٿي ويندو. هي سوال به پڇيو وڃي ٿو ته جيڪي ادارا، ملڪ جي اسٽيٽ بينڪ يا ڪنهن ٻئي اداري کي پيسن ادا ڪرڻ جو حڪم ڏين ٿا، انهن جي پنهنجي اڪائونٽ ۾ به اربين رپيا موجود آهن، هڪ ڪاروباري شخصيت جا برطانيا جي اهم اداري کان مليل 50 ارب رپيا ۽ ڊيم فنڊ جا 17 ارب رپيا رکيا آهن، انهن جو استعمال ڇو نٿو ڪيو وڃي؟
ملڪ جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سلامتيءَ جي حوالي سان انتهائي اهم ڳالهيون ٿيون، چونڊيل ايوان ۾ ملڪ جو سپهه سالار چئي رهيو هو ته گذريل ڪجهه سالن کان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ 80 هزار سويلين، جوانن ۽ ٻين قوتن پنهنجون جانيون قربان ڪيون، انهن کي چئن سالن دوران زيان ڪيو ويو. بقول انهن جي ته اڳ دهشتگردن جي خاتمي تي ڪم ٿيندو هو، پر ويجهي ماضي ۾ دهشتگردن کي افغانستان مان آڻي، قبائلي علائقن ۾ آباد ڪيو ويو، ان سان گڏ اهي، جن جي هٿ ۾ بندوق هئي، ان جي زور تي انهن ماني مڇي وارن شهرين کان ڀتو گڏ ڪيو، انهن کي ائين ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ کي دهشتگرديءَ کان خطرو آهي، ان ڪري هاڻ هو نئين آپريشن جي تياري ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ هو نه ئي پنهنجو فورس ڪنهن سويلين ڪم لاءِ ڏئي سگهن ٿا، نڪي وري انهن جي افرادي قوت ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ خرچ ڪري سگهجي ٿي. دهشتگرديءَ جي خلاف مهم دوران جيڪڏهن انهن کي مجبور ڪيو ويو ته ملڪي معاملا ڪٿي ڇيهه ڪندا؟ ائين جيئن اسٽيٽ بينڪ کي مجبور ڪيو ويو ته اها 21 ارب رپين جو بندوبست ڪري، تيئن فورسز کي مجبور ڪيو ويو ته ان جا ڪيترا اگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن فورسز جي غير موجودگي ۾ خانگي گارڊز جي ڪمپنين کي چيو ويو يا رٽائرڊ فوجي ڊيوٽي تي لڳايو ويا ته ان جا جيڪي نتيجا سامهون ايندا، اهي ملڪ جو ڪهڙو حشر نشر ڪندا؟ هي سموريون بارودي سرنگون وڇايون ويون آهن. انهن جي ڌماڪن جي نتيجن کي ڀوڳڻ لاءِ سڀني کي تيار ٿي وڃڻ گهرجي.
اسان کي وري وري هي ڀاشڻ ڏنو ويندو آهي ته ملڪ جي آئين ۾ سمورن ادارن جون ذميواريون طئي ٿيل آهن، اهي نمائندا، جيڪي لکين ووٽ کڻي ملڪ جا ايگزيڪيوٽو ٿيا آهن، انهن جي اختيارن کي ڪا ٻي ڌر استعمال ڪندي ته صورتحال بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿيندي. هينئر ملڪي معاملا ڪٿي پهتا آهن؟،ان کان ڪير واقف ناهي؟ هڪ ته عالمي مالياتي ادارن جا شرط ۽ ماڻا آهن،جيڪي ختم ئي نٿا ٿين،انهن شرطن جي نتيجي ۾ ملڪ جو عام ماڻهو عذاب واري زندگي گذاري رهيو آهي، مٿان وري سياسي مهم جوئي ڪندڙ قوتن جي پٺي ٺپي پئي وڃي، انهن جي فرمائشن کي پورو ڪرڻ لاءِ آخري حد تائين وڃڻ جو سلسلو به جاري آهي. ان سان خطرو هي آهي ته هينئر هڪڙو ادارو سمورن اختيارن جو پاڻ کي مالڪ سمجهي ٿو، سڀاڻي ان اداري لاءِ رستو صاف هوندو، جيڪو شروع کان اقتدار جي ڪرسي تي ويهڻ جو عادي آهي. جيڪڏهن خدانخواستا ائين ٿي وڃي ٿو ته پوءِ جيڪو نئون آرڊر يا نظام هوندو، ان کي سموري ملڪ کي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن ادارن کي لڳاتار ٽڪراءُ يا سرد جنگ واري ڪيفيت ۾ رکيو ويندو ته پوءِ ملڪ جي عوام جو ڇا ٿيندو؟ اهي جن جو ايستائين جو چونڊيل ايوانن ۾ ڪو نمائندو ناهي، انهن جي مفادن جو تحفظ ڪير ڪندو. هاڻ کان انارڪي ۽ فاشزم کي سمجهي وٺڻ گهرجي، هي رستو ان طرف ئي وڃي ٿو. سمورين ڌرين کي آئيني حڪومت ڏانهن نه صرف واپس وڃڻو پوندو، پر ان جي اختيارن جو احترام ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾جارج آرول جو ڪردار Big Brother حڪمران هوندو،جنهن جي رومانس ڪندڙن تي به نظر هوندي.