ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بحران ادارن جو آهي يا سياسي؟

موجوده بحران بظاهر پارليامينٽ ۽ اعليٰ عدالت جي آمهون سامهون ٿيندي هڪ عجيب صورتحال اختيار ڪري ويو آهي، هن بحران کي پوري طرح سڄي عدالتي اداري جو يعني پوري سپريم ڪورٽ جو گڏيل بحران يا ٽڪراءُ به نه ٿو چئي سگھجي ڇو ته پارليامينٽ قانون سازي ڪندي پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل آندو جنهن کي سپريم ڪورٽ جي اٺ رڪني بينچ بل کي قانون بڻجن کان پهريان ئي اسٽي آرڊر ڪندي اٽڪائي ڇڏيو آهي بينچ جي طرفان هي دليل ڏنو ٿو وڃي ته هن بل سان سپريم ڪورٽ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ٿيندي. وفاقي حڪومت عدالتي حڪم کي پارليامينٽ ۽ وفاق تي حملو جو چيو آهي وفاقي حڪومت هي به چيو آهي ته هي ” ون مين شو جو نتيجو آهي جنهن جي مزاحمت ڪبي” هي ٽڪراءُ ڪٿي دنگ ٿو ڪري اهو چند ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي پر هن وقت صورتحال بظاهر اعليٰ عدالت لاءِ انتهائي ڏکي آهي ته هو سڌارن جي ان بل کي عدالت جي اختيارن تي حملي جو چئي ڇو ته هن بل ۾ صرف ۽ صرف چيف جسٽس جا لا محدود پاور محدود ڪرڻ جي قانون سازي ڪئي وئي آهي جنهن کي وڏي وڪيلن جي اڪثريت سپورٽ ٿي ڪري ۽ تمام گھڻا پڙهيا لکيا باشعور ماڻهو به بل تي متفق آهن ته هي ون مين شو جو سلسلو يا چيف جسٽس جي لا محدود اختيارن کي گھٽ ڪرڻ گھرجي.
اها حقيقت آهي ته هي ڇڪتاڻ بنيادي طرح صوبائي اسيمبلين جي ٽٽڻ کان پوءِ شروع ٿي ۽ هن منزل تي پهتي آهي هن بحران جو بنيادي نقطو هي به بحث ٿي رهيو آهي ته اليڪشن گڏيل ٿي يا الڳ اڪثريتي سياسي پارٽيون ان هڪ نقطي تي متفق آهن ته اليڪشن گڏيل ٿيڻ گھرجي رڳو پي ڊي ايم جي اتحادي جماعتن ۾ شامل جماعتون نه پر جماعت اسلامي جي امير سراج الحق صاحب به اهائي گھر ڪئي آهي ته اليڪشن گڏيل ٿيڻ گھرجي چيو ٿو وڃي ته خود سپريم ڪورٽ جا سينئر ترين جج جيڪي اصولن ته آئين جي گھرج مطابق نوي ڏينهن جي اليڪشن جا حامي آهي پر هاڻي نوي ڏينهن جو رولڙو اينگجھڻ کان پوءِ وڏن بحرانن کان بچڻ لاءِ گڏيل اليڪشن جا حامي ٿيندي غالب امڪان محسوس ٿئي پيو ممڪن آهي ته ائين نه هجي پر چيف جسٽس جڏهن فل ڪورٽ جي بنيچ جوڙڻ کان ڪيٻائي ٿو يا انڪار ٿو ڪري ته ان جو مطلب صاف سمجھه ۾ اچڻ ڏکيو ناهي باقي فنڊن جو هجڻ ۽ نه هجڻ عام حڪمتِ عملي جا ڍنگ آهن ۽ سياسي چالون آهن پر بنيادي نقطو پاڻ کي هي نظر اچي ٿو ته اصل مسئلو رڳو اهو ناهي ته ادارن جي وچ ۾ اختيار يا انائن جو مسئلو اچي ويو آهي پر حقيقت اسان کي هي نظر پئي اچي ته بحران جو اصل مرڪز پنجاب جو سياسي ماحول آهي.
موجوده پنجاب کي پي ٽي آءِ جي سحر ۾ آيل پنجاب نٿو چئي سگھجي ن ليگ پنهنجي انقلابي يا مزاحمتي بيانن کان هٽندي پنهنجي جيڪا اشرافيائي فطرت مطابق ڪمپرومائيز ڪئي آهي ۽ معاشي سڌارن جي نالن تي هڪ وڏو معاشي بحران جو ملبو عوام تي ڪيريو آهي ٻئي طرف مسلسل خاندان پرستي جي سياست مريم ۽ حمزه شهباز کان پارٽي کان ٻاهر نه ڪڍڻ جي پاليسي به ن ليگ جي لاءِ بحران جو يا غير پاپولر ٿيڻ جو سبب بڻي آهي پنجاب جي اندر هاڻي سياست خاندانن ۽ برادرين جي گرفت ۾ ناهي رهي پر ايڪٽيوسٽ مڊل ڪلاس وڌيڪ متحرڪ ٿي چڪو آهي ۽ ان مڊل ڪلاس کي عمران خان رڳو سوشل ميڊيا سان ايڪٽو ناهي ڪيو پر هن پارٽي ورڪر به پگھار تي اڳتي وڌايا آهن جيڪي هول ٽائيمر سياسي ڪم ڪن ٿا تنهن ڪري سياسي تحرڪ ۽ سرگرمي پي ٽي آءِ جي وڌيڪ ۽ طاقتور طريقي سان نه رڳو وڌي رهي آهي پر پنهنجي مقبوليت جو اثر به پيدا ڪري رهي آهي جنهن کان ن ليگ جي روايتي ليڊرشپ تمام گھڻو خوفزده ٿي چڪي آهي ان ملڪ ۾ اشرافيا سياست جي مٿان الزام بهتان ۽ اسڪينڊل ڪا خاص معنيٰ ڪو نه ٿا رکن پر سياست جي پاپولرٽي ۽ مقبوليت سرگرمي ۽ پارٽي ڦهلاءُ تي دارومدار رکي ٿي هن وقت موجوده بحران ادارن کان وڌيڪ خود سياسي آهي جيڪڏهن ن ليگ کي يقين هجي ته هو هاڻي اليڪشن کٽي ٿا سگھن ته ٻه ٽي مهينا پهريان گڏيل اليڪشن ڪرائڻ ۾ هو دير ئي نه ڪن ها. هنن جي لنوائڻ مان هي صاف پيغام آهي ته سياسي بحران جو دٻاءُ هن وقت ن ليگ برداشت نٿي ڪري ان کي هو تحليل ڪرڻ جي لاءِ اتحادين جي سپورٽ سان ادارن جي ويڙھه ۾ يا ٽڪرائن ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button