پنجاب ۾ اسميبليون ٽوڙي پنهنجي ئي حڪومت ختم ڪرائڻ کان پوءِ عمران خان نيازيءَ جو سڄو زور ان ڳالهه تي آهي ته ڪيئن به ڪري اتي چونڊون ڪرايون وڃن. ان لاءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس نه رڳو پي ٽي آءِ جي درخواست ٻڌي پر پنهنجي مرضيءَ سان بينج ۾ شامل ٿي، هڪ تڪراري بينج پاران اهو فيصلو به جاري ڪري ڇڏيو ته پنجاب ۾ چونڊون 14 مئي تي ڪرايون وڃن. سپريم ڪورٽ جي هاڻوڪي چيف جسٽس عمر عطا بنديال نه رڳو پنهنجو پاڻ کي تڪرار جج ثابت ڪيو آهي پر هو پنهنجن ساٿي ججن جو اعتماد به وڃائي ويٺو آهي. سندس ڪيل فيصلن مان اهو تاثر ظاهر ٿئي ٿو ته هو پي ٽي آءِ جو همدرد جج آهي، جيئن ڪنهن زماني ۾ جسٽس (ر) ثاقب نثار هوندو هو. هن نه رڳو عمران خان نيازيءَ لاءِ سڀئي رستا صاف ڪيا پر کيس وزير اعظم ڪرائڻ لاءِ نا اهلي کان به بچائي ورتو ۽ اهڙي ريت عمران خان وزير اعظم ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هاڻ جڏهن پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان سپريم ڪورٽ پاران ٿي ويو آهي ته اتي ڪئين مسئلن ڪر کنيا آهن. اهم مسئلو چونڊن لاءِ پئسي جو آهي.
چونڊن لاءِ پئسو جاري ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بينڪ کي حڪم ڏنو آهي ته اها سڌي ريت پئسو اليڪشن ڪميشن کي جاري ڪري. جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ معذرت ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ هاڻوڪي ڪابينا خلاف توهين عدالت جو فيصلو جاري ڪري. پنجاب ۾ چونڊن جو معاملو ايترو سولو ان ڪري به ناهي جو نواز ليگ ڪنهن به ريت پنجاب پي ٽي آءِ حوالي ڪرڻ نٿي چاهي، نه رڳو نواز ليگ پر اسٽيبشلمينٽ به پنجاب پي ٽي آءِ حوالي ڪرڻ نه چاهيندي. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران جڏهن پنجاب پي ٽي آءِ حوالي هو ۽ ان جو وڏو وزير عثمان بوزدار هو ته انتطامي طور ڪئين معاملا هلي نه پئي سگهيا ۽ شڪايتون وڌي ويون هيون. پر تنهن هوندي به عمران خان نيازي عثمان بوزدار کي وسيم اڪرم پلس چوندو رهيو ۽ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي ٻڙي رهي. پنجاب جي پي ٽي آءِ مان جان تڏهن ڇٽي جڏهن وفاق ۾ به پي ٽي آءِ جي حڪومت ختم ٿي وئي هئي.
هاڻ جڏهن سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهيو آهي ته پنجاب ۾ هر حال ۾ چونڊون ڪرايون وڃن ته اها ايجنڊا اصل ۾ عمران خان نيازيءَ جي آهي، جنهن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سپريم ڪورٽ هر فيصلو عمران خان نيازيءَ جي حق ۾ ڪري رهي آهي. پر اهڙن فيصلن کان پوءِ جيڪي سوال عدليا تي اٿي رهيا آهن، اهي به اهم آهن. تازو ملڪ جي انٽيليجنس ادارن جي سربراهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس اعجاز الحسن سان ملاقات ڪئي آهي، اها هڪ ڊگهي ملاقات هئي، جنهن ۾ ملڪي سيڪيورٽيءَ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. ان ملاقات ۾ بظاهر ته سيڪيورٽيءَ سان لاڳاپيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي هوندي ۽ ظاهر آهي هن وقت ملڪ جي سيڪيورٽي ڪا ايتري بهتر به ڪونهي. ان مان ظاهر آهي ته 14 مئي تي ٿيندڙ چونڊون گهڻو ڪري ڪونه ٿينديون. ڇاڪاڻ ته ڪو هڪ به واقعو اهڙو ٿي ويو ته پوءِ نه رڳو اهي چونڊون ڪونه ٿي سگهنديون پر ڪي پي ڪي واريون چونڊون به سيڪيورٽيءَ جي خدشن سبب ملتوي ڪيون وينديون.
ان سڄي عرصي دوران جيڪڏهن ڪنهن سياستدان کي وڌ کان وڌ مراعتون مليون آهن ته اهو عمران خان نيازي آهي، جنهن لاءِ هن وقت عدالتون ڀرجهليون ٿي بيٺيون آهن. جڏهن عدالتون کيس سنگين ڪيسن ۾ ضمانتون ڏين ٿيون ۽ فيصلا هن جي مرضي موجب ڪن ٿيون ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سياسي ڇڪتاڻ گهٽجي سگهي، جڏهن ته سياسي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو ويندو آهي، پر عمران خان نيازي ڳالهيون به پنهنجن شرطن تي ڪرڻ ٿو چاهي. سياسي طور هو هڪ اهڙو ذهن آهي، جنهن وٽ ڪا لچڪ يا نرمي ناهي، جڏهن ته سياست ۾ لچڪ ڏيکارڻ سان ئي معاملن کي حل ڪري سگهجي ٿو.
حڪومت عمران خان نيازيءَ جي اڳواٽ طئي ڪيل شرطن کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي. جنهنڪري ڳالهين وارو معاملو ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي ويو آهي. ان کان سواءِ پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن کي اهو پڻ لڳي ٿو ته حڪومت ڳالهيون نٿي ڪرڻ چاهي پر رڳو ٽائيم گهري رهي آهي ته جيئن ڳالهين جو آسرو ڏئي وقت ڪڍيو وڃي. سياسي ڇڪتاڻ ۽ غير يقيني واري صورتحال ملڪ ۾ ڪيترن ئي معاملن کي خراب ڪري رهي آهي. ان کان سواءِ هاڻُوڪي جوڊيشل ايڪٽوزم جي ڪري به حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ حڪومت ڪٿي ڪٿي بيوس نظر اچي رهي آهي.
سياسي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اپوزيشن ۽ حڪمران جماعت هڪ ميز تي گڏجي ويهن. ڇاڪاڻ ته اڄ جنهن عدليا کي عمران خان نيازي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، سڀاڻي اها ئي عدالت هن جي خلاف استعمال ٿي سگهي ٿي. ان سموري صورتحال ۾ ان ڳالهه کي وساريو ويو آهي ته پارليامينٽ اصل طاقت آهي. جيڪڏهن پارليامينٽ ڪمزور آهي ته سياستدان ڪمزور آهن ۽ سياستدان ڪمزور آهن ته جمهوريت به ڪمزور آهي. سياست ۽ جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ عمران خان نيازي گذريل ڪيتري عرصي کان ڪم سان لڳل آهي. هن کي ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ناهي ته ملڪ ۾ جمهوري ادارا ڪيترا ڪمزور ٿا ٿين، کيس ان ڳالهه سان سروڪار آهي ته هو ادارن تي ڪيترو اثرانداز ٿو ٿئي ۽ ڪهڙي ريت هو پنهنجا فيصلا مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿو وڃي. تنهنڪري سياست ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ اهو ضروري آهي ته پارليامينٽ جي ڪيل قانون سازيءَ کي مڃرايو وڃي.
هن صورتحال ۾ جڏهن حالتون چونڊن لاءِ سازگار نظر ڪونه پيون اچن ۽ سڄو زور ان ڳالهه تي آهي ته ڪيئن به ڪري پنجاب ۾ چونڊون ڪرايون وڃن ته پارليامينٽ جو ڪردار بنهه محدود نظر اچي ٿو. هن وقت پارليامينٽ جي فيصلن جي ڪا اهميت ڪونه رهي آهي. جڏهن پارليامينٽ جي فيصلن جي ڪا اهميت ناهي رهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته چونڊيل نمائندا بيوس آهن ۽ اهي ڪابه اهڙي قانون سازي نٿا ڪري سگهن، جيڪا عوامي ڀلائي لاءِ هجي. جيڪڏهن پارليامينٽ به قانون سازي نٿي ڪري سگهي ته بهتر آهي ان کي تالو لڳايو وڃي. قانون سازيءَ وارو ڪم جيڪڏهن عدليا پنهنجي بلي کنيو آهي ته پوءِ پارليامينٽ کي اهو اختيار ڏنو وڃي ته اها ڪيسن جو فيصلو ڪري. مئي ۾ چونڊون ٿيڻ جا امڪان ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته هڪ ماڻهو جي ضد ۽ انا جي ڪري سڄي ملڪ کي داءُ تي نٿو لڳائي سگهجي.