پاڪستانسنڌ

گهوٽڪي ڀرسان ڌاڙيلن جي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد، هڪ زخمي

گهوٽڪي: گهوٽڪي ڀرسان ڌاڙيلن جو حملو، 2 پوليس اهلڪار شهيد، هڪ زخمي. تفصيل موجب گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي گيمڙو ٿاڻي جي حد پنجون ميل پوليس چوڪي تي رات جي پھر ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ ڌاڙيلن ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار علي گوهر دايو ۽ اشوڪ ڪمار اوڏ شهيد ٿي ويا. جڏهن ته عزيز ميراڻي زخمي ٿي پيو، جنهن بعد پوليس شهيد ٿيل ٻنهي اهلڪارن توڙي زخمي ٿيل سپاهي کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو. جڏهن ته زخمي سپاهي عزيز ميراڻي کي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لا سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف ضروري ڪارروائي کانپو شهيد اهلڪارن جا مڙهه پوليس حوالي ڪيا ويا. هوڏانهن واقعي بعد گهوٽڪي پوليس حملو ڪندڙ ڌاڙيلن جا پيرا کنيا، جيڪي سنڌو دريا جي ٻي پار ڪشمور ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ لڳا. ان سلسلي ۾ زخمي پوليس اهلڪار عزيز ميراڻي جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او نواب چاچڙ هڪ وڳي اسان کي هوشيار رهڻ جو چيو هو، جنهن بعد رات جو اوچتو حملو ڪيو ويو، ڌاڙيل هڪ درجن کان وڌيڪ هئا، رات جو پھر هجڻ ڪري ڌاڙيلن جي ٽولي کي سڃاڻي نه سگهيس. پوليس خدشو ظاهر ڪيو آهي ته چوڪي تي حملو جاگيراڻي ڌاڙيلن جي ٽولي ڪيو آهي، گهوٽڪي پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ جاگيراڻي ڌاڙيلن جي ٽولي جي ٻن ساٿين کي ماريو هو. ٻئي طرف شهيد اهلڪارن جي مڙهن کي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس نيو ويو، جتي شهيد اهلڪار علي گوهر دايو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن بعد شهيد اهلڪارن کي پوليس جي دستي پاران سلامي پڻ ڏني وئي. جڏهن ته جنازي نماز ۾ صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ڊي آ جي سکر جاويد سونهارو جسڪاڻي، ڊي آ جي ايس آر پي طارق ڌاريجو، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو، رينجرز، موٽرويز جي اهلڪارن کان علاوه سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس تنوير تنيو ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لا پوليس جا جوان جانين جو نذرانو ڏئي رهيا آهن، پوليس جي جوانن جا حوصلا بلند آهن ته ڌاڙيلن کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائيندا سين. هن وڌيڪ چيو ته جهڙيون به حالتون هجن، پوري حڪمت عملي سان ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري رهندو، اسان ڌاڙيلن کان نه ٿا ڊڄون، ڌاڙيلن کي ختم ڪرن لا ڪوششون جاري رهنديون. جڏهن ته شهيد اهلڪار علي گوهر دايو جي مڙهه کي اباڻي ڳوٺ پنوعاقل ۽ اشوڪ ڪمار اوڏ جي مڙهه کي نئون ديرو لاڙڪاڻي ڏانهن نيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button