رانديون

ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر پراوين هنگنيڪر روڊ حادثي ۾ مرڻينگ، زال دم ڏئي ڇڏيو

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ پراوين هنگنيڪر جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اڳوڻو ڪرڪيٽر زخمي ۽ سندس گهرواري ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر پنهنجي زال سان گڏ پنهنجي پٽ سان ملاقات لاءِ پوني وڃي رهيو هو ته رستي ۾ مهاراشترا رياست جي ضلعي بلڊانه جي سمرڌي ايڪسپريس وي وٽ سندس گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن ۾ ڪرڪيٽر شديد زخمي ٿي پيو جڏهن ته سندس زال ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي. رپورٽن موجب، حادثي جو اطلاع ملندي ئي اڳوڻي ڪرڪيٽر کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button