پاڪستانرانديون

بابراعظم جي ڪپتاني وري نشاني تي، شعيب ملڪ قيادت ڇڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

بابر اعظم جي ڪپتاني هڪ دفعو ٻيهر بحث جو موضوع بڻجي وئي، سينيئر آل رائونڊر شعيب ملڪ پنهنجي دوست بابر کي ٽيم جي قيادت ڇڏڻ ۽ بئٽنگ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شعيب ملڪ چيو ته منهنجي صلاح اها آهي ته بابر اعظم کي قومي ٽيم جي قيادت ڇڏي ڏيڻ گهرجي، ڪپتان طور بابر بهتري جي واري مرحلي مان گذري رهيو آهي پر اسان جي ڪلچر ۾ تڪڙن نتيجن جي اميد رکي ويندي آهي، بابر اعظم جي رهنمائي ڪندڙن کي مشورو ڏيندس ته هو بابر کي ڪپتاني واري بار کان آجو ڪن. اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته بابر جي ڪپتاني ۽ بيٽنگ اهليت ٻه ڌار ڳالهيون آهن، هن کي ڪپتاني ڇڏي پنهنجي بيٽنگ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button