
پاڪستاني اداڪارا عائشا عمر ۽ ياسر حسين جي فلم ڪڪڙي کي نمائش جي اجازت ملي وئي آهي. ميڊيا مطابق فلم ڪڪڙي پهرين جاويد اقبال: دي سيريل ڪلر جي نالي سان نمائش جي اجازت لاءِ سينسر بورڊ وٽ پيش ڪئي وئي هئي، جنهن تي پابندي لڳائي وئي هئي، پر هاڻ ٻيهر فلم جو نالو تبديل ڪري ان کي پيش ڪيو ويو، جنهن کي سينسر بورڊ نمائش جي تجويز ڪيل ترميمن بعد نمائش جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جي تصديق فلم جي هدايتڪار ابو عليحھ پڻ ڪئي آهي.