شوبز

مون کي فلمن ۾ بولڊ ڪردار ڪرڻا پيا تھ ڪنديس: ڪبرا خان

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا ڪبرا خان چٽن لفظن ۾ چيو آهي تھ مون کي فلمن ۾ بولڊ ڪردار ڪرڻا پيا تھ ڪنديس. هڪ انٽرويو دوران ڪبرا خان جو چوڻ هو تھ منهنجي خيال ۾ اداڪاري رڳو ٻارڙي بڻجي رهڻ ناهي، بولڊ ۽ ويڙهاڪ ڇوڪري جا ڪردار بھ ڪيا ويندا آهن. هن چيو تھ عمر، جنس ۽ خوبصورتي ڏسي اداڪار لاءِاداڪاري جو تعين ڪرڻ درست ناهي، تنهنڪري ان جي صلاحيتن کي اڳتي وڌڻ ڏنو وڃي. هن نچيو تھ مان هر اهو ڪم ڪنديس، جنهن ۾ مون کي مزو اچي ۽ کليل نموني اداڪاري ڪيان. هن چيو تھ ڪردار جي ضرورت مطابق ڇوڪرو بڻجڻو پيو تھ اهو بھ ٿي سگهان ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button