مون کي ترڪي (استنبول) ۾ ٽيون رمضان ۽ ٽيون سال آهي. هر سال هڪ نئين ڳالهه ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملندي آهي. جڏهن آئون هتي آئي هيس ته ليرا (ترڪيءَ جي ڪرنسي) پاڪستان جي 27 رپين برابر هئي پر هاڻ اِها گهٽ وڌ ٿيندي 14 ڏهائي 87 تي پهتي آهي.
ڪنهن به ملڪ جي ڪرنسي گهٽ ٿئي يا نه ٿئي جيئن ئي ڊالر جو اگهه وڌندو آهي ته هر جڳهه تي يقيني طور مهانگائي ٿي ويندي آهي. ترڪيءَ ۾ مهانگائيءَ ۾ هر شيءِ تي ٽيڻ يا چئوڻ واڌ ڏٺي وئي آهي يا جيڪڏهن ڊالر ڪرندي نظر ايندو آهي ته قيمتون وري ساڳيون ٿي وينديون آهن پر پاڪستان جي 75 سالن ۾ ايتري مهانگائي ڪڏهن به نه ٿي آهي، جيتري هاڻ آهي ۽ جيئن ئي رمضان ظاهر ٿيندو آهي تيئن ئي هر شيءِ جا اگهه آسمان تي هليا ويندا آهن.
جڏهن ته ٻاهرين ملڪن ۾ ان جي ابتڙ آهي، جتي ڪا شيءِ 20 روپين جي ملي ٿي ته اتي اها 15 روپين جي ٿي ويندي آهي. ترڪيءَ جي شهر استنبول ۾ رمضان جي بهارن ۾ هڪ بهار اِها به آهي ته هتان جي موسم ٿڌي ۽ وڻندڙ آهي پر هي رمضان پاڻ سان گڏ ڪجهه گهڻيون ئي رحمتون کڻي آيو آهي. هن رمضان ۾ تقريبن روز برسات ٿي آهي ۽ موسم نه ايتري ٿڌي ۽ نه ايتري گرم آهي.
ٻين اسلامي ملڪن جيان ترڪيءَ ۾ به ڪافي جڳهين تي افطاريءَ جو انتظام هوندو آهي، خاص طور تي استنبول جي علائقي ايوب سلطان ۾ حضرت ايوب انصاري (رضه) صحابي رسول (صه) جن جي روضي تي هڪ خاص انتظام آهي، جتي هر روز 600- 500 ماڻهو افطار ڪندا آهن. اِن افطاري ۾ پهرين اسٽارٽر ڏنو ويندو آهي، جنهن ۾ هڪ پاڻيءَ جي بوتل، 2 کجيون، هڪ بريڊ ۽ پنير شامل هوندو آهي. اِن کان پوءِ شوربو، چانور، بريڊ، زيتون، پنير، لسي وغيره ڏني ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن مٺي ۾ (Baklawa) يا وري ڪو ڪيڪ به شامل هوندو آهي.
ٺيڪ اهڙي ريت گهڻن هنڌن تي ماڻهو رب جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ورهائيندا وتندا آهن. اتي به پاڻي، بريڊ ۽ شوربو هوندو آهي. ترڪيءَ ۾ هوٽل، ڪهوه ۽ دڪان کليل هوندا آهن. هتي کائڻ پيئڻ تي ڪا روڪ ٽوڪ ناهي هوندي. ريسٽورانٽ (Kahva) سڀ اوهان کي عام روٽين وانگر پيا نظر ايندا پر بيڪرين تي جام رش هوندي آهي. بيڪري کي ترڪش ٻوليءَ ۾ (Firin) چوندا آهن. بيڪري تي افطاري ۽ سحري ٻنهي وقتن تي رش هوندي آهي.
انهن بيڪرين تي هڪ اسپيشل بريڊ تازي ملندي آهي، ان کي رمضان پيدي چئبو آهي. اهڙي ريت هڪ ٻي بريڊ به هوندي آهي اها ٿوري مٺي هوندي آهي. اِن جي قيمت 7 ليرا ۽ رمضان پيڊي جي قيمت 10 ليرا آهي. اهڙي ريت ٻين قسمن جون به بريڊ موجود هونديون آهن.
تراويح جي وقت مسجدون ڀريل نظر اينديون آهن مائين جي جاءِ الڳ هوندي آهي. هڪ جاءِ تي مايون گڏجي نماز ۽ قرآن به پڙهنديون آهن پر هتي جيئن نماز ختم ٿيندي آهي ته مسجد بند ٿي ويندي آهي. وري صبح جو پنهنجي ٽائيم تي کلندي آهي. ترڪي 85000 مسجدن وارو ملڪ سڏجي ٿو. هتي هوٽلن ۾ رمضان مينيو به تيار ٿيندو آهي، جنهن ۾ (Steak) گوشت جو ٽڪرو جيڪو پچيل هوندو آهي. تِڪا، (Drum) جيڪو رول هوندو آهي ۽ مٺي ۾ (Selcuk) ڪسٽرڊ وانگر هوندو آهي ۽ شوربو (جيڪو دال وانگي هوندو آهي)، تنهن کانسواءِ ڪجهه پڪل ٻوٽيون به هونديون آهن جنهن کي (Tavuksesh) به چيو ويندو آهي.
اِن کانسواءِ پاڪستان جيان هتي به رات جو هڪ ڇوڪرو ايندو آهي جيڪو دهل وڄائيندو آهي. ترڪيءَ جي ڪجهه علائقن ۾ اهي روايتي ڪپڙا پائي دهل وڄائيندا آهن ۽ ڪجهه علائقن ۾ وري صرف پاستا واري ڳاڙهي ٽوپي ڊگهي جهڙي پاتل هوندي اٿن ۽ دهل وڄائيندي گذرندا آهن. سحري ۾ سجاڳ ڪرائيندڙن سان ٻار به شامل ٿيندا هئا ۽ رمضان جي سحري هڪ وڻندڙ فيسٽيول نظر ايندي هئي. عربي ۾ سحري ۾ اٿارڻ وارن کي مسخراتي چيو ويندو آهي، مسخراتي اهو فرض في سبيل الله سرانجام ڏيندا آهن پر ڪجهه مسلمان اِنهن جي اِن خدمت کي ساراهيندي ڪجهه نه ڪجهه هديو ادا ڪندا آهن. آخري روزي تي انهن کي عيد جي خرچي ڏيندا آهن. اِن کانسواءِ مسجدن جا امام مسجدن جي آڳر ۽ مينارن تي لائيٽون کليل رکندا آهن، اِهي مسخراتي شام، پاڪستان، ترڪي ۽ الجزائر هر هنڌ نظر ايندا آهن.