رانديون

آئرلينڊ ٻي ٽيسٽ ۾ پهرين ڏينهن 4 وڪيٽن تي 319 رنسون ٺاهي ورتيون

آئرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ۾ سريلنڪا خلاف پهرين ڏينهن 4 وڪيٽن تي 319 رنسون ٺاهي پنهنجي پوزيشن کي في الحال مضبوط بڻائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق گالي جي ميدان تي شروع ٿيل ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن سريلنڪن بالرن کي آئرش بيٽرن بيوس بڻائي ڇڏيو آهي، جن مان اوپنر جيمس مڪولم 10 ۽ پي جي مور 5 رنسن تي تڪڙا آئوٽ ٿي ويا، جنهن بعد اينڊريو بالبرني 14 چوڪن جي مدد سان 95 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي اسڪور اڳيان وڌايو، جنهن بعد هيري ٽيڪٽر 18 رنسون ٺاهي سگهيو، بعد ۾ پال اسٽرلنگ 74 رنسن تي رٽائرڊ ٿي ويو. هوڏانهن راند ختم ٿيڻ تائين لورڪن ٽڪر 78 رنسن ۽ ڪرٽس ڪيمپفر 27 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا، جن کي آئوٽ ڪرڻ لاءِ سريلنڪا جا بالر جتن ڪندا رهيا، پر کين ڪاميابي نھ ملي ۽ راند جو وقت ختم ٿي ويو. سريلنڪا جي بالرن مان پرابٿ جئي سوريا 2 شڪار ڪري نمايان رهيو، رميش مينڊس ۽ اسيٿا فرنانڊو هڪ، هڪ وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button