ملڪ جي اعليٰ عدالت، سپريم ڪورٽ، پنهنجو ڪم ڪرڻ بدران سياسي پارٽين جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي، پر اتحادي حڪومت عمران خان کي ڪنهن به سهولت ڏيڻ واري قدم کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ هي حڪم ڏنو ته سياسي پارٽيون ڳالهيون ڪري هڪ ڏينهن اندر ايندڙ چونڊن جي شيڊيول تي اتفاق ڪن، پر عدالت، جيڪا ٽن هم خيالن تي ٻڌل سمجهي وڃي ٿي، ان مان هڪ هم خيال جج، پاڻ کي بينچ کان الڳ ڪري ڇڏيو! هي بينچ جيڪا ستن ججن تي ٻڌل هئي، ان مان ڪجهه ججن کي عدالت جي چيف جسٽس، سندس مرضي جي ابتڙ ڪڍي ڇڏيو، ته باقي ججن اختلاف ڪندي فيصلو ڏنو ته پاڻمرادو نوٽيس ٻڌڻ جوڳو ئي ناهي. هاڻ ستن ججن واري بينچ ٻن ججن تائين محدود ٿي وئي آهي. ان کان اڳ چئن ججن جيڪو فيصلو يا اختلافي نوٽ لکيا، اهي به اڪثريت ۾ هئا ۽ ٽن ججن جي اقليتي بينچ کي نه ئي حڪومت نڪي وري ڪا ٻي سياسي ۽ غير سياسي قوت قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي. انڪري سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه صرف تڪراري ٿي ويو آهي، پر ملڪ جون اڪثريتي پارٽيون، جيڪي وفاقي حڪومت ۾ شامل آهن، انهن عدالت جي ڪنهن به فيصلي خلاف پارليامينٽ ۾ قانون سازي ڪرڻ شروع ڪئي آهي. هي هڪ طرف عدليا ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڊيڊ لاڪ آهي ته ٻئي پاسي وري عدالت تي الزام آهي ته اها عمران خان کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪري ٿي، جيڪي ڪنهن به ڌر کي قبول ناهن!
سپريم ڪورٽ جي فيصلي ملڪ جي سمورين سياسي ڌرين کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. عدالت جا فيصلا پنجاب اسيمبلي جو ڪنٽرول چوڌري پرويز الاهي جي حوالي ڪرڻ سان تڪراري ٿيڻ شروع ٿيا، جيڪي هينئر تائين بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري آهن. هنن فيصلن ڪرڻ کان اڳ هي به نٿو سوچيو وڃي ته انهن تي عمل ڪير ڪندو؟ جيڪڏهن عدليا قانون سازي شروع ڪري ڇڏي يا بقول وزير اعظم جي سپريم ڪورٽ کي آئين کي ٻيهر لکڻ جي اجازت ڏئي نٿي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهو ان جو مينڊيٽ ناهي. جيڪو ڪم پارليامينٽ جو آهي، اها ڪندي، عدليا جو هڪڙو ئي فرض آهي ته اها جڙندڙ قانون جي تشريح ڪري، ائين نه ٿيڻ گهرجي ته قانون ساز اسيمبلي هڪڙو فيصلو ڪري ۽ عدليا وري ان جي Spirit جي خلاف تشريح ڪري، ان سان بحراني صورتحال جو پيدا ٿيڻ اڻٽر آهي.
ملڪ جي اعليٰ عدالت جي فيصلي اچڻ کانپوءِ سڀ کان پهريان پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ڪندي واضح ڪيو ته اتحادي حڪومت ۾ شامل سياسي پارٽين کي بندوق جي زور تي ڳالهين لاءِ مجبور ڪري نٿو سگهجي. هن واضح ڪيو ته هي ڪم سياسي پارٽين جو آهي ته اهي ڳالهيون ڪن، نڪي سپريم ڪورٽ جو. ان کانپوءِ مولانا فضل الرحمان جو موقف سامهون آيو، جنهن پڻ عمران خان کي سهولت ڪاري وارين ڳالهين جو حصو ٿيڻ کان مڪمل انڪار ڪيو. مولانا سوال ڪيو ته عمران خان، جن سياسي پارٽين ۽ انهن جي سربراهن کي چور ۽ ڌاڙيل سڏيندو هو، اهو ڳالهين لاءِ ڪيئن راضي ٿيو. جيڪڏهن پنجاب ۾ پهريان چونڊون ٿيون ته نه صرف اهي تڪراري هونديون، پر ان جا اثر سموري ملڪ تي پوندا. انڪري ضروري آهي ته قومي اسيمبلي توڙي صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرايون وڃن. هاڻ وزير اعظم شهباز شريف به،سپريم ڪورٽ جي حڪم تي لبيڪ چوڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
دنيا جي سياسي بحرانن کي ڏٺو وڃي ته ڪنهن به ملڪ جي ورلي اهڙي عدالت هوندي، جيڪا سياسي maneuvering ۾ شامل هجي. هي ڪم انهن ڌرين جو آهي، جيڪي پارليامينٽ جو حصو آهن، يا وري عوام کان ووٽ وٺڻ جي عمل ۾ شامل رهنديون آهن. پر اهي ملڪ، جتي ادارن جو ڪردار پهريان ئي طئي هجڻ باوجود اهي Activism ۾ ملوث هوندا آهن ته اهڙي ملڪن ۾ ڪنهن قسم جو سياسي استحڪام اچي نٿو سگهي. سياست ڪرڻ، سياستدانن جو ڪم آهي، پر ٿي ابتو رهيو آهي. ڪڏهن اسٽيبلشمنٽ سياسي maneuvering ڪري ٿي، ته ڪڏهن وري عدالتون سيني تي هٿ کڻي ميدان ۾ نڪري پون ٿيون. ان سان ڪو نه ڪو ادارو ته متاثر ٿيندو ۽ سياسي عدم استحڪام جو پيدا ٿيڻ به اڻٽر آهي، انڪري اسان وٽ مني صدي گذرڻ باوجود ادارا پنهنجن پيرن تي بيهي نه سگهيا آهن ۽ جيڪو ادارو طاقتور هوندو آهي، اهو ٻين کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، شايد هاڻ هي ممڪن نه رهيو آهي، عدليا کي زميني حقيقتن کي سمجهڻو پوندو.