سال 2017ع واري قلندر لال شهباز جي ميلي ۾ ھڪ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ مختلف محققن قلندر جي حوالي سان پنھنجا مقالا پيش ڪيا. ان وقت ثقافت کاتي جي وزير سردار شاهه ويچار ونڊيندي چيو ته سومرن جو دور سنڌ ۾ ھڪ ثقافتي اٿل پٿل جو دور ھو. وڏا ماڻھو قلندر سائين جي ھمعصر نه فقط سنڌ ۾ موجود ھئا پر اھي ننڍي کنڊ جي ثقافتي اٿل پٿل جي دور جا ماڻھو ھئا. جڏھن اھو ھڪڙي پاسي غلام گھراڻي جو دور ھو تڏھن قلندر لال شهباز آذربائيجان جي شھر مروند مان ملتان اچي ٿو. بھاءُالدين ذڪريا حضرت شھاب الدين سهروردي جنھن معروف العروف لکيو، جيڪو سهرورديا سلسلي جو باني هو، اھو ھتان بغداد مان ملتان اچي ٿو. بابا فريد شنڪر گنج جيڪو چشتيان سلسلي جو بزرگ ۽ حضرت جلال الدين بخاري به ملتان اچي ٿو.
ان کان ڪجھه اڳ حضرت محي الدين چشتي اجمير ۾ پنھنجي رھائش اختيار ڪري ٿو، ھو چشتيان سلسلي جو بزرگ آھي. سلطنت دھليءَ تي مسلمان ويٺا ھئا، جڏھن موحي الدين اجمير وارو اجمير ۾ ويهي ٿو ته ان وقت برھمڻنزم ۽ راجپوتيا سسٽم جيڪو عروج تي ھو. جنھن ۾ متڀيد واري سلوڪ سبب گھٽ ذات وارن جي ڳچين ۾ تغاريون ٻڌل ھونديون ھيون ۽ انھن کي تغارين ۾ ٿڪ اڇلڻ تي پابند ڪيو ويو. جيڪڏهن زمين تي ٿڪ ڪرندي ته زمين ناپاڪ ٿي ويندي ۽ برھمڻ ھتان ڪيئن گذرندا. تڏهن دلتن جي چيلھن تي ٻوھارا ٻڌل هوندا هئا.
جيڪو حضرت عثمان ھاروني جو خليفو آھي ۽ جنھن جو هي غزل آھي:
“نه وي دامن آخر چون نه مين ديدار مي رقصم”
ھاڻي منعم عثمان ھاروني آهي يا منعم عثمان مروندي آهي. اھا تحقيق طلب ڳالھه آھي، اھو غزل چشتين ڳايو آھي پر انھن عثمان ھاروني جو ڪري ڳايو آھي، مروندي جو ڪري نه. سائين عنايت شاهه پنھنجي مڪمل تحقيق موجب تصديق سان ٻڌائي ٿو ته عثمان مروندي ھو ۽ ھو شيخ منصور وٽ پڙھيو ھو. شيخ منصور ھن جو استاد ھو پر پاڻ ۾ دوست نه ھئا. قلندريا ۽ شيتريا سلسلو منصوري ريت کي ويجھو ھو يا اسلامي تصوف کي ويجھو آهي.
اڃا تائين اسان ھڪ لفظ سيوھڻ جي پوري معنيٰ کي سمجھي ناھيون سگھيا ته سيوھڻ لفظ آھي يا شو واڻ پر ان دور ۾ اھو لفظ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ “س” جو آواز “ش” سان اچاريو ويندو ھو، جيئن شو واڻ دراوڙي قبيلي جا شو پنٿي ھئا، تڏھن وشنو ۽ برھمڻ جو تصور ڪونه ھو. شو جو وڏي ۾ وڏو مندر شو واڻ ھو جيڪو سيوھڻ ٿيو صدرالدين لڪ وارو لڪ تي ويٺو ھو ان دور ۾ سنڌ جا قافلا ھتان سيوھڻ کان گذري ھنگلاج ويندا ھئا. پاروتيءَ جي پوڄا لاءِ ھو سئو سالا حيات رھيو پر روايتن ۾ چيو ويو آھي ته محي الدين اجمير وارو به ھن سان مليو ھو. خبر ناھي ته تصوف ڪھڙي علم يا برانچ ڊڪليئر ڪجي، اسان وٽ ڀٽ شاهه ۾ يونيورسٽي ٺاھي ڇڏي آھي پر اتي ڪلاس بي بي اي جا ھلن پيا. صوفي ڪيفيت وارا ماڻھو يونيورسٽيون پيدا نه ڪنديون آهن.
ڪجھه روايتن موجب دھليءَ ۾ ھڪڙي پاسي دھلي جي بادشاهه جي درٻار ھئي ۽ ٻئي پاسي نظام الدين اولياءَ جي درٻار ھئي، اھي درٻارون جھوپڙي جھڙيون ھيون، انھن جھوپڙين جي ٻاھر پردو لڙڪندو پيو هو ۽ اندر بادشاهه ويٺو هوندو ھو ۽ ذڪريا اندر وڃي ٿو ۽ اھو دعوا ٿو ڪري آئون چشتيان قبيلي جو باني ۽ ننڍي کنڊ جو بزرگ آھيان. مون سوچيو ھو ٻاھر نڪري ٿو اچين پر ھو دھلي سلطنت جو بادشاهه ٻاھر نڪري نه آيو ۽ آخرڪار ھن چيو ته نظام الدين ذڪريا ھي ڇا آھي؟ ايڏي سرد موسم ۾ ھلي آيو آھين ۽ جواب ڏيندي چوي ٿو ھليو وڃ واپس، جيڪو وقت جي حاڪمن ۾ آھي، اھو اسان مان ناھي. جيڪو اسان مان آھي اھو وقت جي حاڪمن ۾ ناھي. ھو ٻي درٻار آھي ۽ ھي ٻي درٻار آھي. انھيءَ دور جا اھي چار دوست جيڪي مختلف جڳھن ڏانھن رخ ڪن ٿا، قلندر لال شھباز سيوھڻ ۾ اچي رھي ٿو، بابا فريد شنڪر گنج پاڪ پتن ۾ وڃي رھي ٿو. بھاءُالدين ذڪريا ملتان وڃي آباد ڪري ٿو ۽ چوٿون دوست اچ شريف وڃي آباد ڪري ٿو.
ھي خوش نصيب سنڌ آھي، جيڪا هن دور ۾ قلندر ۽ ولي يا باغي پيدا ڪري سگهي ٿي. جيئن ڪجھه سال اڳ قلندر لال شھباز جي درٻار ۾ ڌماڪو ٿيو، اتي ھٿيارن سان نه پر اتي دم دم ڌمال سان پيغام ڏئي امن جو پيغام ڏنو. جديد سنڌ ۾ ڏٺو وڃي ته انتهاپسندي مضبوط ناھي ٿي پر سيڪيولرزم ۽ سيڪيولر ادارا مضبوط ناھن رھيا.