ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

چئن مهينن ۾ ڇا ٿيندو؟

Editorial-Article- Asar Imam

پاڪستان جي آئين کي وجود ۾ آئي اڌ صدي گذري چڪي آهي. آئين تي عملدرآمد جو سوال البت اڄ به ائين ئي ڪرُ کنيون بيٺو آهي جيئن اهو پهرئين ڏهاڙي هو. آئين، جهڙو به آهي، ان تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري اڄ ايترا ڏوجهرا سامهون آهن. خاص ڪري موجوده سياسي مونجهارو ۽ ادارن جي هڪ ٻئي خلاف ويڙهه ان غفلت يا گناهه جو نتيجو آهي جنهن کي اسان آئين تي عملدرآمد نه هئڻ چئون ٿا. آئين جو آرٽيڪل 184 چوي ٿو ملڪ ۾ رهندڙ ننڌڻڪن ۽ بيواهي طبقن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا پر عملي طور تي ثابت ٿيو آهي ته اهو آرٽيڪل غريب ۽ بي پهچ ماڻهن بدران حڪمران اشرافيا وچ ۾ پيدا ٿيندڙ اختلافن کي نبيرڻ لاءِ شامل ڪيو ويو هو.
هن وقت ملڪ اندر جيڪو سياسي گھوٽالو موجود آهي جنهن ڪري ڪو به ادارو پنهنجو ڪم نه پيو ڪري سگهي خاص ڪري سگهارين ڌرين وچ ۾ موجود تڪرار نبرڻ جو نالو نه ٿو وٺي ان جي پٺيان به وڏو سبب اهو ئي آهي ته جهڙو به آئين هو، ان ۾ پنهنجي مرضيءَ مطابق جهڙيون ۽ جيتريون به ترميمون ڪيون ويون ان هوندي به ان تي عملدرآمد نه ٿو ڪيو وڃي. جڏهن به اهڙي نوبت اچي ٿي ته هر ڪوئي سمجهي ٿو اهو سندس نه پر ڪنهن ٻئي جو فرض آهي ته آئين تي عمل ڪري.
پنجاب ۾ 14 مئي تي صوبائي اسيمبليءَ لاءِ چونڊون ڪرائڻ واري عدالتي حڪم تي عمل ٿيندو نه ڏسي عدالت سڳوريءَ سياسي پارٽين جي نمائندن کي پاڻ وٽ حاضر ڪرائي حڪم ڏنو ته سياسي پارٽيون ڪنهن هڪڙي تاريخ تي چونڊون ڪرائڻ جي سوال تي متفق ٿين. اها ساڳي ڳالهه عوامي ٻوليءَ ۾ بيان ڪجي ته مولانا فضل الرحمان جي بقول عدالت سڳوريءَ حڪم ڏنو ته عمران خان کي اهميت ڏيو ٿا يا دڪان کي ئي باهه ڏيارڻ لاءِ تيار آهيو؟ حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين اتي ته چيو اهي عيد کان پوءِ ڳالهيون ٻولهيون شروع ڪنديون ۽ اميد ڏيکاري ته جلد ئي ڪنهن نتيجي تي، ڪنهن ٺاههَ تي پهچي وينديون پر عملي طور اهو نظر اچي رهيو آهي ته پي ڊي ايم پاران عمران خان لاءِ ڪا به گنجائش ڪانهي.
نواز ليگ ۽ ان جي اتحادين وري 14 مئي تي پنجاب ۾ ٿيندڙ صوبائي چونڊن بابت ڪا حڪمت عملي جوڙڻ بدران پنهنجي سموري توانائي ۽ توجهه ان تي لڳائي ڇڏيو ته ڪجهه به ڪري پنجاب جون صوبائي چونڊون ان تاريخ تي نه ٿيڻ ڏجن. اهو ئي سبب آهي جو سپريم ڪورٽ جي ٽي ڀيرا حڪم ڏيڻ باوجود حڪومت انهن چونڊن لاءِ فنڊ جاري نه ڪيا. اليڪشن ڪميشن پاران صوبي ۾ چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان ڪا به تياري نظر نه ٿي اچي.
هن وقت تائين جي صورتحال اهو ظاهر ڪري رهي آهي ته حڪومت پاران عمران خان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت وٺڻ واري حڪمت عملي ڪم نه ٿي ڏيکاري. خان جي خلاف کوڙ سارا ڪيس داخل ڪرايا ويا پر ان سان بجاءِ ڪمزور ٿيڻ جي هُو وڌيڪ سگهارو ٿي رهيو آهي. سندس عزت ۾ نه سهي، شُهرت ۾ ته ضرور اضافو ئي ٿي رهيو آهي. آئيني مدي کي ڏسبو ته قومي اسيمبليءَ جو وقت هن سال آگسٽ مهيني ۾ پورو ٿي رهيو آهي. يعني حڪومت وٽ چئن مهينن کان وڌيڪ وقت نه بچيو آهي. ان ڪري سوال اهو آهي ته انهن باقي بچيل چئن مهينن اندر حڪومت نيٺ ڇا ڪري وجهندي جنهن سان تحريڪِ انصاف سموري سياسي راند منجهان ٻاهر نڪري ويندي. ٻاهر ته ايم ڪيو ايم به نه نڪتي آهي. جنهن جي خلاف ايڏو وڏو رياستي آپريشن ڪيو ويو هو. ان ڪري جنهن کي به راند کان ٻاهر ڪڍڻو آهي ان کي موقعو ڏجي ته اهو پاڻ ئي خودڪشي ڪري، پنهنجو پاڻ کي عوام اڳيان ڏٺو ڪري. پيپلز پارٽيءَ لاءِ حالتون نسبتن سازگار آهن. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي گھڻا سال گذري چڪا آهن، اسان جي ماڻهن جو يادگيرو ڏاڍو ڪمزور آهي. اهي اها ڳالهه وساري چڪا آهن ته پيپلز پارٽي اڳ ڇا ڪيو هو يا هاڻ به سنڌ اندر ڇا پئي ڪري؟ ان ڪري اهي امڪان ضرور آهن ته نواز ليگ ۽ تحريڪِ انصاف جي جهيڙي جو فائدو وٺندي مارشل لا ته نه لڳي پر جناب زرداري صاحب جي حڪومت قائم ٿي وڃي. اسٽيبلشمينٽ لاءِ به ٻنهي وڙهندڙ پارٽين جي ڀيٽ ۾ زرداري صاحب سان سوديبازي ڪرڻ وڌيڪ سولي هوندي. زرداري صاحب اهو چوڻ شروع به ڪري ڏنو آهي ته پي ڊي ايم ۾ شموليت سندن مجبوري هئي. ٿوري وقت کان پوءِ هُو پي ڊي ايم تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪندو ۽ حڪومت کان الڳ ٿي ميدان ۾ مردِ مجاهد ۽ حُر بڻجي لهي پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button