ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پ پ جي گھر موجب ملڪگير اليڪشن ڪرايو – I

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

دستگير ڀٽي

اڄ کان ھڪ سال اڳ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي وزير ااعظم جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ تيرھن مختلف سياسي پارٽين پاڻ ۾ جيڪا ٻڌي ۽ ايڪو ڏيکاريو ان جي نتيجي ۾ مسلم ليگ نواز جو ميان شهباز شريف وزير اعظم بڻجي ويو. وزير اعظم ٿيڻ شرط ھن سمورين اتحادي پارٽين کي وزارتون، صلاحڪار ۽ ٻيا اھم عھدا ڏيئي ڇڏيا جيڪي پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني ٻه سئو کان مٿي آھن. پر اھو به نه وساريو ته ڪرڪيٽ راند جي ھڪڙي نامياري عالمي ليول جي کيڏاري کي ملڪ جي جڏي سڏي جمھوري سرشتي واري پارليامينٽ جو Leader of the house بٹڻائي ڇڏيائون.
انھي حقيقت کي تاريخ پنهنجي رڪارڊ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي ته عمران خان کي چونڊون کٽائڻ جي مقصد سان ماضيءَ واري اسٽيبلشمينٽ نه رڳو چئني صوبن جي ڪروڙين ووٽن سان ھٿ چراند ڪئي پر شگرملز مافيا جي ھڪ وڏي ڪردار جھانگير ترين جي ذاتي ھوائي جھاز وسيلي ڪراچيءَ کان گلگت بلتستان تائين قومي اسيمبليءَ جي چونڊيل ۽”چونڊايل” چنڊن ميمبرن کي ھڪ ننڍڙي جھاز ۾ واڙي، باقاعدي ٻڪرين ۽ رڍن جي ڌڻن جيان لڪ لڪوٽي ۾ اسلام آباد جي پارلياماني لاجز (وي آئي پي ڪمرن ۾) آسودو ڪيائون. اتي مون اکين سان ڏٺو ته ھٿياربند پھريدارن کي اڳ ۾ ئي چؤطرف بيھاريو ويو هو ته جيئن ڪوبه اليڪٽيڊ يا سليڪٽيڊ ميمبر ڪنهن ٻي ڌر ڏانهن کسڪي نه وڃي. اھو ته گذريل سال جي حقيقت جو اکين ڏٺو احوال پر اڄ ھڪ سال لنگھڻ کان اڳ ۾ ئي تيرھن پارٽين جي پي ڊي ايم ۾ اوچتو اھڙا ڏار پئجي ويا آهن جو لڳي ٿو ته ھي ٻڌي ۽ ايڪو جٽادار ثابت نه ٿيندو. صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جن سياسي جماعتن کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين واري اليڪشن ۾ عمران خان جي اميدوارن ھٿان ھارائڻ جو ڊپ آهي تن جا اڳواڻ خاص ڪري شريف خاندان ۽ مولانا فضل الرحمان ھن سياسي ماحول ۾ اليڪشن اليڪشن ھارائڻ جي ڊپ وچان نه رڳو تحريڪ انصاف پر ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت تي به بار بار اھڙا ڇسا بھتان مڙھي ھر صورت ۾ اليڪشن کان ڀاڄ کائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن. ججن ۽ قانوندانن جي زالن جي ٽيليفون تي ٿيندڙ روايتي ڳالھين کي ايئن ٿا بگاڙي پيش ڪن ڄڻ فيصلو ئي ھنن ٻن مائين کي ڪرڻو ھجي!

منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ھي حد کان وڌيڪ بڇڙي سياسي، عدالتي ۽ معاشي صورتحال ان ڪري پيدا ٿي آھي جو چيف جسٽس عمر عطا بنديال ٻه ھفتا اڳ آئين مطابق اعلانيل نوي ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ واري فيصلي تي قائم رهندي، عدالت جي توھين ڪندڙن خلاف ايڪشن نه کنيو جنهن ڪري حڪمرانن جو من وڌي ويو. جيڪڏهن زرداري دور جي وزير اعظم يوسف رضا گيلانيءَ وانگر شھباز شريف کي ائين جي ڀڃڪڙي واري قانون تحت نااهل ڪري ڇڏي ھا ته ڪنهن کي به جرئت نه ٿئي ھا ته سپريم ڪورٽ تي 1994 جيان حملو ڪري سگهي ھا. منهنجي ھن راءِ سان متفق هجو نه ھجو، ايترو ياد رکو ته پاڪستان ۾ ھاڻي مارشل لا يا ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي جرئت ڪنھن به طاقتور اداري يا فرد وٽ ھرگز ناھي.

ھي ساڳيا لفظ ڏھه پندرھن سال اڳ پنهنجي ڪالم ۾ ان وقت لکيا ھئا جڏھن ھڪڙي تڪراري چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري جنرل پرويز مشرف ۽ ان کان پوءِ ٿيل آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي فيصلن کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو ھو ته: “ھنن آئيني حڪمن جي ڪري اسان تي آسمان ڪونه ڪري پوندو. آئون جسٽس منير احمد نه آهيان جو نظريه ضرورت کي قبول ڪري ڇڏيان.”
مٿي مون لکيو آهي ته تيرھن پارٽين جي پيارن پانڌيئڙن جي ٻڌي ۾ ڏار پئجي رهيا آهن ان جو ھڪڙو وڏو ثبوت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت پاران احتجاج جو اعلان ڪرڻ آهي جنهن تان دستبردار ٿيڻ جو فيصلو عسڪري اداري جي اطلاعات کاتي ISPR واري نئين ڊئريڪٽر جنرل شريف چوڌري طرفان سيڪيورٽي فورسز جو اڻ ڌريو ھجڻ ۽ سمورن سياسي پارٽين جي قومي اڳواڻن کي برابري وارو رتبو يا حيثيت ڏيڻ وارو اعلان آھي جيڪو منھنجي خيال ۾ جنرل آصف منير جي سڀ کان اهم چائنا جي پرڏيهي دوري جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، اعلانيو ويو آهي. انھيءَ اعلان ۾ ھاڻي ڪابه ڦير گهير ان ڪري نه ٿي سگهندي جو اربين ڊالرن وارو ڏھه سال پراڻي Silk and belt root واري عالمي خوشحالي لاءِ رٿيل ھي معاشي، سماجي ۽ سياسي استحڪام پيدا ڪندڙ رٿابندي اڄ عرب رياستن خاص ڪري سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ نفرتون ۽ جنگ ختم ڪرائڻ جي لاءِ چيني صدر شي پنگ طرفان سمورين دشمن ڌرين کي ڏاھپ ۽ اڏاوت جو سبق سيکارڻ جي ڪوششن کان پوءِ ٿيل ٺاھه مطابق بين الاقوامي معاهدو ۽ قانون بڻجي چڪو آهي جنهن کي گڏيل قومن جي سرواڻ انتونيو گتريس به گهڻو ساراهيو آهي. رڳو عالمي سامراج کي ھي ٺاھه نه ٿو وڻي ڇاڪاڻ ته سرمائيداري نظام بيٺل آهي جنگ جدل ۽ اربين ڊالرن جي ARMS BAZAAR تي.
پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو صاحب خود پنهنجي پي ڊي ايم سرڪار خلاف احتجاج جا ڪارڻ ٻڌائيندي ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ فرمايو ته؛ اسان جي پارٽي 25 اپريل تي ملڪ گير مظاهرا ڪرڻ جو پروگرام ٺاھي ھي مطالبا مڃرائڻ چاھي پيئي ته رڳو ٻن صوبن بدران چئني صوبن ۾ ھڪ ئي تاريخ تي عام چونڊون ڪرائڻ کپن ڇاڪاڻ ته رڳو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اليڪشن ڪرائڻ سان وڳوڙ پيدا ٿيندو. ھن چيو ته پ پ احتجاج کي ملتوي انھيءَ ڪري ڪيو آهي جو اسين پنهنجو صبر ۽ تحمل ڏيکارڻ چاهيون ٿا ته جيئن گڏيل راءِ سان متفقه فيصلو ڪري سگھجي ۽ سڄي پاڪستان ۾ ھڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي وقت ملي سگهي. فارسي زبان ۾ چوندا آهن ته، “چہ پدی چہ پدی ڪا شوربہ”
(ھلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button