اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي چار ٽي ججن جي فيصلي کي مڃي ٿي ته اها ٽه رڪني بينچ جي فيصلي تحت پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪيئن ڪري رهي آهي؟ ڪٿي حڪومت کي اهو ڊپ ته ناهي ته سپريم ڪورٽ، ڪنهن به وقت اتحادي حڪومت تي زبردست وار ڪري سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ان کي پاڻ سنڀالڻ ۾ وقت لڳي ويندو. ان ڪري، پنهنجو وڪيل به سپريم ڪورٽ ۾ موڪلي ٿي ۽ دليل به ڏئي ٿي. هاڻ ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جون ڳالهين لاءِ ٽيمون به جڙي ويون آهن، جن ڳالهين جا ٻه دور مڪمل ڪري ورتا آهن، پر انهن ڳالهين جو ڪو نتيجو نڪرندي نظر نٿو اچي.
هي ڊپ ڪافي عرصي کان موجود آهي ته ادارن ۾ ٽڪراءُ پنهنجي عروج تي آهي، جيڪا حقيقت به آهي. اقتدار جو ٽڪنڊو، جيڪو اڳ ۾ صدر، وزير اعظم ۽ آرمي چيف تي ٻڌل هوندو هو، ان جو بنياد ئي تبديل ٿي ويو آهي. هاڻ اقتدار جي ٽڪنڊي ۾ وزير اعظم، آرمي چيف ۽ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس نظر اچن ٿا. اڳ ۾ ائين ٿيندو هو ته صدر ۽ آرمي چيف ملي ويندا هئا ته وزير اعظم گهر ڀيڙو ٿي ويندو هو، پر هي راند رڳو آئين جي آرٽيڪل 58 ٽو بي جي حياتي دوران جاري رهي، ان آرٽيڪل جي مرحوم ٿي وڃڻ کانپوءِ صدر به چوڌري ظهور الاهي جهڙو يا رٻڙ اسٽيمپ ٿي ويو. ان سان گڏ آرمي چيف به ڪڏهن صدر سان ملي ويندو آهي ته ڪڏهن وري وزير اعظم جو ساٿ ڏيندو رهيو آهي. ماضي قريب ۾ اسٽيبلشمنٽ، يعني عظيم گهوڙيسوار ۽ وزير اعظم هڪ پيج تي هئا، ان وقت جو وزير اعظم عمران خان چوندو هو ته اسٽيبلشمنٽ ۽ حڪومت ۾ ايترو سرچاءُ آهي، جنهن جو ماضي ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي.آخرڪار ان سرچاءُ ۽ ناني ويڙهي جي خاتمي سان گڏ عمران خان جي جاءِ موجوده وزير اعظم ميان شهباز شريف ورتي. ان سان گڏ بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابيءَ سان گڏ اتحادي حڪومت اقتدار ۾ آئي ۽ اسٽيبلشمنٽ جو رويو به تبديل ٿي ويو،هاڻ اسٽيبلشمنٽ ۽ حڪومت، نئين جوش ۽ جذبي سان هڪ پيج تي آهن،پر عمران خان، ماضي جي اپوزيشن جيان رستا ڪڇي رهيو آهي. هن جي مڙني دانهن ۽ ڪوڪن کي ڪوبه ٻڌڻ وارو ناهي. عدليا جي مڙني ڪوششن جي باوجود، اها عمران خان لاءِ نرم گوشو پيدا نه ڪري رهي آهي. هاڻ ته ايترو خطرو پيدا ٿيو، جو خاص ڪري سوشل ميڊيا ۾ هي افواهه هئا ته يوسف رضا گيلاني جيان شهباز شريف جي موڪل ٿيڻ واري آهي.
وزير اعظم کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ پ پ جي پراڻي جيالي ۽ سينيئر وڪيل خواجا طارق رحيم جون خدمتون حاصل ڪيون ويون، انهن ٻنهي صاحبن، عمران خان توڙي عدليا کي وزير اعظم کي برطرف ڪرڻ جو گس ته ٻڌايو پر ان تي عمل ٿي نه سگهيو. اهي افواهه، افواهه ئي رهجي ويا. ججن جو مورال انتهائي ڊائون ڏسڻ ۾ آيو. ٽن ججن مان رڳو چيف جسٽس ڪجهه رمارڪس ڏنا ۽ ڌرين جي وڪيلن کي ٻڌو، اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ رڳو هي چيو ته عدالت ڪوبه حڪم جاري نه ڪري رهي آهي. صرف آبزرويشن ڏئي رهي آهي. جيڪو به چوڻو هوندو،اهو لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويندو.
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ٻيو نمبر قيادت ڳالهين ۾ رڌل نظر آئي. هڪ طرف پ پ جو اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، اسحاق ڊار ته ٻئي طرف وري فواد چوڌري، شاهه محمود قريشي ۽ وڪيل علي ظفر نظر آيا. ان کان اڳ ۾ جيڪا ڪميٽي پي ٽي آءِ قائم ڪئي، ان تي عمران خان پاڻ بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي. ان کانپوءِ ڪميٽي ۾ شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري کي سامهون آندو ويو، جن مان ملتان جي پير جي خوبي هي آهي ته اهو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو ايڇي سن ۾ ڪلاس فيلو رهيو آهي، جڏهن ته فواد چوڌري به چيف جسٽس سان ويجهڙائپ رکي ٿو. پي ٽي آءِ جي ٽيم به ابتڙن جو اتحاد آهي. شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري جي هڪٻئي سان ڪانه لڳي. ٻئي وري واڳ ڌڻين سان به ويجهڙائپ رکن ٿا، جنهن جو اظهار هو پاڻ ڪندا رهيا آهن. ڪي سياسي پنڊت چون ٿا ته ممڪن آهي ته فواد چوڌري، شاهه محمود قريشي ۽ بيريسٽر علي ظفر تي ٻڌل ڪميٽيءَ جو مشورو ڏنو ويو هجي، ڇاڪاڻ ته بيريسٽر جو والد به واڳ ڌڻين جي اکين جو تارو رهيو آهي ۽ اهو جنرل ضياءَ جي ڏينهن ۾ فوجي آمر سان گهڻي قربت رکندو هو. ان ڪري هن جا خانداني واسطا به واڳ ڌڻين سان آهن.
اتحادي حڪومت جي ٽيم ۾ وري يوسف رضا گيلاني ۽ شاهه محمود قريشي نه فقط ساڳئي علائقي ملتان سان واسطو رکن ٿا، پر ٻئي سياسي مخالف به آهن. هو ڪافي عرصي تائين پ پ ۾ شامل رهيا، پر ٻنهي جا نه فقط هٿ ڊگها آهن، پر هو هڪٻئي سان ٻه ٻه هٿ ڪرڻ جا ماهر آهن.اهڙي صورتحال ۾ جڏهن حڪومت توڙي مخالف ڌر جي ٽيمن جي سياسي ڪيمسٽري هڪٻئي سان ٽڪراءَ ۾ هجي ۽ هو اهڙين سياسي پارٽين سان لاڳاپيل هجن، جيڪي پڻ هڪٻئي کي پسند نه ڪنديون هجن. جيڪڏهن انهن جي سياسي ڪيمسٽريءَ ۾ ٿوري گهڻي ويجهڙائپ هجي ها ته ممڪن آهي ته هو ڪو رستو ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيا پئي.
پي ٽي آءِ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ٿيندي نه ڏسي رهي آهي، جيڪا حقيقت آهي. حڪومتي ڌر چونڊون نه ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان ٽڪر کاڌو آهي. هن ڀيري آرٽسٽڪ طريقي سان حڪومت بدران پارليامينٽ کي سپريم ڪورٽ جي سامهون بيهاريو ويو آهي. يقين سان چئي سگهجي ٿو ته عدليا جي مقابلي ۾ پارليامينٽ وڌيڪ سگهاري ۽ وڌيڪ اختيارن واري آهي. ان ڪري عدالت لاءِ آسان ناهي ته ماضي جيان وزير اعظم کي گهر موڪلي ڇڏي. حڪومت جو موقف آهي ته ايندڙ چونڊون سندن طئي ٿيل فارمولي تحت آڪٽوبر ۾ ٿين، ته جيئن سيپٽمبر ۾ صدر عارف علوي توڙي موجوده چيف جسٽس گهر ڀيڙا ٿي چڪا هجن. ان سان گڏ نئون چيف جسٽس گهڻو ڪري نيوٽرل ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ نئون صدر به اتحادي حڪومت جو ئي هوندو. ان ڪري پي ٽي آءِ لاءِ سافٽ ڪارنر رکندڙ ٻه اهم وڪيٽون ڪري چڪيون هونديون. ان ڪري پي ٽي آءِ جولاءِ ۾ چونڊون چاهي ٿي، جنهن کي حڪومت قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هينئر جيئن ته طاقت جو توازن حڪومت جي حق ۾ آهي ۽ اسٽيبلشمنٽ به حڪومت سان گڏ هجڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي، ان ڪري عمران خان لاءِ ادارن اندر به سافٽ ڪارنر ختم ٿي ويو آهي ۽ اهو ويڳاڻپ جو شڪار آهي.